شاهد حيات ۽ مصطفيٰ ڪمال ملاقات

ايف آءِ اي ايم ڪيو ايم جي قيادت تي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپن جي الزامن جي جاچ تيز ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم قيادت تي را سان لاڳاپن جي الزامن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي سنڌ جي ڊائريڪٽر شاهد حيات مصطفيٰ ڪمال جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. مصطفيٰ ڪمال جي گهر آمد دوران اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد سندس آجيان ڪئي. شاهد حيات مصطفيٰ ڪمال، انيس قائمخاني ۽ ڊاڪٽر صغير احمد کان ايم ڪيو ايم تي را سان لاڳاپن جي الزامن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. اڌ ڪلاڪ تائين هلندڙ ملاقات دوران ايم ڪيو ايم تي را سان لاڳاپن جي الزامن ۽ مني لانڊرنگ بابت ڳالهيون ڪيون ويو، ان موقعي تي مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني ايف آءِ اي سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته سرفراز مرچنٽ کي پاڪستان آڻڻ جي معاملي تي به ڳالهايو ويو. ايف آءِ اي جي اعليٰ عملدارن جي ٽيم به ٻن ڏينهن اندر مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪندي. ايم ڪيو ايم تي را سان لاڳاپن جي الزامن جي سلسلي ۾ سرفراز مرچنٽ کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. سرفراز مرچنٽ پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشوري کانپوءِ ايف آءِ اي جي ٽيم کي جواب ڏيندو. هوڏانهن برطانيا ۾ موجود سرفراز مرچنٽ سان به ايف آءِ اي رابطو ڪيو آهي، جنهن اڄ وڪيلن سان مشاورت ڪرڻ بعد جواب ڏيڻ جو چيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *