سي پيڪ تي اولهه جي سازش نظر پئي اچي: نواز شريف

انقره (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشرف چيو آهي ته خطي جون ڪجهه طاقتون سي پيڪ کي سٺو نٿيون سمجهن مخالف صرف ڳالهيون ڪري سگهن ٿا پر نئون نسل عقلمند آهي ۽ ان کي خبر آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي اسان ڪنهن جي به برائي نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ ڪنهن ٻئي کي به پاڪستان جو خيال رکڻ گهرجي ماڻهو پڇن ٿا ته توهان 2018 ۾ بجلي پوري ڪرڻ جو واعدو پورو ڪندا جڏهن ته بجلي پهريان ئي پوري ٿي ويئي آهي دهشتگردي خلاف اسان جو پهه پڪو آهي جنگ نتيجي واري نڪرندي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته موٽر وي جو ڄار وڇي رهيو آهي موٽر وي اڍائي سئو بلين جو اثاثو آهي مختلف منصوبن ۾ 100 ملين بچايا ساڍن ٽن سئو اربن جي بچت جي رستن جي منصوبن ۾ به سرگرم آهيان پاڪستان روانگي کان اڳ ناشتي تي پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو ڪنهن جي به برائي نٿو ڪرڻ چاهي هن چيو ته ڪابل کي اندازو ٿيڻ گهرجي ته اسان ان جا خيرخواهه آهيون افغان حڪومت الزام لاڳو ڪندي رهي ٿي پر اسان ايئن نٿا ڪري سگهون وزيراعظم چيو ته اسان جي خطي جون ڪجهه طاقتون سي پيڪ کي سٺو نٿيون سمجهن هن چيو ته پي ايس ايل جو فائينل لاهور ۾ ئي ڪرائينداسين. دهشتگردي جي خلاف جنگ بابت وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف اسان جو ارادو اٽل آهي ان لاءِ اسان جي اها جنگ ضرور نتيجي واري نڪرندي هن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سموريون پارٽيون گڏجي ڪم ڪن ته جيئن وڌيڪ تيزي سان ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان خنجراب کان چين، افغانستان ۽ قرغستان سان گڏ مواصلاتي رابطا قائم ڪنداسين ۽ ان سان گڏوگڏ ڪابل موٽر وي جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم هلندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *