جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ…ا؛واحد پارس هيسباڻي

اسان جي ڳوٺ ۾ هڪڙو همراهه هوندو هو ماسٽر پريل، سندس ضد پوري تر ۾ مشهور هو، ڳالهه ڀلي ڪهڙي به هجي پر هن جي متفق ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو. جيڪڏهن هن کي چئبو هو ته کير جو رنگ اڇو آهي ته هو چوندو هو نه صفا اڇو ناهي، ٿورو ميرانجهڙو آهي، هن کي چئبو هو ته سج اوڀر کان اڀري ٿو ته هو چوندو هو نه صفا اوڀر کان نه ٿو اڀري ٿوري ٻئي طرف جي ڪنڊ به لڳيس ٿي. هن کي چئبو هو ته کنڊ جو ذائقو مٺو آهي ته چوندو هو ته صفا مٺو ناهي ٿورو ڪڙو به آهي. هن کي چئبو هو کاڌو وات سان کائبو آهي ته چوندو هو ته نڪ سان نلڪين وسيلي به کائبو آهي… سندس ننڍڙو دڪان به هوندو هو، جيڪڏهن ڪير کانئس اڌ ڪلو گيهه جي گهُر ڪندو هو ته چوندو هو اڌ ڪلو ناهي اڍائي پاءُ يا ٽي پاءُ وٺين ته ڏيان نه ته هلي پئو پوءِ جنهن کي اڌ ڪلو وٺڻو هوندو هو اهو کيس يا ته اڍائي پاءُ يا ٽي پاءُ چوندو هو ۽ هي پاءُ يا اڌ ڪلو وٺڻ جو چئي اڌ ڪلو ڏئي ڇڏيندو هو. ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هوندو هو، سندس ڳالهيون ياد ڪري اڄ به ٽهڪ نڪري ويندا آهن. جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ عمران خان عرف عام سونامي جون ڳالهيون ٻڌي الائي ڇو ماسٽر پريل ڏاڍو ياد اچي رهيو آهي. ”اوئي نواز شريف….“ جي ڊائلاگ سان اسلام آباد ۾ ڊگهي عرصي تائين شوٽنگ ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سندس ئي خواهش تي، سندس ئي شرطن مطابق جڊيشل ڪميشن جڙي ته پاڻ چيو هئائين ته ان جي جيڪا به رپورٽ سامهون آئي، هي ڪا به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ کانسواءِ ئي ان کي اکين تي رکندو. ڀرپور انتظار ۽ ڀرپور جاچ کانپوءِ جڏهن اها رپورٽ سامهون آئي آهي ته ماسٽر پريل وانگر هي پنهنجي ضد تي قائم نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ کي قبول ته ڪريان ٿو پر جڊيشل ڪميشن مايوس ڪيو آهي… اليڪشن ڪميشن جي سڀني ميمبرن کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي… معافي مون کي نه نواز شريف کي وٺڻ گهرجي… جڊيشل ڪميشن قرار ڏنو آهي ته منهنجو مطالبو جائز آهي… چونڊون ڪيئن شفاف ٿيون.. بهرحال فيصلو قبول آهي… اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي عمران خان جي ٽيون ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌڻ لاءِ مليون….

جهڙي نموني اسلام آباد جي رستن تي هي ڀير جي ڏونڪي سان ڌانڌلين جو راڳ آلاپي رهيو هو، ڪميشن جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ اصولي طور تي ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هي ان ساڳي گرم جوشي سان پنهنجي غلط فهمي جو اعتراف ڪري ها ۽ هڪ ڊگهي عرصي تائين گادي واري شهر کي يرغمال بڻائڻ ۽ پوري ملڪ جي عوام جي احساسن سان کيڏڻ تي معذرت ڪري ها پر هي همراهه ڪمال ڪاريگري سان هن معاملي کي گول مول ڪري وري به ڏوهه انهن ئي ڌرين تي ڏئي رهيو آهي، جن تي شروع کان ڏيندو رهيو آهي. سوال اهو آهي ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڌانڌليون ثابت ئي نه ٿيون آهن ته اليڪشن ڪميشن جا سڀ ميمبر استعيفيٰ ڇو ڏين؟ ۽ نواز شريف معافي ڇو وٺي؟ جڏهن هي همراهه پاڻ اها ڪمٽمينٽ ڪري چڪو هو ته ڪميشن جي جيڪا به رپورٽ آئي کيس قبول هوندي ته پوءِ اهو چوڻ ته جڊيشل ڪميشن مايوس ڪيو آهي؟ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟ اها ڪهڙي آس هئي جيڪا هي ان ڪميشن مان لڳائي ويٺو هو؟ ڌانڌليون ٿيون هجن يا نه پر ڪميشن ڌانڌليون ٿيڻ واري رپورٽ ڏئي ته جيئن هن سيٽ اپ جي تڏا ويڙهه ڪري ميدان صاف ڪري سگهجي؟ يقينن عمران خان جي اها ئي آس هوندي، جيڪا پوري نه ٿيڻ کانپوءِ کيس مايوسي ٿي آهي پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن جي هر آس معاملي ۾ ڪجهه نه هجڻ جي باوجود پوري ٿئي!

ناقص حڪمراني، سسٽم جي تباهي، عوام جي بدحالي وارين حقيقتن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهجي. اسان جي ماضي جي حڪمرانن کان وٺي هاڻوڪن حڪمرانن تائين جيڪي کير جون نديون وهايون آهن، اهي سڀ اسان جي سامهون آهن هنن عوام کي جيڪو سونن چمچن ۾ کارايو آهي، اهو به اسان سڀني جي سامهون آهي. بدترين حڪمراني جا پاڻ وٽ هڪ کان هڪ مثال موجود آهي پر ڇا طرز حڪمراني ۽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ بدران ان کي پاڙان پٽي اڇلي ڇڏڻ صحيح آهي؟ ۽ تبديلي آڻڻ جو اهو انداز صحيح آهي جيڪو عمران خان ۽ مولانا قادري اسلام آباد جي رستن تي ڏيکاريو؟ اهو مولانا قادري ڪٿي آهي، جيڪو عوام مٿان گهور ٿي رهيو هو، ٻوڏ سبب عوام جنهن مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي. مولانا قادري انهن وٽ وڃڻ جي تڪليف ڪرڻ ته پوءِ جي ڳالهه آهي خالي همدردي جو بيان ڏيڻ جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي؟ انقلاب ايئرڪنڊيشنڊ ڪنٽينرز ۾ ويهي ’مبارڪ هو، مبارڪ هو‘ جا خطاب ڪرڻ سان نه ايندو آهي پر اهو عوام سان گڏ بيهڻ ۽ ان کي دلي طور تي پاڻ طرف ڪرڻ سان ايندو آهي ۽ تبديلي ڪنهن واڙيءَ ۾ پوکيل گجر موري يا ڪنهن باغ ۾ ٽڙيل گل جيان ناهي جنهن کي جلدي ٽوڙي وٺجي. تبديلي مسلسل جدوجهد گهرندي آهي رت ۽ ست گهرندي آهي، مسلسل رابطو ۽ ڏک سک ۾ ساٿ گهرندي آهي، ان ڪري انهن حقيقتن کي سمجهي حقيقت پسند ٿيڻ جي ضرورت آهي.

عمران خان اليڪشن وڙهيو، هي جمهوري پراسس جو حصو بڻيو، مقابلي جي ميدان ۾ ضرور شڪ شبها ۽ خدشا به پيدا ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته جلسن ۾ ته ماڻهو گهڻا هئا پوءِ ووٽ گهٽ ڇو مليا. عمران خان کي جيڪڏهن اهڙي قسم جا شڪ شبها ٿيا ۽ هن ان سلسلي ۾ پنهنجا اعتراض سامهون آندا ته اهو هن جو حق هو ۽ جمهوري سسٽم جو حصو هو پر هن انهن خدشن جي بيناد تي واءُ مينهن هڪ ڪري اسلام آباد ۾ جيڪر ڊگهي عرصي تائين تماشو ڪيو اهو طريقو مناسبت نه هو. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن حڪومت جون ڪي ڪوتاهيون آهن ته انهن تي به ٽيڪا ٽپڻي  ٿيڻ گهرجي پر انهن سڀني شين جي باوجود اسلام آباد وارو تماشو ٿيڻ نه گهرجي ها. مولانا قادري ۽ عمران خان سان گڏ ان تماشي ۾ شيدي ٽلي سميت جيڪي ڇٽل ڪارتوس بيٺل نظر آيا انهن معاملن کي وڌيڪ خراب ڪيو، جنهن جو سمورو نقصان ڦري سري عمران خان جي تحريڪ انصاف کي ئي پهتو ڇو ته سياسي حوالي سان هي ئي وزن رکندڙ پارٽي هئي. بهرحال جيڪو ڪجهه به ٿيو وقت گذري ويو. عمران خان اهو چوندو رهيو آهي ته سندس ان پريشر جي نتيجي ۾ ئي حڪومت جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ تي مجبور ٿي نه ته هو قطعي به اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي جاچ ڪرائڻ تي راضي نه ٿئي ها! ٺيڪ آهي مڃيوسين اهو به صحيح ٿيو پر هاڻ جڏهن جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ اچي وئي آهي ته هاڻي ته تماشن کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان رپورٽ کي قبول ڪرڻ گهرجي. ”جڊيشل ڪميشن مايوس ڪيو آهي..“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ هن مان ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته رپورٽ کي دل سان قبول نه ڪيو ويو آهي.

حڪمران پارٽي جو انداز ڪهڙو به آهي بهرحال اها عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ آئي آهي هن کي عوام مينڊيٽ ڏنو آهي ان ڪري ان مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي. عمران خان وٽ تبديلي جي حوالي سان جيڪو به پروگرام آهي اهو عوامي مينڊيٽ ذريعي عمل ۾ اچڻ گهرجي. روڊن رستن تي نڪري ماڻهن کي پريشان ڪرڻ کي تبديلي نه ٿو چئي سگهجي. عمران خان کي پنهنجي محنت ڪري پنهنجي مخالفن کي ووٽن ذريعي شڪست ڏيڻ گهرجي ۽ حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي. سياست ۾ حقيقت پسندي لازمي آهي، جيڪو عنصر بدقسمتي سان پاڻ وٽ ناياب ٿي چڪو آهي. صرف عمران خان تي هن معاملي ۾ ڏوهه نه ٿو ڏئي سگهجي مجموعي طور تي هر پاسي ڀينگ لڳي پئي آهي. ڪير به حقيقت پسند ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. دعوائن جي حد تائين ته هر ڪو اڳرو نظر اچي رهيو آهي پر عملي طور تي ڪاريءَ وارا ڪک آهن. عمران خان سميت اسان جي سڀني سياسي ڌرين کي پوءِ اهي اقتدار ۾ آهن يا اقتدار کان ٻاهر انهن کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. معاملو ڪهڙو به هجي انهن کي حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪرڻ کپي.

ڊگهي جدوجهد کانپوءِ هاڻي جڏهن جمهوريت جي وڻ ٻور جهلڻ شروع ڪيو آهي ته ان کي تباهه ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي جتي پنهنجي ڪاميابي تي جشن ملهايو وڃي ٿو اتي پنهنجي شڪست کي به وڏي دل سان قبول ڪرڻ گهرجي. ”مين نا مانون“ واري پراڻي روش مان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي اهڙي رويي جو ڪنهن کي ذاتي طور تي ڪيترو نقصان پوي ٿو ان کان وڌيڪ ان جو نقصان سسٽم کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سياسي ڌرين جي ڇڪتاڻ جو فائدو هميشه غير جمهوري قوتون ئي حاصل ڪن ٿيون. هاڻي ماضي وارين روايتن کي ورجائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي گهرج آهي. عوام جنهن کي به چونڊي ٿو ان کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي غلط به ٿئي ٿو ته ان جي نشاندهي جو بهترين فورم پارليامينٽ آهي اتي ئي وٺ پڪڙ ٿيڻ کپي. روڊن رستن تي مهينن تائين تماشو ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي.

حڪمران ڌر ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ اهو ئي ٿيو هو ته جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ جيڪا به ايندي ان کي قبول ڪيو ويندو نواز ليگ طرفان اهو به لکت ۾ ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿيندي ته اسيمبليون ٽوڙي نئين سر چونڊون ڪرايون وينديون. هاڻي جڏهن ڪميشن جي رپورٽ سامهون آئي آهي ته عمران خان کي ان کي وڏي دل سان قبول ڪرڻ گهرجي ۽ سسٽم جي بهتري لاءِ وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *