بلدياتي چونڊن لاءِ جُڙندڙ نيون سياسي صف بنديون؛واحد پارس هيسباڻي

اسان وٽ جڏهن به اليڪشن جو موقعو ويجهو ايندو آهي ته نيون سياسي صف بنديون جُڙڻ شروع ٿي وينديون آهن. جتي ڪيترائي پراڻا اتحادي گڏجي ويندا آهن اتي ڪيترائي نوان اتحاد پڻ جڙندا آهن. هر ڌر جي پوري پوري ڪوشش هوندي آهي ته اليڪشن ۾ اُها ئي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي. ڊگهي انتظار کانپوءِ هاڻي جڏهن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو ماحول جڙڻ شروع ٿيو آهي ته ان حوالي سان سرگرمين ۾ به جيئن پوءِ تيئن تيزي اچي رهي آهي. هڪڙيون ڌريون ته اهڙيون آهن جيڪي سنڌ ۾ ووٽ بئنڪ  رکن ٿيون ۽ ٻيون ڌريون اهڙيون آهن جن جا سنڌ ۾ ته تمام گهٽ ووٽ آهن پر اُهي ٻين صوبن ۾ ووٽ رکن ٿيون. هن موقعي تي ووٽ بئنڪ رکندڙ ۽ نه رکندڙ ڌريون حڪومت مخالف ايجنڊا تي وسيع پئماني جو اتحاد جوڙي اقتداري معاملن ۾ اڳڀرائي ڪنديون آهن ۽ ان ذريعي حڪومت مٿان پريشر وڌائينديون آهن.  بلدياتي چونڊن جو موقعو جيئن جيئن ويجهو اچي رهيو آهي پاڻ وٽ تيئن تيئن ماحول گرم ٿي رهيو آهي ۽ رابطن ۽ ڳالهين جا نوان دور هلي رهيا آهن. اليڪشن جي موقعي تي خاص ڪري مسلم ليگ جي مختلف ڌڙن جون سرگرميون ڏسڻ وٽان هونديون آهن ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿي وينديون آهن جيڪو هينئر به نظر اچي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن ڀيري فنڪشنل ليگ اڳيان اڳيان آهي ۽ اُها بلدياتي چونڊن جي حوالي سان نه رڳو مسلم ليگ جي انهن ڌڙن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي جيڪي سندس هم خيال آهن. پر قومپرستن سميت حڪومت مخالف ٻين پارٽين کي به گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان حوالي سان تازو فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سيد صدر الدين شاهه جي حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه کي وڏي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ مخالف ڌرين جو گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته ان اتحاد ۾ نه رڳو مسلم ليگ جي مختلف گروپن کي شامل ڪيو ويندو پر قومپرست جماعتن کي به شامل ڪيو ويندو. فنڪشنل ليگ جي صوبائي صدر سنڌ ۾ ٿيل نئين تڪبندين تي به پنهنجا تحفظات ڏيکاريا آهن. اڳوڻي صدر پرويز مشرف بابت سندس چوڻ آهي ته هن جي چونڊ وڙهڻ تي پابندي لڳل آهي، جيستائين هو انهيءَ معاملي کان آجو نه ٿو ٿئي، تيستائين ڪا به ڳالهه چوڻ وقت کان اڳ آهي.هڪ طرف فنڪشنل ليگ اهڙي قسم جو گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف ٻيون ڌريون به اهڙي ڪوشش ۾ مصروف آهن، جن ۾ ڪافي ڏينهن کان مشرف جو نالو به ٻڌجي رهيو آهي ته سندس سرواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي مختلف ڌڙن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. مسلم ليگ ن، تحريڪ انصاف ۽ قومپرست جماعتن بابت به اهي خبرون سياسي مارڪيٽ ۾ گردش ڪري رهيون آهن ته اهي   پڻ بلدياتي چونڊن ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي حساب سان اتحاد جوڙڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن. ٻئي پاسي پيپلزپارٽي به ان صورتحال کي سامهون رکندي پنهنجي حڪمت عملي جوڙڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. بلاول ڀٽي جي سياسي سرگرمين ۾ آيل هن اضافي کي بلدياتي چونڊن واري ان پس منظر سان به ڳنڍيو پيو وڃي. چيو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي نه رڳو سنڌ ۾ ساڳي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿي پر پنجاب ۾ به اها ڪسر ڪڍڻ چاهي ٿي، جيڪا گذريل عام چونڊن دوران رهجي وئي. جنهن جي نتيجن کانپوءِ ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته شايد پنجاب مان پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي نه صرف پارٽيءَ جو چيئرمين پر شريڪ چيئرمين به پنجاب تي گهڻو فوڪس ڪري رهيو آهي، سندن ڪوشش ڪئي آهي ته پنجاب مان گهٽ ۾ گهٽ ايتريون سيٽون ضرور حاصل ڪجن جو اُهو ثابت ڪري سگهجي ته اُتي پيپلزپارٽي جو اثر اڃان تائين موجود آهي. جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي کي هڪڙو وڏو چئلينج پنجاب سان واسطو رکندڙ سينئر پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان پارٽي ڇڏڻ وارو به آهي پر جهڙي نموني بلاول ڀٽو سرگرم نظر اچي رهيو آهي ۽ ناراض اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ناراضگيون ختم ڪري کين پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي ان کي ڏسي ان ڳالهه جا امڪان گهڻا آهن ته هن صورتحال تي ڪنٽرول ٿي ويندو. اهو به ممڪن آهي ته پارٽي ڇڏي ويلن کي راضي ڪري وري پارٽي ۾ واپس آندو وڃي يا وري انهن جي جڳهه تي انهن سينئر اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي موقعو ڏنو وڃي جن کي هينئر تائين نظرانداز ڪيو پئي ويو آهي ۽ انهن جي ذريعي پارٽي کي مضبوط ڪيو وڃي.  جهڙي نموني فنڪشنل ليگ، نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ قومپرست جماعتون سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد جوڙڻ لاءِ سرگرم آهن اهڙي نموني پيپلزپارٽي وري پنجاب ۾ نواز ليگ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي. ان حوالي سان سندس اتحادي ڌر ق ليگ پيش پيش آهي ۽ ڪجهه ٻين ڌرين سان به سندن رابطي جا سلسلا ٻڌجي رهيا آهن. هن سموري محنت جو رنگ ڪهڙو سامهون اچي ٿو، اهو ته اڳتي هلي ڏسڻو آهي، بهرحال محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته هن ڀيري واريون مڪاني چونڊون ڏاڍيون دلچسپ هونديون جن ۾ هڪڙا ته اُهي ئي نتيجا اچڻ جي توقع آهي جيڪي سالن کان ايندا رهيا آهن. جڏهن ته ڪجهه جاين تي سخت مقابلو ٿيڻ جا امڪان پڻ آهن. اسان وٽ قومپرستن جي حوالي سان جيڪو اهو تاثر عام ڪيو ويو آهي ته اُهي يونين ڪائونسل جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن پر هن ڀيري  جيڪو ماحول آهي ۽ قومپرست جهڙي نموني مسلسل محنت ڪري رهيا آهن اُن کي ڏسي اهي امڪان به آهن ته شايد هن ڀيري ڪجهه  سيٽون هي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿين. اصل ۾ ان پٺيان هڪڙو وڏو سبب اقتداري پارٽي طرفان سنڌ جي عوام سان پنهنجو تعلق گهڻو ڪري ڪٽي ڇڏڻ به آهي. سنڌ ۾ عوام جن حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جنهن صورتحال مان گذري رهيو آهي اُهو اسان سڀني جي سامهون آهي جڏهن ڊگهي انتظار جي باوجود ماڻهن جي دردن جي دوا نه ٿيندي آهي ته اُهي ٻيو معالج ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهڙي صورتحال مخالفن کي فائدو ڏيندي آهي. پهرين ڳالهه ته پيپلزپارٽي کي ان سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو ته سنڌ جا ماڻهو صرف ۽ صرف هن سان گڏ آهن پوءِ ڀلي انهن کي رليف ڏجي يا نه. هن وقت صورتحال گهڻي تبديل آهي. سوشل ميڊيا جي هن وٺ پڪڙ واري دور ۾ خاص ڪري نوجوان نسل جا ذهن به گهڻي حد تائين تبديل ٿي ويا آهن، ان ڪري انهن سمورين زميني حقيقتن کي سامهون رکڻو پوندو. جيڪڏهن پيپلزپارٽي اهو سمجهي ٿي ته ماڻهن کي ڪجهه به نه ملندو پوءِ به اُهي پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنن تي کيس ووٽ ڏيڻ لاءِ ڊوڙندا ايندا ته اهو مشڪل لڳي رهيو آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ ساڳي اڪثريت گهرجي ٿي ته کيس عوام ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو ۽ ان جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا. ايندڙ مڪاني چونڊون سنڌ جي حڪمران پارٽي لاءِ هڪ وڏي آزمائش آهن جنهن مان پار پوڻ لاءِ کيس عوام ڏانهن ڌيان  ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو جيڪو پارٽي کي ماضي وارو پراڻو عروج واپس ڏيارڻ لاءِ ميدان تي لٿو آهي ان کي پنجاب سان گڏ سنڌ طرف به ڌيان ڏيڻو پوندو.ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اقتداري پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ هي جيڪي نوان اتحاد جڙڻ جون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، انهن کي غير اهم نه سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن فنڪشنل ليگ قومپرستن سان گڏ سنڌ ۾ ووٽ بئنڪ رکندڙ پ پ مخالف سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ۽ هي اتحاد جڙي پوي ٿو ته اُن جا اثر ضرور سامهون ايندا. هن وقت متحده ۽ پ پ ۾ به تعلقات ڪي گهڻا بهتر ناهن. ٽيليفون اٽينڊ ڪرڻ، نه ڪرڻ واري معاملي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو آهي جيڪڏهن ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ نئين جڙندڙ حڪومت مخالف اتحاد ۾ متحده به شامل ٿي وڃي ٿي ته پ پ لاءِ سياسي ميدان تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون سامهون اچي وينديون. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نئين جڙندڙ حڪومت مخالف اتحاد ۾ ڪير ڪير شامل ٿئي ٿو ۽ حڪمران پارٽي ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ٿي.

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *