مارچ ۾ ٿيندڙ ڇهين ملڪي آدمشماري ان جي اهميت ۽ سنڌ جا خدشا….!: منصور خاصخيلي

اقوام متحده جي عالمي قانون ۽ ملڪي آئين موجب آدمشماري هڪ آئيني گهرج آهي، جيڪا اصولي طور هر ڏهين سال ٿيڻ لازمي آهي ڇاڪاڻ ته آدمشماري جي بنياد تي ئي پارليامينٽ قومي صوبائي ۽ سينٽ جي سيٽن، تڪبندين ۽ وفاق ۾ وسيلن جي ورڇ جو تعين ٿيندو رهيو آهي، پر ملڪ ۾ گذريل 18 سالن کان مختلف بهانا ڪري آدمشماري کي ملتوي ڪيو ويندو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هتي وفاق ۾ طاقت جو توازن هميشه ئي وڏي صوبي پنجاب جي حق ۾ رکڻ لاءِ آدمشماري کي سياسي حربي ۽ چال طور استعمال پئي ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ائين تقريبن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وفاق مسلسل آدمشماري ملتوي ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه جو سياسي، معاشي استحصال پئي ڪيو آهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ پهرين آدمشماري 1951ع ۾ ڪئي وئي هئي، جنهن موجب ملڪي مجموعي آبادي پنجهتر ملين هئي، جنهن ۾ 42 ملين مشرقي پاڪستان بنگال جي آبادي هئي ۽ 33.7ملين مغربي پاڪستان سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جي گڏيل آبادي هئي، جنهن کانپوءِ ٻي ملڪي آدمشماري 1961ع ۾ ڪئي وئي، جنهن موجب ملڪي آبادي 93 ملين هئي، جنهن ۾ 42.8 ملين مغربي ۽ 50 ملين مشرقي پاڪستان جي آبادي هئي، جنهن بعد ملڪي ٽي آدمشماري هڪ سال جي تاخير بعد 1972ع ۾ ملڪ ٽٽڻ، بنگال جو پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد ٿي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي آبادي 65.3 ملين هئي. جنهن بعد ملڪي چوٿين آدمشماري 1981ع ۾ ٿي جنهن موجب ملڪي آبادي 83.82ملين هئي ۽ جنهن بعد آخري آدمشماري ستن سالن جي تاخير بعد 1998ع ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ آئيني ۽ اصولي طور 2008ع ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي ها جيڪا نه ٿي جنهن بعد وفاق مسلسل بهانا بڻائي آدمشماري ملتوي ڪندو رهيو، جڏهن ته ماضي ۾ به آدمشماري جي مرحلن دوران انجنيئرڊ طريقي سان نتيجا مٽائي وفاق محڪوم قومن جي حقن تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي. آدمشماري کي پنهنجي مقرر وقت تي نه ڪرائڻ، ملتوي ڪرڻ ۽ پراڻن انگن اکرن تحت آدمشماري ڄاڻائي وسيلن جي ورڇ ڪري محڪوم قومن سنڌين ۽ بلوچن کي پنهنجي حقن کان محروم پئي رکيو ويو آهي. پر نيٺ آدمشماري جي ڊگهي تاخير جو سنجيده نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد وفاقي سرڪار 18 سالن بعد 15 مارچ 2017ع تي ملڪي ڇهين آدمشماري ڪرائي پئي، جنهن تي ٽئي وفاقي وحدتون، سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ته متفق آهن پر بلوچستان ان تي پنهنجا سخت خدشا ڏيکاريندي چيو آهي ته بلوچستان مان ڌاريا ڪڍڻ کانپوءِ ئي آدمشماري ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ غيرقانوني ترسيل ڌارين خصوصن افغانين کي جيڪڏهن آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويو ته پوءِ اصل ڌرتي ڌڻي بلوچ پنهجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ شمار ٿي پنهنجو قومي وجود وڃائي ويهندا. توڙي جو اها به حقيقت آهي ته ڌاريا رڳو بلوچستان جو ئي مسئلو ناهن پر اوترو ئي يا اڃان ان کان به وڌيڪ سنڌ لاءِ اهو اهم ۽ حساس مسئلو آهي، تاريخ گواهه آهي ته ورهاڱي کان وٺي سنڌي  هميشه ڌارين جي غير قانوني سنڌ ۾ آبادڪاري جي خلاف جدوجهد ڪندا رهيا آهن. 1947ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري جاري آهي، جنهن سان ڌرتي ڌڻين جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آهي پر انهن خدشن، احتجاجن ۽ اعتراضن کي اسلام آباد  هميشه اڻ ٻڌو ڪري مسلسل نظرانداز پئي ڪيو آهي، سنڌ ۾ ورهاڱي کان وٺي مسلسل ٿيندڙ ڌارين آباد ڪاري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڊيموگرافي ۽ امن امان کي سخت متاثر ڪيو آهي،

سرد جنگ جي زماني کان وٺي افغانستان ۾ جنگ ڪارڻ افغانين جي لڏ پڏاڻ سبب لکين افغاني پناهگيرن جي سنڌ ۾ آمد سبب هڪ طرف سنڌ جي درالحڪومت ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن جي آبادي جي توازن کي سخت متاثر ڪيو آهي، ٻي طرف ڌارين آباد ڪاري جو اهو نه بند ٿيندڙ  سلسلو جاري آهي. خصوصن پختوان خواهه ۽ ملڪ جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ عسڪري آپريشنن سبب انهن علائقن مان ڌارين جي ٿيل لڏپلاڻ سبب سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري اڄ به تيزي سان جاري آهي. غير قانوني ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ جو صدين کان قائم مذهبي رواداري وارو سيڪيولر ڪلچر سخت متاثر ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته  ڌارين آباد ڪاري مذهبي انتهاپسندي دهشتگردي ۽ فرقي واريت جي عنصر کي به سنڌ ۾ کڻي آئي آهي، جنهن ڪارڻ صوفين ۽ امن جي ڌرتي سنڌ جي صوفي بزرگن جي مزارن لال شهباز سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن تي ڌاريا خودڪش حملا ۽ دهشتگردي جو ڪاروايون ڪري بي گناهه معصوم ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. ڌارين آبادڪاري سبب سنڌ  ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي، ساڳي ئي وقت ان عنصر ڪارڻ سنڌ ۾ فرقيوانا دهشتگردي به ٿي رهي آهي، انتهاپسندي ۽ فرقيورايت سان گڏ ڌاريا سنڌ ۾ منشيات ڦهلائڻ ۾ به ملوث آهن ته امن امان کي به سخت متاثر ڪيو اٿن. ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سڄاڻ ڌرين ۽ خصوصن قومپرست تحريڪ طرفان تحريڪون هلنديون ۽ مطالبا ٿيندا رهيا آهن، پر انهن تي وفاقي سرڪار ڪو به ڪو ڌيان ناهي ڌريو. آدمشماري ۾ سنڌ ۾ ڌارين کي شامل نه ڪرڻ غيرقانوني رهندڙ ڌارين جي الڳ ڳڻپ ڪرڻ ۽ ڌارين کي ڪڍڻ ۽ ان مسئلي تي الڳ قانونسازي ڪرڻ کانسواءِ نه صحيح شفاف آدمشماري ٿيندي نه وري سنڌ سميت ملڪ مان دهشتگردي ۽ لاقانونيت جو مڪمل خاتمو اچي سگهندو.

آدمشماري جي تازن ڄاڻايل ضابطن موجب جن ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هوندا، اهي ئي ڳڻپ ۾ شامل ٿي سگهندا ۽ جڏهن ته اها ڳالهه به وائکي ٿي چڪي آهي ته  50 لک غيرقانوني رهندڙ پرڏيهي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي چڪا آهن، تن کي به ڳڻيو ويندو، انهن پرڏيهين کي ڳڻپ ۾ شامل ڪرڻ سان هڪ ته کين پاڪستان جو شهري سمجهيو ۽ تسليم ڪيو ويندو ۽ ٻيو ته اهي جيئن ته ڌاريا آهن، ٻين ملڪن کان آيل آهن، تنهنڪري اهي ٻولي خاني ۾ لازمي آهي ته ”سنڌي“ نه لکرائيندا، جيڪا سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهون کي لکرائڻ گهرجي. انهن ڌارين جا جعلي ڪارڊ رد ڪرڻ ۽ ڌارين جي نيڪالي خلاف سنڌي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان احتجاج ڪري ۽ سخت خدشن جو اظهار ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته سرڪاري طور اهو به مڃيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ 30 لک کان مٿي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل ئي ڪونهن هاڻ جڏهن باقي ٿورو عرصو وڃي بچيو آهي آدمشماري ڪرائڻ ۾ ۽ سنڌ حڪومت ۽ نادرا کي گهرجي ته موبائل ٽيمون موڪلي سنڌ جي ڪچي، ڪوهستان، ٿر سميت ٻهراڙين جي  سمورن علائقن جي مقامي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ وقت سر اعلانانيل آدمشماري کان اڳ ۾ ٺاهيا وڃن ڇاڪاڻ ته آدمشماري ۾ ڳڻپ لاءِ شناختي ڪارڊ کي لازم قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن 30 لک مقامي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ اعلانيل آدمشماري کان اڳ نٿا ٺهن ۽ سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ ڌارين غير ملڪين جا ڪوڙا ٺهيل شناختي ڪارڊ رد نٿا ڪيا وڃن يا سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ ڌارين جي الڳ ڳڻپ نٿي ڪئي وڃي ته پوءِ اها سنڌ ۽ سنڌين سان تمام وڏي ناانصافي ۽ ويساهه گهاتي هوندي ۽ اهڙي آدمشماري سنڌ جي حقيقي آبادي جي ڳڻپ  ظاهر ڪرڻ کا قاصر هوندي. اهڙي ڪنهن به غير شفاف آدمشماري کي سنڌي قوم قبول نه ڪندي جنهن سان سنڌين کي پنهجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ ڏيکاريو وڃي. سنڌ ۾ لکين غير قانوني ترسيل ڌارين جي موجودگي ۾ شفاف آدمشماري نٿي ٿي سگهي. حڪومت پاران اعلانيل 15 مارچ 2017ع کان شروع ٿيندڙ آدمشماري کان اڳ سنڌ ۾ غير قانوني ترسيل ڌارين جي الڳ رجسٽريشن ڪري انهن کي آدمشماري جي دوران ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي. سنڌ مان جيستائين ڌارين آبادي کي نيڪالي نه ڏني ويندي، ان وقت تائين سنڌ ۾ شفاف آدمشماري ممڪن نه آهي. سنڌ ۾ ترسيل لکين غير قانوني ڌارين کي نادرا پاران رشوت وٺي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن، پر افسوس جو مقام اهو آهي ته سنڌ ۾ لکين سنڌي ماڻهن جا شناختي ڪارڊ نه ٺاهي ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ سنڌي زبان ئي اڪثريتي ڳالهائي وڃي ٿي ان سان گڏ سنڌ جي قديم آبادي جا رهاڪو گهرن ۾ سرائيڪي، بروهڪي، ڊاٽڪي، مارواڙي، ٿري، بلوچي، اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڳالهائين ٿا. ٿيندڙ آدمشماري ۾ انهن مختلف ٻوليون ڳالهائندڙن کي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ٻولي لکرائي سنڌ سان نمڪ حلالي ڪري ڌرتي سان وفاءُ جو ثبوت ڏيڻ کپي. بدقسمتي سان آمر ضيا دور جي ٺاهيل هڪ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم مهاجر قوم جي کوکلي غير منتطي تصور تي رجعت پسند سياست ذريعي اردو ڳالهائيندڙن کي اڄ به گمراهه ڪري رهي آهي، ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ظاهر ڪرائڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين کي سنڌين ۾ ضم ٿيڻ کان روڪي رهي آهي. 70 سالن کان سنڌ ۾ آباد اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهن، جيڪي آدمشماري جي مرحلي دوران پاڻ کي سنڌ جو حصو سمجهي سنڌي طور ڳڻپ ۾ شامل ٿين. آدمشماري ۽ گهر شماري واري مرحلي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ سنڌين کي پاڻ ملهائڻو پوندو. سنڌ ۾ سياسي، سماجي تنظيمون، سول سوسائٽي، اديب، دانشور، صحافي، استاد، شاگرد سميت هر باشعور سنڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سنڌي ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهميت ۽ نتيجن بابت جاڳرتا پيدا ڪري پنهنجي قومي وجود جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گهر گهر سنڌي ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ آدمشماري جاڳرتا مهم کي تيز ڪرڻ سان گڏ انهن کي معلومات ڏني وڃي ته هڪ شادي شده جوڙو هڪ الڳ خاندان آهي، هڪڙي گهر ۾ جيترا شادي شده جوڙا آهن اهي جدا جدا خاندان آهن،  سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي آدمشماري جي مرحلي دوران ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائڻ لاءِ سمجهايو وڃي. سنڌ جي سمورن ساڃاهه وند ماڻهن سميت هر باشعور سنڌي تي اهو قومي فرض عائد ٿئي ٿو ته آدمشماري ۽ گهر شماري جي مرحلن دوران عوام ۾ سجاڳي ۽ آدمشماري ڪندڙ ٽيمن تي سخت نگراني رکي وڃي ته جيئن سنڌ دشمن عنصرن کي سنڌي جي قومي وجود سان هٿ چراند کان روڪي سگهجي.

khaskheli.mansoor17@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *