برڪس ملڪن جي سربراهه اجلاس جو پڌرنامو ۽ پاڪستان جو چٽو موقفق….!

برڪس ملڪن جي اجلاس جي گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو، دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث، ان جو انتظام ڪرڻ يا حمايت ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. اسان امن، ترقي ۽ سهڪار لاءِ متحد آهيون ته جيئن عوام جي حياتي بهتر بڻائي سگهجي، ان لاءِ سهڪار وڌايو ويندو. مالي ادارن ۾ سهڪار ڪيو ويندو. دهشتگردن جي مالي امداد ۽ مني لانڊرنگ کي ختم ڪيو ويندو ۽ مرڪزي بئنڪون هڪ ٻئي سان سهڪار ڪنديون، شام ۾ مسئلي جو حل شام جي پنهنجي سياسي عمل ۾ آهي ۽ شام جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي، وچ اوڀر ۾امن  لاءِ اسرائيل ۽ فلسطيني تڪرار نبيريو وڃي. موصل داعش کان ڇڏائڻ تي عراق جي ساراهه ڪريون ٿا. اتر ڪوريا جي ائٽمي ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو ويو ته معاملو پرامن نموني نبيرڻ تي زور ڀريو ويو ۽ سڀني ڌرين جي سربراهن ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو، ايراني ايٽمي معاملي جي حل تي ڳالهيون ڪيون ويون، آفريڪي ملڪن جي تڪرارن کي پرامن نموني نبيرڻ جي حمايت ڪئي وئي. افغانستان ۾ حملن ۾ عام شهرين جي مارجڻ جي مذمت ڪريون ٿا، مقامي طرز جي حل جي حمايت ڪريون ٿا، ان ڏس ۾ خطي جي سلامتي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ طالبان داعش، القاعدا ۽ ان سان سلهاڙيل تنظيمن اوڀر ترڪمانستان، اسلامي تحريڪ، اسلامي تحرير ازبڪستان، حقاني نيٽ ورڪ، لشڪر طيبه، جيش محمد، تحريڪ طالبان پاڪستان، حزب التحرير، جي تشدد تي ڳڻتي ظاهر ڪريون ٿا. پڌرائي ۾ برڪس ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪئي وئي، دهشتگرد حملن جو مقصد ڪهڙو به هجي ان ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ مختلف ملڪن جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي، دهشتگردن کي روڪيو ويندو. اها پڌرائي 70 نڪاتي آهي، هن تنظيم ۾ برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ اوڀر آفريڪا شامل آهن.

پاڪستان جي دفاع واري وفاقي وزير خرم دستگير بريڪس سربراهه اجلاس جي گڏيل بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به محفوظ ٺڪاڻا نه آهن، داعش جي معاملي تي پاڪستان ۽ آمريڪا جو موقف ساڳيو آهي، حقاني نيٽ ورڪ جا گهڻا دهشتگرد افغانستان ۾ ماريا وڃن ٿا، بريڪس اجلاس جو گڏيل بيان غلط معلومات جي بنياد تي تيار ڪيو ويو آهي، آمريڪا افغانستان ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، کيس پاڪستان جي مدد وٺڻي پوندي.  دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون افغانستان ۾ آهن ۽ افغانستان جي 407 ضلعن مان صرف 60 ضلعن ۾ افغان فورسز جو ڪنٽرول آهي، دهشتگرد تنظيم داعش جي معاملي تي پاڪستان ۽ آمريڪا جو موقف ساڳيو آهي. گهڻو ڪري حقاني نيٽ ورڪ جا دهشتگرد افغانستان ۾ ماريا وڃن ٿا ۽ پاڪستان ۾ حملن جون ڪڙيون به افغانستان سان ملن ٿيون جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته افغانستان ئي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه آهي. پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز ڪيا آهن جيڪي آمريڪا عراق ۽ افغانستان ۾ به نه ڪري سگهيو پر عالمي برادري آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن ردالفساد تحت ڪيل ڪاررواين کي تسليم ناهي ڪيو.  آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان کانپوءِ پاڪستان ۾ غيرضروري خطري جون گهنٽيون وڄايون پيون وڃن، سياسي اڳواڻ موجوده صورتحال ۾ جذباتي بيان نه ڏين، پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي، عوام کي خوفزده ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، اسان هر صورت ۾ پنهنجي وطن جو دفاع ڪنداسين، پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪي دفاع جي لاءِ چوڪس آهي. آمريڪا جي 11 هزار فوجين سميت نيٽو فوج اڃا به طالبان خلاف ويڙهه ڪري رهي آهي پر انهن کي اڃا تائين ڪاميابي ناهي ملي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *