برسات جون تباهيون ۽ بي گهر ٿيندڙ ماڻهو!

 

ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ طوفاني برسات، مختلف واقعن ۾ 15 ڄڻا فوت، ندي نالن ۾ چاڙهه، پشاور اڌ ٻڏي ويو، روڊ رستا ٻڏي ويا، ڪيترن شهرن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، علائقن ۾ تيز برساتون، ملڪ ۾ هڪ طرف ٻوڏ تباهڪاريون جاري آهن، ٻي طرف وري پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي  ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ جاري برسات ٻوڏ جو خطرو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، ٻوڏ ريلن ۾ علي پور ۽ جتوئي ۾ 7 ڄڻا ٻوڏ جي ريلي ۾ لڙهي فوت ٿي ويا. ڪرڪ ۾ 2 نوجوان برساتي نالي ۾ ٻڏي ويا،  گوجرانوالا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ورهين جو خرم ۽ 7 ورهين جو نعمان فوت جڏهن ته هڪ ٻار زخمي ٿي پيو، ڪامونڪي جي بلال پارڪ ۾ برسات سبب موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پيءُ ۽ پٽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، ڇاڇرو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻار فوت ٿي ويو، لاهور جي علائقي سگيان روڊ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا ۽ ننڪا صاحب ۾ عورت زخمي ٿي پئي، پشاور ۾ مسلسل تيز برسات بڍني نالي ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئي تقريبن اڌ شهر پاڻي ۾ ٻڏي ويو. بڍني نالي جو پاڻي ويجهن علائقن جي گهرن ۾ 3 کان 6 فٽ تائين پاڻي داخل ٿي ويو. جڏهن ته چارسده روڊ تي بڍني پل کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته سردار ڪالوني، خوشحال باغ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته رهائشي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ بي يارو مددگار بڻجي وئي جنهن کان پوءِ ريسڪيو سرگرميون تيز ڪيون ويون. انتظاميا موجب 100 کان وڌيڪ خاندانن تي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي پاڪ فوج ۽ ريسڪيو اداري  جون گڏيل طور تي امدادي ڪارروايون جاري آهن. انتظاميا موجب نالي ۾ چارسده وٽ پاڻي جو دٻاءُ 1300 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو.  راجنپور جو روجهان شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، حافظ آباد جي هيٺين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي رهيو جڏهن ته ساگر ۾ 100 ورهين جي قديم پل ٽٽڻ سبب 20 ڳوٺن جو ٻين علائقن کان زميني رابطو ڪٽجي ويو، هرنائي ۾ 3 ڪلاڪ تيز برسات پوڻ سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي ڪوئيٽا ۽ پنجاب کان زميني رابطو ڪٽجي ويو، زيارت ۽ آس پاس ۾ برسات جو نئون سلسلو جاري، قلعه سيف الله جي ڳوٺ ٿينا لشڪا ۾ 15 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ليويز ذريعن موجب علائقي واسين کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. ايبٽ آباد شهر ۽ آس پاس ۾ برسات ۽ لينڊ سلائينڊنگ سبب نٿيا گلي کان بڪوٽ ويندڙ شاهراهه بند ٿي وئي ڪوهاٽ ۾ تيز برسات نالن ۾ چاڙهه، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، روڊ رستا به بند ٿي ويا. فيصل آباد ۽ آس پاس ۾ تيز برسات وقفي وقفي سان جاري رهي، راجنپور ۾ ڪوهه سليمان ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ واڌ اچي رهي آهي. گوجرانوالا شهر ۾ برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾پاڻي اچي ويو، ميانوالي، سرگودا ۽ آس پاس جي علائقن ۾ برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *