جهرڪ ملاڪاتيار پل جو افتتاح ۽ پ پ چيئرمين جو خطاب

بلڙي شاهه ڪريم تعلقي ۾ واقع سنڌو درياءَ تي ساڍا چار ارب رپين جي ماليت سان تعمير ڪيل سر آغا خان جهرڪ ملاڪاتيار پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي اڳتي وڌي رهي آهي، پ پ 2018 جي اليڪشن جي تياري ڪري پئي، آئون ۽ منهنجو والد آصف علي زرداري وچين مدي وارين چونڊن کان پوئتي نه هٽيا آهيون پر پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي جا منتظر آهيون، ان جي اچڻ بعد اوهان اسان ٻنهي پيءُ ۽ پٽ کي پارليامينٽ ۾ ڏسندا، سر آغآ خان پل جي تعمير سان ڪراچي، بدين، ٽنڊومحمدخان، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، سوين ميلن جي مفاصلي جي گهٽتائي ٿيندي. نيشنل ايڪشن پلان تي ان جي روح مطابق عمل ناهي ٿي رهيو، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، اسان جي پهرين دفاعي لائيٽ ثقافت آهي، اسان کي پنهنجي ڪلچر کي اجاگر ڪرڻو آهي، پ پ ملڪگير پارٽي آهي، پ پ جا دروازا سڀني جي لاءِ کليل آهن. سنڌ صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ ڌرتي آهي، هتي دهشتگردي جي ڪابه گنجائش نه آهي، سنڌ ۾ وڌيل دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت سخت قدم کنيا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي، هن وقت رڳو سنڌ جو نه پر پوري پاڪستان جو عوام تڪليف ۾ آهي، انهن جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ اسان ٻين ترقياتي منصوبن کان علاوه هن پل جهڙا هيوي منصوبا مڪمل ڪري رهيا آهيون. هي پل سنڌ جي عوام ۽ خاص ڪري لاڙ جي عوام لاءِ تحفو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت جي تعريف ڪندي چيو ته انهن جي ڪوششن سان هي پل جلد مڪمل ٿي آهي. سيوهڻ سانحي جي شهيدن جي لاءِ افسوس جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اهو بدترين دهشتگردي جو واقعو هو، جنهن سان سوين معصوم انسانن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيون،

وڏي وزير مراد علي شاهه جوچوڻ هو ته سر آغآ خان پل حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويو آهي. اسان جي حڪومت 2 ميگا پروجيڪٽ مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ ٻه وڏيون پلون شامل آهن. هن روڊ کي ڪراچي سان ملائينداسين ۽ جلد حيدرآباد-ٽنڊومحمدخان روڊ جو ڪم به شروع ڪيو ويندو. جيڪو 2018 جي اليڪشن کان پهرين مڪمل ڪيو ويندو. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي تعليم، صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون، جن لاءِ اسان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيون پيا. هي پروجيڪٽ ساڍا چار ارب رپين جي ماليت جو پروجيڪٽ آهي، هي پل پاڪستان جي ڊيگهه ۾ سڀني کان وڏي پل آهي، جنهن جي کلڻ سان لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *