مصباح الحق ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو دوران ڪپتان مصباح الحق رٽائرمينٽ جو اشارو ڏنو. مصباح الحق ڀارت خلاف امڪاني سيريز کانپوءِ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مونکي اندازو آهي ته منهنجي ڪرڪيٽ هاڻي وڌيڪ ناهي پچي. مصباح الحق موجب ٿي سگھي ٿو ته ڀارت خلاف امڪاني سيريز منهنجي آخري سيريز هجي. مصباح الحق وڌيڪ چيو ته آئون رٽائرمينٽ کان اڳ ڪجهه ميچ کيڏڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هلندڙ سال ڀارت سان ڪرڪيٽ کيڏان. مصباح الحق موجب ڀارت سان ڪرڪيٽ سيريز ٿي ته ان کانپوءِ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيندس.  واضح رهي ته مصباح الحق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان آهي. هن ڪپتان جي حيثِيت سان کيڏندي ڪيتريون ئي ڪاميابيون ٽيم کي ڏياريون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *