تعليم لاءِ پتوڙيندڙ آسو ٻائي سان وڏيرن جو انتقام شروع

 

تعليم لاءِ پتوڙيندڙ آسو ٻائي سان  وڏيرن جا وڏيرا پاڙڻ وارا انوکا طريقا ۽ انتقام وٺڻ شروع ٿي ويا، بودر فارم پوليس ڪمدار ڪندي آسو ٻائي جي سئوٽ 45 ورهين جي پونجو عرف ارجڻ کي ڊگڊگي مشين جي چوري الزام ۾ گرفتار ڪري رمانڊ وٺي ڇڏيو آهي، فريادي نياز محمد دلواڻي پونجو ڪولهي ۽ ڀٽو ڪولهي تي مشين ۽ پائيپ چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، بودر فارم پوليس موجب پونجو مل ڀيل جو رڪشو واردات ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس علي محمد ۽ مبارڪ دلواڻي کي به گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن آسو ٻائي ميڊيا کي ٻڌايو ته پونجو مل  ڪولهي سندس سئوٽ آهي گذريل 7 ڏينهن کان پونجو ڪولهي جو خاندان فاقاڪشي جو شڪار آهي ۽ ڪوبه انهن جي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڪونهي، هن ٻڌايو ته ڪوڙو چوري جو الزام مڙهي منهنجي سئوٽ کي ڦاسايو ويو آهي، وڏيرا هرو ڀرو اسان کي تنگ پيا ڪن ۽ پريشان ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اصل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ پوليس بي گناهه پونجو ڪولهي کي گرفتار ڪيو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اعليٰ اختياريون هن معاملي جي جانچ صحيح نموني ڪرائي اصل حقيقتن کي وائکو ڪن ۽ تعليم لاءِ پتوڙيندڙ آسو ٻائي کي تحفظ فراهم ڪن ته جيئن آسو ٻائي پاران شروع ڪيل تعليم سان غريب طبقي جا ٻار پڙهي سگهن ۽ آسو ٻائي کي مختلف طريقن سان پريشان ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به نيڪ ڪم ڪندڙن آڏو رڪاوٽ نه بڻجي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *