پ پ حُڪومت کان بينظير ڀٽو وِسري وئي!: فدا حسين ڪٻر

سياستدانن جي سر تي ته ھميشه موت جو سايو مڊرائيندو رھندو آھي. ائين ڄڻ عزرائيل انھن جي ڪُلھن تي ويٺل ھُجي، ڪڏھن گولين تہ ڪڏھن وري بمن جي برسات جو خوف دلين ۾ گھر ڪيو ويٺو ھوندو اٿن. ھر وقت انھن سان گڏ حفاظتي ماڻھون گڏ جھڙوڪ موت انھن جي پٺيان راڪاس جيئان پيل ھُجي. ڇو جو سياست تہ ھوندو ئي موت جو تختو آھي، جتان ھر گسڪندڙ سياستدان جو پير ان کي موت جي وادي ۾ پھچائي ڇڏيندو آھي. پر ان حالت ۾ سچو سياستدان اھي آھي جيڪو بنا خوف جي پنھنجي قوم جي لا۽ پنھنجو سر قربان ڪري پنھنجي سچي سياستدان ھُئڻ جو ثبوت ڏئي. پر اسان جي سياست ۾ اھڙا سياستدان شايد ئي ھڪ کان وڌيڪ پيدا ئي نہ ٿيا آھن، ۽ نہ ئي وري ڪڏھن پيدا ٿي سگھندا. ڇو تہ سياستدان ٿيڻ لا۽ سر تي ڪفن ٻڌي موت جو انتظار ڪرڻو پوندو پر اسان جا سياستدان مرڻ کان ائين ٿا ڊڄڻ ڄڻ گنجو پاڪي کان! بينظير ڀٽو جي لازوال قرباني کان پو۽ ڪو بہ سياستدان عوام جون دليون نہ کٽي سگھيو’ ھڪ عورت ٿي ڪري ايتري دليري ڏيکارڻ کي موجزو ئي چئي سگھجي ٿو، پر قوم جي لا۽ رت جا ڏيئا ٻاريندڙ بينظير جا اڄ تائين قاتل نہ پڪڙجي سگھجي، ۽ پاڪستاني عدالتون شرم سان ڪنڌ ھيٺ ڪندي نظر آيو. ڳالھ سمجھ کان وڏي آھي تہ آخر بينظير جو قتل ڪندڙ ملائق ھُيو يا وري انسان؟ جيڪڏھن انسان ھُيو تہ پو۽ زمين کائي ويس يا آسمان ڳڙڪي ويس؟ راولپنڊي جي علائقي لياقت باغ ۾ قتل ٿيل شھيد بينظير ڀٽو جو ڪيس نو سالن اٺن مھينن ۽ ٽي ڏينھن جاري رھڻ کان پو۽ نتيجاڻي موڙ تي پھتل آھي، جنھن عرصي دوران ستن ججن کي تبديل ڪري ھڪ جج کي برطرف ڪيو ويو. شايد ئي تاريخ جو ڪيس ھُيو، جنھن جون ٽي سو ھڪ ٻُڌڻيون ٿيون. راولپنڊي جي عدالت ۾ جج محمد اصغر ھڪ ڏينھن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو عوام سامھون پيش ڪندي، ڪيس جي نتيجي ۾ پنج جوابدار اعتزاز شاھ، شيرزمان، حسنين گل، رفاقت حُسين، ۽ قادري عبدالرشيد جي خلاف ڪو مثبت ثبوت نہ ھُجڻ سبب بامشڪت سزا کان بري ٿي پنھنجي جان آجي ڪري ويا. سوچڻ جوڳي ڳالھ آھي جيڪڏھن انھن اھُيو گناھ نہ ڪيو ھُيو تہ پو۽ راولپنڊي عدالت انھن بيگناھن کي ايترو وقت جيل ۾ رکي انھن کان چڪي ڪھڙي اداھار تي پيسائي وئي؟ راولپنڊي جي ان وقت جي جي-سي-سي-پي -او سعود عزيز ۽ ايس-پي خرم کي ذميواري جي غفلت تحت سترن/سترن سالن جي قيد جي سزا ۽ پنج/پنج ھزار ڏنڊ رکيو ويو آھي. جيڪڏھن غفلت جي اھيا سزا ٻُڌائي وئي آھي تہ پو۽ قاتل جي سزا ڇا ھُجڻ گُھرجي؟ حيف آھي اسان جي عدالتن تي جيڪي قتل ڪرڻ جي ڏھن سالن کان پو۽ پيون سزائن جا حڪم ڏين. برحال منھنجي خيال ۾ بينظير ڀٽي جي قتل ڪيس جو فيصلو اڃان تائين نہ آيو آھي ڇو جو عدالت صرف غِفلت جي سزا ٻُڌائي آھي!  قتل جي نہ! برحال اھڙو ڪيس پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏھن نہ ڏٺو آھي نه ٻُڌو آھي، جنھن جي جانچ عالمي ادارن بہ ڪئي پر اصلي قاتل جي خبر اڄ ڏينھن تائين نہ پئجي سگھي آھي. ڇو تہ اصلي قاتل اسان جي بَگلن ۾ ويٺا آھن، جن کي حقيقت ۾ اسان پنھنجن کِيسن ۾ پيا ڳوليون. سنڌي چوڻي آھي تہ ”ڪنڊو لڳي پير ۾ ڳوٽجي پيو گوڏو”. بينظير ڀٽو جي ٻارن پاران عدالت کان ان جي اصلي قاتل پرويز مشرف کان حساب ۽ انصاف وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھُيو تہ ھاڻي وقت ئي ٻُڌائيندو تہ بينظير ڀٽو جو اصلي قاتل ڪير آھي؟ تحقيقي ادارن مطابق  بينظير ڀٽي جي قتل جي سازش بيت ﷲ محسود ۽ تحريڪ طالبان جي اڳواڻن سان ملي ڪري تيار ڪئي وئي، جنھن پلاننگ تحت بينظير ڀٽو کي ستاويھ ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ قتل ڪيو ويو، جنھن ۾ صوابي جي نادر خان، قادري اسماعيل، نصرﷲ، عُثمان، فيضﷲ ۽ اڪرام مسعود شامل آھن. جن جي مطابق ڏنل نالا ئي بينظير ڀٽي جا اصلي قاتل آھن. پر آمريڪا جي مشھور صحافي مارڪ سيگل پنھنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، جنھن ۾ ان ”پرويز مشرف ئي بينظير ڀٽو کي موت جي ڌمڪي ڏيڻ جو اعتراف ڪيو”. جڏھن تہ بينظير ڀٽو مارڪ سيگل کي جوابي اي ميل ڪندي چيو تہ مونکي جيڪڏھن ڪجھ به ٿيو تہ صبحان ذميوار پرويز مشرف ھوندو. ان موقعي تي پرويز مشرف بہ خُد بينظير ڀٽو کي اي ميل ڪئي تہ ” جيڪڏھن ھُو ڏيھ آئي تہ ذميوار خُد ھوندي.” ان ڳالھ مان واضح نظر پيو اچي تہ بينظير ڀٽو جي قتل جي پُٺيان پرويز مشرف جو ئي ھٿ ٿي سگھي ٿو. جنھن جو گواھ آمريڪا جو صحافي مارڪ سيگل آھي. پر فيصلو ڏيڻ اسان جو ڪم نہ عدالت جو آھي. ڏسجي تہ عدالت جي اکين ۾ ڪير ڏوھي آھي. پرويز مشرف؟ تحريڪ طالبان؟ يا ڪو ٻيو؟ حيرتانگيز ڳالھ اُھا بہ ٿي آھي تہ بينظير جي شھادت جي وقت ان جي گاڏي ۾ موجود ناھيد خان، صفدر عباسي ۽ امين فھيم کي عدالت ڪڏھن طلب ڇو نہ ڪيو؟ ھالانڪي اھي تہ خاص ڪردار نڀائيندڙ ھُئا جيڪي بينظير ڀٽو سان ان وقت گاڏي ۾ موجود ھُئا. پر ڪجھ بہ ٿيو افسوس ان ڳالھ جو سڀ کان وڌيڪ ٿيو تہ پ پ اڳواڻن کان بينظير ڀٽو ۽ انھن سان ڪيل وفا ڪيئن وِسري وئي؟  قتل ڪيس جي اھم فيصلي جي ٻڌڻي دوران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سميت پارٽي جو ڪو بہ مقامي عھديدار عدالت ٻاھران موجود نه ھيو. جيڪا حيف ۽ افسوس جھڙي ڳالھ ھُئي. پ پ جا اڳواڻ فيصلي اچڻ کان پو۽ صرف سوشل ميڊيا تي ئي وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويا. آخر بينظير ڀٽو جي ڪيل وفائن جي سلن جو پ پ اڳواڻ جفائون ڇو پيا ڏين. برحال عدالتي فيصلي تي ڪو به پ پ اڳواڻ متفق ناھي، ڇو جو عدالت صرف ۽ صرف پوليس آفيسرن جي غفلت ۽ غيرذميواري جو مظاھرو ڪرڻ وارن جو ئي فيصلو ٻُڌايو آھي. برحال ڳالھ اڃان تائين آخري پھلو تي ناھي پھتل، سوال آھي عدالت کان ڪير آھي بينظير ڀٽو جو قاتل؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *