سريلنڪا خلاف کيڏجندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم پهرين اننگ ۾ 215 رنسن تي ڍير

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف کيڏجندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم پهرين اننگ ۾ 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته خراب موسم جي ڪري جڏهن ٽئين ڏينهن جي راند شروع ٿي ته سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهي ورتيون هيون. سريلنڪا جي پاليڪيلي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏجندڙ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند خراب موسم جي ڪري مقرر وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي. ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 5 رانديگرن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، جنهن کان پوءِ آءِ لينڊرن کي مهمان ٽيم تي 291 رنسن جي سرسي ملي وئي هئي، ۽ ان جون وڌيڪ 5 وڪيٽون بچيل هيون. سريلنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز 77، جڏهن ته دنيش چنديمل 39 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. اپل ٿرنگا 48 جڏهن ته جهان مبارڪ 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان ياسر شاهه ۽ راحت علي 2،2 جڏهن ته احسان عادل هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي اڻ مڪمل پهرين اننگ 209 رنسون 9 رانديگر آئوٽ تي شروع ڪئي ته سرفراز احم 72 ۽ عمران خان ڪنهن رنس کان سواءِ ڪريز تي موجود هئا، پر صرف 6 رنسن جي واڌ کان پوءِ عمران خان ڪلين بولڊ ٿيو. پاڪستان طرفان سرفراز احمد 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته اظهر عليءَ 51 رنسون ٺاهيون هيون، سرفراز احمد ۽ اظهر علي کان سواءِ ڪو به رانديگر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيو. سريلنڪا طرفان پرساد، پرديپ ۽ ڪُشال 3،3 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته پاڪستان 7 سريلنڪا وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز هڪ هڪ سان برابر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *