رد النثار ۽ رد الفساد جا ٻول….!!

پيپلز پارٽي  جي سيڪريٽري اطلاعات مولا بخش چانڊيو چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجيون پاليسون درست ڪري، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي پوري ملڪ جو گهرو وزير بڻجڻ گهرجي، هن وقت حالت اها آهي ته وفاقي حڪومت جا ماڻهو جيڪو  وڻي اهو  ڳالهائين پيا پر کين ڪير به چوڻ وارو نه آهي،  اڳ ۾ سياسي ڪارڪنن جي ڳالهين ۾ علم هوندو هو پر هاڻ سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي هٿن ۾ ڪتاب بجاءِ هٿيار اچي ويا آهن، جيڪا روايت جلد ختم ٿيڻ واري آهي، ڪتاب ڪهڙو به هجي پر ڪتابن سان ئي زمانا بدلجندا آهن ڪنهن انسان کي قتل ڪرڻ جو ڪنهن کي به  حق ناهي، دهشتگرن خلاف سمورين قوتن کي گڏ ٿيڻو پوندو. دهشتگردن سامهون هٿيار کڻڻ بجاءِ دهشتگردي جي سببن تي غور ڪيو وڃي ته حل ڪڍي سگهجي ٿو، هڪ صوبي جا وزير ڪڏهن لڪل ته ڪڏهن اعلانيه طور دهشتگردن جي حمايت ڪن ٿا، جنهن ملڪ ۾ حڪمران ئي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪندا هجن اتي ڪارروائين کي ڪئين روڪي سگهجي ٿو  سڌ حڪومت ۽ پوليس صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، رينجرز جي ڪردار کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻڻ ۽ عوام جون قربانيون به وسارڻ جوڳيون ناهن، ردالفساد جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، نواز شريف سان نه پر سندس پاليسن سان اختلاف آهن، کيس ننڍن صوبن جو ڪوبه خيال نه آهي، هڪ هٽي واري پاليسي سان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙجندو سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر شهباز جي مزار آڏو ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ بيگناهه انساني جانيون ضيع ٿيڻ تي صوبي جا  لکين ماڻهو غمگين آهن، پر وزير اعظم سيوهڻ اچڻ باوجود درگاهه تي نه ويو ۽ شهيدن لاءِ ڪوبه اعلان نه ڪيو وفاقي حڪومت جو جو فيصلو هڪڙو ۽ عمل ٻيو هوندو اهي، فيصلن سان اوهان جي نيت ظاهر ٿئي ٿي، لاحول شيطان کي ڀڄائڻ لاءِ پڙهندا آهيون پر پهرين پاڻ کي شيطان جي چنبي مان آزاد ڪرڻو پوندو، آصف زرداري منهنجو محسن آهي، جنهن مونکي گمنامي واري زندگي کان بچايو،  چوڌري نثار عليءَ جي گجڻ ۽ وسڻ جي ڪا پرواهه نه آهي، چوڌري نثار پنهنجي ڪاميابيءَ تي جھمريون هڻندو ٿو وتي پر اصل ۾ هن ڪجھه به ناهي ڪيو، رد النثار ڪيو وڃي ها ته رد الفساد جي ضرورت نه پوي ها،  الله سائين سڄي پاڪستان ۾ امن امان ڪري، امن جو گهوارو بڻائي، پاڪستان ۾ سياست ڪندو آهيان صوبائيت جي ڳالهه ناهيان ڪندو، وفاقي پارٽي ڪجھه به ڪندي ۽ چوندي وتي ان کي روڪڻ وارو ڪير به ڪونهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *