ساڀيان کان رهجي ويل خواب!؛حامد علي

دنيا جي ترقيءَ ۾ ڀل ته اسان جو ڪو ڳاڻيٽي جوڳو قدم نه رهيو هُجي، پر ٿوري ٿوري ساهيءَ سان اسين دنيا لاءِ تفريح توڙي تجسس جا جيڪي موقعا پيدا ڪندا رهيا آهيون، تن کان ڪنهن کي به انڪار هجڻ نه گهرجي. باني پاڪستان کي علاج لاءِ هڪ نرس ۽ ڊرائيور سوڌو هڪ پراڻي ايمبولينس ۾ ڪوئيٽا موڪلڻ کان وٺي اڍائي جنگين جي بدترين تجربي تائين، پنهنجي ئي ساڄي پاسراٽي جهڙي بنگلاديش جي اڪثريت کان انڪاري ٿيندي کين جدا ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏيڻ کان وٺي بدترين مارشل لائن جي ڀيانڪ ڏهاڙن تائين، هڪ چونڊيل ۽ عوامي وزيراعظم کي جُڙتو ڪيس ۾ ڦاهي ڏيڻ کان وٺي عالمي سطح جي اڳواڻ بينظير ڀُٽو کي اليڪشن مهم جي جلسي جي پُڄاڻي تي پهرين گوليون ۽ پوءِ ڌماڪي سان شهيد ڪرڻ تائين، هن رياست اندر اهڙا منظر جنم وٺندا رهيا آهن، جن نه رُڳو دنيا جي توجه حاصل پئي ڪئي، پر پوري دنيا اُنهن واقعن تي حيران ۽ پريشان پڻ ڏٺي وئي. اُن کان علاوه ويجهي ماضيءَ ۾ تاريخ جي اسڪرين تي ڪي اهڙا به منظر نروار ٿيا جو اُنهن کي ڏسندي دنيا پنهنجي کِل روڪي نه سگهي. لڳ ڀڳ پورو افغانستان جنهن شخص جي ڳولا ۾ اُٿلائي رکيو ويو، سو اسان جي ئي حساس علائقي ۾ سالن کان سُڪون جي زندگي گذاريندو رهيو، ڇا ان کان وڌيڪ پنهنجن ماڻهن سان ڪو ٻيو چرچو ٿي سگهي ٿو!؟

جنرل ايوب، جنرل يحيٰ ۽ پوءِ ضياءَ الحق جا عوام مٿان ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ بنيادي حق گهرندڙن جي نڙيءَ تي ننهن رکڻ وارا عمل ڪنهن horror يا thriller فلم کان گهٽ چئبا؟ فقط پنهنجي اقتدار کي طول ڏيڻ خاطر پرائي جنگ ۾ ٽپي پوڻ جي فيصلي لاءِ پنجن منٽن جي مهلت به نه گُهرڻ ۽ ڪُڏي پوڻ وارن هن رياست ۽ هتي جي ادارن کي ڪٿي وڃي رسايو، سو اوهان اسان جي سامهون آهي. هر طرف بارود جي بوءِ، چچريل ۽ لوٿڙن ۾ تبديل ٿيل لاشا، آهون ۽ دانهون ڪندڙ مائرون ۽ ڀينرون، ڀنڀين ڏاڙهين وارا بيوس ۽ لاچار پيئر ۽ هنيانءُ ڏاريندڙ ايمبولينسن جا سائرن اسان جي شناخت بڻجي ويا. اسين جنهن برق رفتاريءَ سان منفي لاڙن تي هلي رهيا هئاسين، جيڪڏهن اُنهن ۾ پشاور آرمي پبلڪ اسڪول وارو سانحو پيش نه اچي ها، معصوم ٻارڙا مسيحا نه بڻجن ها ته هوند، اسان تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي وڃي ساهه پٽيون ها. اِئين لڳي رهيو هو ته پوريءَ رياست ۾ آدرشن کي موت اچي ويو هجي. اڄ به اسان جا نهايت ئي ساکائتا ادارا سياستزده ٿي ويا آهن، جن تان عام ماڻهوءَ جي من جو ويساهه وارو پکي اُڏامي چُڪو آهي، اُهي ادارا هڪڙن لئه هڪڙا ته ٻين لئه ٻيا معيار رکيو ويٺا آهن. هڪ طرف عام ماڻهو ٻڪري چوريءَ جي ڪيس ۾ پوري ڄمار ڳاريو ڇڏي، ته ٻئي طرف خونن جي ڪيسن ۾ انتهائي گهربل ڏوهاري به پيرول تي آزاد ٿيو، مُلڪ جون سرحدون پار ڪيو وڃن. اِهو سڀ جيڪڏهن ڪروڙين بيوس ماڻهن سان ڀوڳ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ماضيءَ جي اها ڳالهه هاڻ تاريخ جو حصو بڻجي چُڪي آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو، لاڙڪاڻي ۽ لاهور جي فرق جي ڳالهه ڪئي هُئي، جنهن جو پسمنظر اصل ۾ محترمه جي ٻئي ختم ڪيل حڪومت کي عدالت طرفان بحال نه ڪرڻ وارو فيصلو ۽ اُن کانپوءِ ساڳي ئي عدالت طرفان نواز شريف جي حڪومت ڏانهن بحاليءَ جو سنيهو موڪلڻ هو. نه رُڳو ايترو پر ان ڳالهه جي پسمنظر ۾ لاڙڪاڻي سان ئي واسطو رکندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڏنل ڦاهي پڻ هُئي.

اهي سڀ اهڙا منظر آهن، جيڪي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مايوسين جا طوفان اُٿاريندا رهيا آهن. اڄ جيڪڏهن بلوچستان جون حالتون انتظاميا لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن ته اُنهن پٺيان به مايوسيءَ جو هڪ طويل دؤر رهيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي حڪمرانن بلوچن مان مايوسي دور ڪرڻ بجاءِ اُنهن کي سدائين لٺ هيٺ پئي رکيو آهي ۽ هاڻ جڏهن پاڻي سر تائين چڙهي آيو آهي ته سڀني جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن.

عوام جمهوريت جمهوريت ڪريو مريو ٿي ويو، آمريتن جون سختيون اُن انهيءَ خاطريءَ سبب سٺيون هيون ته آمريتن جي خاتمي بعد جُڙندڙ جمهوري حڪومتن کانپوءِ سندن زندگين ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، کين امن سُڪون جي جياپي سان گڏ عزت ڀرئي روزگار جو موقعو فراهم ڪيو ويندو، اُهي صاف شفاف پاڻي حاصل ڪري سگهندا، اُنهن کي صحت جون سهوليتون مهيا ڪيون وينديون ۽ کين پوليس توڙي دهشت مان آزادي ملندي. عوام جا اهڙا خواب، خواب ئي رهيا، اُنهن جي پري پري تائين ساڀيان ڏسڻ ۾ نه آئي، بلڪه جمهوري دؤرن ۾ سندن تڪليفون تهائين اُن وقت وڌي ويون، جڏهن چونڊيل حڪمرانن عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۽ پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ تي سموريون صلاحيتون خرچ ڪيون. نتيجو ڇاهي، اوهين پاڻ هر پاسي ڏسي سگهو ٿا. سندن اهڙين ڪارگذارين سبب وري به اُنهن ئي ادارن جو مورال مٿي ٿيندي نظر اچي ٿو، جن جي پُٺيءَ تي چڙهي هر دؤر جي حڪمران جمهوريتن جي لتاڙ پئي ڪئي آهي. موجوده حڪمرانن کان وٺي اڳوڻن حڪمرانن تائين ميگا ڪرپشن ۾ سندن نالا سرفهرست هُجڻ مان پتو لڳائي سگهجي ٿو ته کين عوام جي اهنجن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ جو ڪيترو لاچار آهي.

اِئين لڳي رهيو آهي ته جڏي سڏي جمهوريتن مان هاڻ ماڻهن جو جيءُ ڀرجي چُڪو آهي يا کين اِهو يقين ڏياريو ويو آهي ته سياسي حڪمران پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي ٺاهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهن! ٻيا سُک ته ٺهيو، هاڻوڪي سڄي رمضان دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو جيڪو آزار رهيو، سو عوام جي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ته هنن حڪمرانن جون ڳالهيون هاٿيءَ جي ڏندن جيئن هونديون آهن، اُهي فقط واعدا ڪري ڄاڻن، اُنهن واعدن کي نڀائڻ سندن ذميواري ناهي هوندي. ڇا پڙهندڙن کان اُهي وچن واعدا ۽ سينو ٺوڪي اِهو چوڻ ته اسان کي اقتدار ۾ اچڻ ڏيو، ڇهن مهينن اندر جيڪڏهن بجليءَ جو بحران ختم نه ٿيو ته اسان جو نالو تبديل ڪري ڇڏجو؟ اِهو ڪجهه چيو هو نه خادمِ عوام، پر ڇا ٿيو؟ ڇا بحران ختم ٿيو؟ يا ڪنهن حڪمران ۾ ايتري اخلاقي جرئت ڏسڻ ۾ آئي جو هُن پنهنجي ڪيل ڪوڙن واعدن تي عوام کان معافي طلبي هُجي. حقيقت هيءَ آهي ته اسان جا حڪمران عوام کي ڪنهن خاطر ۾ ئي ناهن آڻيندا، جنهن ڪري هُنن کي معافي طلبڻ جو لاچار به ناهي سُجهندو. سندن اهڙا رويا ئي غير جمهوري حڪومتن کي موقعو فراهم ڪندا آهن ته هُو اچن ۽ ايندڙ اٺ ڏهن سالن تائين پنهنجو وارو وڄائين. موجوده حالتون به ڪجهه اهڙو ئي ڏس ڏئي رهيون آهن، سو ڏسجي ته مستقبل ۾ ڇا ٿو ٿئي!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *