صاف پاڻي کان محروم سنڌ  : تحرير. شير محمد سولنگي (اچيورس)

پاڻي انسانيت لاءِ جيئڻ جو اهم وسيلو آهي پاڻي کان سواءِ زندھ رهڻ جي وجود جو تصور ئي نٿو ڪري سگھجي . سنڌ جي ڪافي شهر اهڙا آهن جن ۾ جيڪو ماڻهون پاڻي واپرائيندا آهن . اهو جري ناهي هوندو بلڪ اهو نهري هوندو آهي جنهن کي هٿ سان سرڪار خراب ڪيو آهي  ڇاڪاڻ ته انه کي اهو علم به هيو ته هي پاڻي شهن جا شهر واپرائي رهيا آهن تنهن هوندي به انهن غير زميواري جو بهرحال پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي درست آهي، پر سنڌ جا ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن، صرف پيئڻ جي صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ تي اهو چوڻ ته سنڌ جا ماڻهو زندهه ڪئين آهن، ناڪافي هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو انڊس ڊيلٽا جو به آهي، ڪجهه عرصو اڳ اهو معاهدو به ڪيو ويو هو ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو ته جئين هزارين ايڪڙ زمين کي بچائي سگهجي پر هن وقت تائين ان تي به عمل نه ٿي  سگهيو  آهيهڪ طرف سنڌ ڌاري لوڌ جو بار به برداشت ڪري رهي هئي ته مٿان وري سنڌ کي سمورين سهولتن کان به محروم ڪيو ويو آهي، هڪ طرف فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ وڌو پيو وڃي ته ٻي طرف وري اهو ئي زهريلو پاڻ شهرين کي فراهم به ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب ماڻهو چمڙي سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي واهن ۽ شاخن ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ خلاف احتجاج ٿيندا  رهيا آهن پر هن ڀيري جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي جوڙيل ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي صنعت جو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي اهڙي سنجيده معاملي تي ٿورو سوچڻ گهرجي، سنڌ واسين جي مسئلن تي هٿ پير هڻڻ شروع  ڪري ڇڏين ته جئين سنڌ جا ماڻهو  زنده رهي سگهن. جيڪڏهن زهريلي پاڻي جي ڇوڙ کي واهن شاخن ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ته ان جا ڀيانڪ نيجا نڪرندا..

هن وقت به بدين، ٺٽي جي زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، پر وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت سجاڳ نه ٿي ته پوءِ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويندو ۽ ان جو نقصان صرف سنڌ کي ئي ٿيندو. سنڌ جو ٻيو به سڀ کان وڏو مسئلو ڌارين جي لوڌ وارو آهي، هن وقت سنڌ جي ڪامورن جي آشيروارد سان لکين پناهگير سنڌ ۾ ترسيل آهن ۽ آدمشماري به تمام گهڻو ويجهو اچي چڪي آهي، هاڻ اهي ئي ڪامورا جيڪي عوام جي ووٽ ذريعي اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، اهي اهي دانهون ڪري رهيا آهن ته آدمشماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پر اهي ئي ڪامورا ان وقت خاموش هئا جنهن وقت سنڌ جو عوام رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو،مظاهرو ڪندي شهرن جي گترن ج پاڻي واهن ۾ ڇوڙ ڪيو آهي جڏهن اهو معاملو ،ميڊيا تي اٿاريو ويو تسنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي بابت ڳالهائيندي چيو  آهي ته سنڌ جا ماڻهو زهريلو پاڻي پيئن پيا، کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سنڌ جا ماڻهو زندهه ڪئين آهن، جوڙيل ڪميشن صنعتي زون جي زهريلي پاڻي تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، ڪميشن جي اهڙي بيان مان اهو هاڻ ظاهر ٿي ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جيڪي به صاف پاڻي جي لاءِ احتجاج ٿي رهيا هئا، ان تي  صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هن وقت به سنڌجو ڪو اهڙو شهر نه بچيو هوندو، جتي زهريلو پاڻي ماڻهن کي فراهم نه ٿيندو هجي، هونءَ ته سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ جر جو صاف پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي پر شهري علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو نڪري ٿو، جيڪو پيئڻ جي لائق نه هوندوآهي، جنهن سبب شهرن ۾ ماڻهو مٺي پاڻي جا ٽينڪر لهرائيندا آهن، يا وري واٽر سپلاءِ جو پاڻي استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت طرفان صرف اهڙن علائقن کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جن علائقن ۾ ڪو بااثر رهندو هجي يا وري جتي وري ڪنهن ڪاموري جو گهر هجي، انهن علائقن ۾ نه بجلي بند ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪو پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو پيدا ٿيندو  آهي،

هونءَ ته حڪومت طرفان ڪراچي سميت سنڌجي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيترائي پيئڻ جي پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا آهن پر ان باوجود ڪيترائي پلانٽ بند پيل آهن يا وري اهي پلانٽ اهڙن علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جتي غريبب ماڻهو نه رهندا ۽ اهي پلانٽ گهٽ به استعمال ٿيندا آهن پر ان باوجود حڪومت ڪو به نوٽيس نه وٺندي آهيه ان کان پوءِ ان معاملي ۾ سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ھ ججن جي هڪ ٽيم مقرر ڪئي جنهن کي پاڻي پاڪائي ۽ ڇوڙ ٿيندڙ گٽرن جو پاڻي بابت رپورٽ گھري هئي نيٺ اها رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ اها انڪواائري تي ٻڌل رپورٽ ٻڌل هئي ، سا جمع ٿي وئي جنهن کان پوءِ  سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ انڪوائري ڪميشن رپورٽ مڪمل ڪري جمع ڪرائي ڇڏي آهي ،سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ پاڻي ڪميشن هڪ سئو 80 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ ڪٿي به ڊبليو  ايڇ او جي معيار موجب پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي.جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران پيش ڪرايل ڪاغذن کي به رپورٽ جو حصو ٺاهيو ويو آهي .ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۾ انتظامي نا اهلي ۽ غفلت شامل آهي.ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اعتراف ڪري چڪي آهي ته سنڌ ۾ 87 سيڪڙو زير زمين پاڻي کارو ٿي چڪو آهي.  4 سئو 14 جگهن تي سنڌو درياهه ۽ ان جي واهن ۾ نيڪال جو گندو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو آهي .رپورٽ ۾ پاڻي کي بنا ٽريٽمينٽ جي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. ڪميشن جي آڏو پاڻي جي نيڪال جو سنڌ حڪومت اعتراف ڪري ڇڏيو آهي .ذريعن جي موجب آراو پلانٽس جي منصوبن ۾ بدانتظامي ۽ ڪرپشن جي نشاندهي ٿي آهي .پاڻي ڪميشن جي قيام جو سبب بڻجندڙ پٽيشنر شهاب اوستي ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه ۾ مختلف هنڌن تان فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جيڪو پاڻي ڪراچي واسين کي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو پيو وڃي.شهاب اوستي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گندي پاڻي جي استعمال سبب هزارين ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.هن چيو ته ڪميشن جي رپورٽ تمام گهڻي ڇرڪائيندڙ آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي نا اهلي ۽ بد انتظامي شامل آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *