سعيد اجمل کي اڃان وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو، صرف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ نه پر رپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ به

لاهور(اسپورٽس نيوز)معطلي جي شڪار سعيد اجمل جي ري اسيسمينٽ ٽيسٽ جي رپورٽ جي اچڻ ۾ وڌيڪ هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا، امڪان آهي ته آءِ سي سي آچر تائين رپورٽ جاري ڪري، سعيد اجمل کي اڃان وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو، صرف انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ نه پر رپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ به ان جي ايڪشن جي ري اسيسمينٽ ٽيسٽ جي رپورٽ اڄ به اچڻ جو امڪان ناهي، سڀاڻي کان ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچز شروع ٿينديون، هاڻ ڪنهن به ٽيم ۾ تبديلي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي اجازت کان بغير نه ٿيندي، امڪان آهي ته سعيد اجمل جي ايڪشن جي نئين رپورٽ آچر يا سومر تي سامهون ايندي، سعيد اجمل جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ 24 جنوري تي چنائي ۾ ٿي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *