ايم ڪيو ايم جو بيان رد

 

وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته مولا بخش چانڊيو چيو ته ايم ڪيو ايم حالتون ۽ ضرورتون ڏسي پنهنجا بيان تبديل ڪندي آهي، فاروق ستار صفائي جي ڳالهه گهٽ ۽ ٺڪاڻي لڳائڻ جي ڳالهه وڌيڪ ڪئي آهي، ڇا مصطفيٰ ڪمال جي وفاداري به اسان تبديل ڪئي؟، آفاق احمد جي وفاداري به ڇا پ پ تبديل ڪئي هئي،؟ رڳو سنڌ جي ادارن جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي، سنڌ کانسواءِ باقي صوبا کير سان ڌوتل آهن، سنڌ جي ڪنهن به جيل ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي تشدد نه پيو ٿئي، سنڌ جي جيلن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جا الزام افسوسناڪ آهن، فاروق ستار قيدين تي تشدد جون ڳالهيون ايم ڪيو ايم جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي، اسان هميشه ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو آهي.

سنڌ جي ماڻهن جي سئو ڀيرا تنقيدن باوجود اسان ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو ۽ ان اتحاد جي بدلي ۾ ايم ڪيو ايم اسان کي ڪڏهن به هاڪاري موٽ ناهي ڏني. سنڌ جي ڪنهن به جيل ۾ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي وفاداريون بدلائڻ لاءِ ڪٿي به ڪارڪنن تي تشدد نه پيو ٿئي. مڃون ٿا ته اسان سنڌ جي عوام جي خدمت نه ڪري سگهيا آهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ جي آئين ۽ قانون کي ٽوڙيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *