بينظير ڀٽو قتل ڪيس: مشرف اشتهاري قرار، خرم شهزاد ۽ سعود عزيز کي 17،17 سال سزا

راولپنڊي (اين اين آءِ) راولپنڊيءَ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ حراست هيٺ پنج مرڪزي جوابدارن کي آزاد ڪيو ٻن پوليس آفيسرن کي غفلت ڪرڻ تي 17 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي ان جي جائداد ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ راولپنڊي جي جج محمد اصغر خان گذريل ڏينهن بينطير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو جيڪو خميس تي اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو ويو، فيصلو ٻڌائيندي جج پنجن جوابدارن اعتزاز شآهه، شِير زمان، حسنين گل، رفاقت حسين ۽ قاري عبدالرشيد کي ثبوت نه ڏيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو،  راولپنڊي پوليس جي اڳوڻي سربراهه ڊي آئي جي سعود عزيز ۽ ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد کي غفلت ڪرڻ تي 17 سال قيد ۽ 5، 5 لک روپيا جرماني جي سزا ٻڌائي آهي، عدالتي فيصلي کانپوءِ انهن ٻنهي پوليس آفيسرن کي عدالت جي اڱڻ مان ئي گرفتار ڪيو ويو ، جڏهن ته جرمانون نه ڏيڻ تي 6، 6، وڌيڪ قيد ڪاٽڻون پوندو.فيصلي موجب ٻنهي پوليس آفيسرن کي واقعي کانپوءِ واردات واري جاءِ کي ڌوئي شاهديون ختم ڪرڻ ۽ بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم نه ڪرائي ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي سزا ٻڌائي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏئي ان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته هو مک جوابدارن جي آزادي جو فيصلو جڏهن ته سعود عزيز خرم شهزاد جي وڪيلن فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ياد رهي ته ڪيس ۾ اٺ چالان پيش ڪيا ويا هئا 300 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، ست جج تبديل ٿيا، ست جوابدارن مارجي ويا ۽ پنج گرفتار آهن. اهڙِي طرح گڏيل طور تي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڏهه سال لڳي ويا.  ايف آئي اي جي پراسيڪيوٽر چوڌري اظهر چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي قتل ڪيس جا 121 گواهه هيا جن مان صرف 68 جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته بينظير ڀٽو جو ڊرائيور عبدالرحمان کانسواءِ سڀني کان جاچ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *