لڳي نٿو ته پانامه ڪيس جو فيصلو شريفن خلاف ايندو: بلاول ڀٽو زرداري زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ آتش کان منهن ڏيڻ لاءِ موثر حڪمت عملي واضح ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته ماڻهن جي لاءِ محفوظ زندگي کي يقيني بڻائي سگهجي صدر اها ڳالهه بلڊنگ ڪوڊ آف پاڪستان 2016 جي آتشزدگي کان بچاءُ بابت قلمن جي جاري ٿيڻ جي تقريب کي خطاب دوران ڪئي ان موقعي تي وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۽ وڌيڪ به خطاب ڪيو ڪي پي ڪي جي گورنر اقبال ظفر جڳهڙا به ان موقعي تي موجود هو صدر چيو ته قدرتي آفتن ڪنهن به وقت ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته وقت سر حفاظتي قدم ۽ ان تي بهتر طور تي عملدرآماد ذريعي نقصانن کان بچي سگهجي ٿو ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي هن چيو ته عوامي هنڌ تجارتي ۽ صنعتي يونٽس ۽ رهائشي علائقن ۾ آتشگي سميت هر قسم جي هنگامي صورتحال کان منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي انتظام جو اهتمام ڪرڻ بهتري طريقيڪار آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ آتشزگي کان بچاءُ جي انتظامن ۾ انعقات آيو آهي ۽ آفيسن صنعتي يونٽن ۽ عمارتن ۾ آتشزگي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف قيمتي جانين جو نقصان ٿيو پر وڏا مالي نقصان به ٿيا صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل پاران سمورن شريڪ ٿيندڙن جي تعاون سان گڏيل قانوني فريم ورڪ جي تياري کي ساراهيو جيڪو آتشزدگي جهڙن واقعن جي روڪٿام ۽ ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو صدر چيو ته ڪوبه قانون يا ضابطو موثر ثابت نه ٿي سگهندو جيستائين ان کي مقامي حالتن ماحول ۽ دستياب سهولتن کي مدنظر رکي نه بڻايو وڃي. نئين قانونسازي ۾ مقامي حالتن کي مدنظر رکيو ويو اهي جنهن سان ان جي ڪاميابي يقيني آهي. صدر نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل سمورن واسطيدار ادارن ۽ ماڻهن کي انهن قلمن جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *