صدين کان قائم سچ چوڻ جي روايت: اصغر ملاح

سنڌ ۾ سچ چوڻ واري روايت صدين کان وٺي قائم آهي. دنيا ۾ جتي به جمهوري نظام آهي، انهن ملڪن ۾ مقرر مدي اندر عام چونڊون ڪرايون وينديون ۽ عوام پنهنجي ووٽ وسيلي پنهنجا نمائندا چونڊيندو آهي، جيڪي پارليامينٽ ۾ وڃي ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي نمائندگي ڪندا ۽ عوامي مفادن ۾ قانونسازي پڻ ڪندا آهن.دنيا ۾ جتي جمهوري حڪومتون آهن حڪمرانن ۽ سياستدانن جو عملي ڪردار ڏسجي ٿو ته اليڪشن ۾ سندن ڪيل واعدا ۽ جيڪو منشور عوام جي حقيقي خدمت عبادت جو درجو رکندي آهي. پنهنجي تڪ علائقي جي ماڻهن جا مسئلا معلوم ڪري ۽ بروقت حل ڪرائڻ تي حقيقي عوامي خدمت ٿي سگهندي آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ٿيندڙ اسڪيمن کان وٺي ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ هر سال ايندڙ سرڪاري فنڊن مان ڪميشن وٺڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا غربت گهٽائڻ لاءِ غريب مستحق عورتن لاءِ بينظير ڀٽُو جي نالي سان شروع ڪيل پروگرام بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هر هڪ مستحق عورت جي مالي سهائتا لاءِ حقي مستحق عورتن کي حق ڏيڻ لاءِ گهر گهر سروي ڪيو ويو ۽ مستحق عورتن لاءِ اعلانيل رقم جون قسطون جاري ڪيون ويون جيڪا رقم مستحق عورتن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ايجنٽن ذريعي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي غريب اٻوجهه پيرسن عورتن کي اڪثر احتجاج ڪندي چوندي ڏٺو ويو آهي شهيد راڻي جي شهادت بعد اهي يتيم ٿي ويا آهن سندن کي ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي جنهن جا مثال سرڪاري نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي الزامن سميت کربين روپين ترقياتي ڪمن ۾ هيٺين کان مٿي تائين ڪميشن وصولي سميت نااهل من پسند ڪامورن جي مقرري آهي ڪهڙو به سرڪاري کاتو هجي رشوت کاتن جي جڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي.

هن ملڪ جي اڪثر سياستدانن ماضي مان ڪوبه سبق حاصل نه ڪيو آهي. اقتدار ڌڻين کي سمجهڻ گهرجي ته هي ڪرسي ۽ اقتدار اچڻي وڃڻي شيءَ آهي. وقت هميشه ساڳيو نه رهندو. اڄ اقتدار ۾ ويٺل سڀاڻي ٻيهر ان عوام وٽ ويندا، جن کي هنن اڄ اقتدار جي نشي ۾ وساري ڇڏيو آهي. ايندڙ مستقبل کي نظر ۾ رکندي کين اها پوک پوکڻ گهرجي، جيڪا سڀاڻي پاڻ لڻي به سگهن سنڌ جي اڪثر عوام جائز مسئلن ۽ بنيادي سهولتن صحت، تعليم، روزگار پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي امن عزت ۽ حقن جي حاصلات ۽ هيٺين عريب طبقي جي نوجوانن کي پڪو روزگار عوام کي امن ۽ درن تي انصاف ملندو پاڪستان پيپلز پارٽي جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪري ڇڏيو پ پ حڪومت اصل ۾ سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان قائم ۽ دائم رهي آهي هر وقت جي سرڪار غربت بيروزگاري کي ختم ڪرڻ عوام کي خوشحال بنائڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ورتيون آهن ۽ وقت جي سرڪار جو اهو سلسلو تيزي سان جاري آهي ان ۾ اڳڀرائي به ٿي آهي عوام کي يقين هيو ۽ چيو ويو هيو ته پ.پ.پ جي سرڪار اچڻ سان عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ٿيندو تيز ترقي واري سائنسي دور م به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي عوام جون زندگيون اڄ به صديون پٺتي نظر اچن ٿيون هن سائنسي دؤر ۾ پيڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن ٿر جي حالت ڏسي خبر پئجي ويندي آهي اسان وٽ ميرٽ تي نوڪري ملڻ جو صرف نالو وڃي بچيو ڪيترائي غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ تعليم يافته نوجوان نياڻيون بيروزگار بڻيل آهن انهن ويچارن ۾ ايتري وصيت ڪونهي جو لکين روپيا ڏئي ڪا نوڪري حاصل ڪن جن وٽ پئسو آهي پوءِ ڀلي تعليمي اهليت نه به هجي ڏنو پٽ چٽي واري رسم تحت سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري اڄ به ڊيوٽي ڪري سرڪاري پگهارون کڻي رهيا آهن اهڙا ڪيترائي مثال آهن.

غريب نوجوان جيڪي ماڻهو ميرٽ تي اچن ٿا سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءَ لکين رپيا نه هجڻ سياسي پٺ نه هجڻ جي ڪري غريب غربو ۽ ڪري نوڪرين کان محروم رهجي ويا آهن. جيڪي ماڻهو چاپلوسي ۾ ماهر آهن اُهي پاڻ به نوڪرين تي فائز ته انهن جا ڀاءُ ڀائيٽا مٽ مائٽ به وڏين ڪرسين تي فائز آهن سنڌ جنهن جي سڃاڻپ   هاڻي ڏکن ۽ سورن جي ڌرتي طور   ٿيندي پئي وڃي   هتي بک بي روزگاري غربت بيماري غريبن جو مقدر بڻجي وئي آهي ٻار آهن ته اسڪول ناهن، جي اسڪول آهن ته ماستر ناهن، بيماري لاءِ ڪو بنيادي صحت گهر ناهي، جي ڪٿي ڪو صحت گهر آهي ته اتي ڊاڪٽر ناهي، غريبن جي صحت سيکڙاٽ ڪپائونڊرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهي صحيح علاج نه ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي حياتيون وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿي ويون آهن ٿر جو مثال عوام جي سامهون آهي سنڌ جو ڪهڙو به ضلعو هجي اتان جي باشعور عوام جو جائز مسئلن جي حل ۽ حقن جي حاصلات لاءِ جيڪو شعور رهيو اهو ملڪ سميت دنيا ۾ مشهور آهي سنڌ جي عوام کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا اڳيان چوندي ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جو ڪهڙو به سرڪاري کاتو هجي رشوت ان جي جڙ ۾ شامل ٿي وئي آهي سنڌ ۾ سدائين اهو رواج رهيو آهي من پسند ڪامورن کي مقرر ڪيو ويندو آهي جن عوام کان وڌيڪ پنهنجن ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سڀ ڪنهن کي ذاتي مفاد عوام کان وڍيڪ هوندا آهن اڪثر ڪامورن کي سياسي پذيرائي مليل به هوندي آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي. ته عوام کي ڪڏهن به من پسند ڪامورن مان صحيح انصاف نه مليو آهي جيڪو انصاف ملڻ گهرجي سنڌ جي عوام لاءَ وفاقي صوبائي سرڪار جي ماتحت عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا پابند هوندا آهن عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء هر وقت جي سرڪار مختلف کاتن کي ساليانه ڪروڙين روپين جي فنڊن جي اداگئي ڪري ٿي ته جيئن عوام کي بنا فرق بنيادي سهولتون حاصل ٿي سگهن. انهن جا حال ته پورا آهن سنڌ جي عوامي خدمتن واري   ڪهڙي به شعبي ڏانهن جڏهن عوام جي نظر پئي ٿي ته سهولتن جي کوٽ ۽ تباهه حالي جو شڪار نظر اچن ٿا، جنهن سبب هتان جي عوام جا جائز مسئلا حل نه ٿيا آهن.

سنڌ ۾ جيتوڻڪ مڪاني ادارن جون چونڊون مڪمل ٿي چڪيون آهن   پر عوام کي بنيادي سهولتون هيٺئين سطح تي مهيا ڪندڙ هن ادارن جي بحالي اڃا تائين مڪمل   ناهي ٿي سگهي جنهن ڪري سنڌ جا   وڏا شهر هجن يا ننڍا شهر گندگي جي ور چڙيل آهن سنڌ جو قديم ضلعو دادو جو ضلعي هيڊ ڪواٽر دادو شهر سنڌ جي ٻين ضلعن جيان گندگي جي ور چڙهيل آهي دادو شهر جي اڪثر صفائي نه ٿيڻ سبب محلن ۽ پاڙن جون ناليون ٽٽل هجڻ ڪري گندو پاڻي روڊن تي اٿلڻ، معمول بڻيل آهي گندو پاڻي روڊن تي پهچي وڃي ٿو گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين، شاگردن ، شاگردياڻين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيندا رهيا آهن لکن جي آبادي تي مشتمل دادو شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري هر طرف گهندگي جا ڏيک ڏئي رهيو آهي دادو شهر کي صاف سٿرو رکڻ ۽ شهرين کي گيسٽرو، خارش، مليريا سميت ٻين وبائي بيمارين کان بچائڻ مقامي انتظاميه جي ذميوارين ۾ شامل آهي هر دور ۾. نااهل ڪميشن خورن آفيسرن جي مقرري سبب انتظاميه جي غيرذميواري، نااهلي ڪرپشن جي ڪري اڪثر شهر جي مختلف پاڙن محلن جي روڊ رستن تي گند ڪچرو پيل نظر ايندو آهي جڏهن ته نئين مقرر   سي ايم او   نظام دين شاهاڻي به چارج سنڀالڻ کانپوءِ هن وقت تائين ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي. شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري هر هنڌ تي گندگي ڦهليل آهي روڊن رستن تي نالين جو گندگي پاڻي بيٺل آهي صفائي نه ٿيڻ گندگي جا ڍير لڳل هجڻ بدبوءِ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري مليريا سميت ڪيترائي موذي مرض پيدا ٿي ويا آهن ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي شهري بيمارين توڙي ذهني اذتين جو شڪار ٿي ويا آهن،

شهرين جو مطالبو آهي ته مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي ته جيئن ننڍا توڙي وڏا بيمارين کان بچا سگهن دادو شهر اندر سالن کان ڪوس گهر نه هئڻ سبب هتان جي ڪاسائين روڊ، رستن، گھٽين، پاڙن کي ڪوس گھر بڻائي ڇڏيو آهي جٿي روزاني ڪيترائي جانور سر عام روڊ رستن تي ڪُٺا وڃن ٿا شهر جون اڪثر علائقن ۾ جانورن جي ڪهڻ جي ڪري انهن جو سڄو گند ڪچري سبب گندگي بدبو ٿئي ٿي ۽ اڪثر ناليون بند ٿي وڃن ٿيون سخت بدبو ۽ گندگي سبب شهري شاگرد ۽ بيمار انسان پريشان ٿين ٿا پر دُڪاندارن جو دوڪانن تي ويهڻ به مشڪل ٿي ويو آهي جڏهن عوامي احتجاج ٿين ٿا يا ته ڪو اهل ايماندار ڪامورو پنهنجا فرض نڀائي ٿو ته دادو جي اکيون ٻوٽل تعلقا ميونسپل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائده سندن مسئلن کي ناجائز مطالبن جو نالو ڏئي درگذر ڪري ڇڏين ٿا ميونسپل انتظاميا لاءِ شهر مان ڪچري جا ڍير کڻڻ ۽ گندي پاڻي جو نيڪال هڪ وڏو مسئلو آهي شايد هنن کي وڌيڪ ٻن ڪروڙن جي ضرورت آهي دادو شهرين سياسي سماجي ڌرين جا احتجاج ته سالن کان جاري آهن شهرين جي شڪايتن تي دادو ضلعي ۾ نئو مقرر ٿيل ڊي سي دادو شاهه امان کهڙو تعلقا ميونسپل جي صفائي واري عملي کي حاضري تي گهرايو ته ان وقت انڪشاف ٿيو مليل معلومات مطابق 327 ماڻهن جي صفائي جي عملي مان صرف 185 ملازم حاضري تي پهتا جن مان 74 ڄڻا سوئيپرن جن سيٽن تي ڀرتي   ٿيل وائيٽ ڪالر ملاز ويزا تي ويل هيا عملي اعتراف ڪيو ته 50 سوئيپر شهر جي صفائي ڪرڻ بدران چونديل نمائندن ۽ بااثرن سخصيتن جي بنگلن تي ديوٽي ڪن ٿا،

ڊي سي دادو شاهه امان کهڙو بنگلن تي ڪم ڪندڙسوئيپرن جي پڻ لسٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن تي ڊي سي دادو سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي حڪم جاري ڪيا ويزا تي ويل ملازمن جي لسٽ تيار ڪرڻ سان گڏ گوسڙو ملازمن جي رپورٽ بنا دير ڏني وڃي جڏهن ته ڊي سي دادو شاهه امان کهڙو تعلقا ميونسپل جي مقرر ٿيل عملدارن کان پچاڻو ڪيو ته ماهوار 2 ڪروڙ 9 لک ميونسپل دادو جي بجيٽ هئڻ باوجود آخر ڪهڙا سبب آهن جو دادو شهر مان گندگي جو آزار ختم ڇو نٿو ٿئي ان موقعي تي ميونسپل ملازمن اعتراف ڪيو ته 8 سالن کان تعمير ٿيندڙ 60 ڪروڙ لاڳت سان تعمير ٿيندڙ گندي پاڻي جي نيڪال وارو ڊرنيج سسٽم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ناڪاره ٿي ويو آهي پبلڪ هليٿ کاتي جي عملدارن ميونسپل سان صلاح مشوري بغير اهڙو ڊرينيج نظام تعمير ڪيو جنهن سان شهر جي گندي پاڻي جي نيڪالي بدران نالو ابتو وهي ٿو جنهن سبب گندي پاڻي جي نيڪالي ناممڪن بڻيل آهي.

ملازمن اها به دانهن ڪئي ته شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندگي جو ازار وڌڻ جو وڏو ڪارڻ حددخلين جو آزار پڻ آهي ذريعن ٻڌايو ته ڊي سي دادو ميونسپل عملي کي ڇنڊ پٽي ته   غير قانوني قبضن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿا ڪيو عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ملڪ ڪرپشن سرڪاري ادارن کي اوڏهي وانگر کائي پٽي ناس ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا ملڪ جي غريب عوام جي خوشحالي توڙي ملڪ جي ترقي ۽ بقاءَ لاءِ انتهائي خاطرناڪ آهي جيڪا سڀني کي خبر آهي ٺيڪيدارن وقت به وقت احتجاج ڪري ميڊيا اڳيان دانهيو آهي ته ڏهن سالن کان پبلڪ هليٿ دادو ۾ فرضي اسڪيمن جي نالن تي ٺيڪا جاري جاچ نه ٿي سگهي پبلڪ هليٿ انتظاميا ۽ ڪلارڪ اختر چانڊيو رازق ڏنو نوناري ۽ ٻيا سرڪاري ملازم فرضي ڪمپنين جي نالي تي ٺيڪا کڻي اسڪيمن جي رقم ڪميشن وصولي ۽ ڪاغذي ڪاروائي ۾ هڙپ ڪري ويا آهن دادو شهر اندر 60 ڪروڙ جي لڳت سان گندي پاڻي جي نيڪال جو نالو ڀرساتن ۾ هنڌا هنڌا اکڙي ناڪارا ٿي ويو آهي. اختيارين اڄ تائين نوٽيس نه ورتو آهي هنن مطالبو ڪيو ته جاري ٿيل پئسا آڊٽ ڪرائي ملوث من پسند ڪلارڪن ۽ پبلڪ هليٿ انتظاميا خلاف اڪيشن کنيو وڃي.

پر وريو ڪجهه به نه ساڳيا لاٽو ساڳيا چڳهه لڳي پئي آهي نشاندهي ٿيڻ باوجود من پسند ڪلارڪ بدستور پنهنجي سيٽن تي مضبوط نظر اچي رهيا آهن کين خلاف ڪا به ڪاروائي عمل ۾ نه آئي آهي ته برائين جا بنياد ته پوندا رهندا عوام جو مطالبو رهيو آهي ته دادو ضلعي جي چئن تعلقن جي ميونسپل انتظاميه کي گهرجي ته ويزا وارو سرشتو ختم ڪري سرڪار جي فنڊن ۾ ڪرپشن ۾ ڪمي آڻي معلومات موجب ميونسپل کي ماهوار ملندڙ 2 ڪروڙ 9 لکن مان 1 ڪروڙ 20 لک وڏي رقم صرف ملازمن   جي پگهار ۾ وڃي ٿي 15 کان 18 لک گاڏين جو تيل خرچ ڏيکاريو وڃي ٿي لکين رپيا ماهوار ٻهارن ٻئي سامان موٽرن جي مرمت تي خرچ ڏيکاريو وڃي ٿو ميونسپل انتظميا پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي شهر اندر صفائي ڪرائي شهرين جون زندگيون بچايون وڃن ته جيئن شهر صاف سٿرو رهي. گند ڪچري ۽ نالين جي اٿلڻ سبب شهرين وبائي بيمارين کان محفوظ رهن ۽ گدلاڻ کان صاف ۽ صحتمند ماحول پيدا ٿي سگهي

Email: mallah asghar @ yahoo . com

Email mallahasghar@gmail.com

 

 

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *