شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏيهاڙو ۽ ڀٽوازم جا سياسي جاننشين!…..: حميد ڀٽو

ملڪ جي محبوب اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 98 هون  جنم ڏيهاڙو وڏي جوش،جذبي ۽ نهايت عقيدت ۽ احترام سان اڄ 5جنوري2017  تي ملهايو پيووڃي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي ملڪ جي عوام سميت ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي اهڙي عظيم شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي خاندان لاءِ تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڀٽو خاندان اصل ۾ هندستان جي جيسلمير راجستان جو رهاڪو هو، جنهن مان هڪ شخص سهتو خان ڀٽو لڏ پلاڻ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي نئون ڳوٺ جوڙايو، جنهن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ ته سر شاهنوازخان ڀٽو جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدابخش ڀٽو جي نالي سان ئي ڳوٺ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. سر شاهنواز ڀٽو 1888ع ۾ غلام مرتضيٰ خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو ملڪ جي سياسي سرگرمين ۾ دلچسپي ورتي ۽ تقريبن 22 سالن جي عمر ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي ميمبرطور کيس چونڊيو ويو ۽ سنڌ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته سر شاهنواز خان ڀٽو 1924ع دوران بمبئي پريزيڊنسي واري دور ۾وزير جي عهدي  تي رهندي عوام جي خدمت ڪئي سر شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مان ٻه پٽ امداد علي خان ڀٽو۽ سڪندر علي خان پيدا ٿيا، جڏهن ته ٻي گهرواري مان ذوالفقار علي ڀٽو5 جنوري 1928ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والده محترمه جو نالو خورشيده بيگم هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي تعليمي ڪيريئر مطابق ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي ۾سن 1937ع..کان 1947ع تائين، ان بعد يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا آمريڪا مان 1947ع دوران تعليمي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي برڪلي ڪيمپس ۾1949ع دوران پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد 1950ع دوران ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ 1950ع دوران داخلا ورتي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )1952ع جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تعليمي سرگرميون مڪمل ڪرڻ بعد ايشا کنڊ سان تعلق رکندڙپهرئين شاگرد جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ 1954ع دوران شامل ٿيو۽  25 آڪٽوبر 1957ع دوران گڏيل قومن جي ڇهين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي ۽ سمنڊ جي قانون ۽ ان جي آزادي جي عنوان تحت ليڪچرڏنو،

ان کان سواءِ 1958ع ۾ شاگردي واري عرصي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ يادگار تقريرڪئي اهو اهڙي تاريخي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي اصولن تي ڪاربند رهندي پنهنجي ملڪ، خطي ۽ اسلامي دنيا سان ٿيندڙناجائزين تي چٽو موقف اختيار ڪندي ڪاوڙ ۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙيندي اهو چئي اٿيو هو ته ”اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين“، جڏهن ته شاگردي واري دور ۾ پنهنجي ڌرتي سان بي حد پيار ڪندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي ذهانت تحت ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح ڏانهن خط لکيو هيو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو موقف اختيار ڪندي لکيو هيو ته” جيئن ته مان هيئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاء جان به قربان ڪندس“ذوالفقار علي ڀٽو قائد اعظم کي لکيل پنهنجي اظهار کي عملي طور تي ثابت ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه عرصوسنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار1954ع رهيوجنهن بحد ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو وڪيل رام چنداڻي سان وڪالت پڻ ڪئي.ڀٽي سياست جي باقائده شروعات اسڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.ذوالفقار علي ڀٽو وزارت خارجه تان استيفعا ڏئي ۽ لاهور ۾ پارٽي ٺاهڻ لاء ڪنوينشن گهرايو مگر ان وقت صدر ايوب خان 144 جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي وئي. ( جڏهن ته پارٽي لاء ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا. نمبر پهريو پيپلز پروگريسو پارٽي نمبر ٻيون پيپلز سوشل پارٽي. نمبر ٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوء آخري نالو چونڊيو ويو۽ پارٽي جوجيڪومنشور ڏنوويوان ۾ اسلام اسان جو دين يقين، جهموريت اسان جي پاليسي، طاقت جو محور، سرچشمو عوام ،آهي ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت ۾واپار جو وفاقي وزير 1958ع اطلات جو وفاقي وزير 1959ع پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير 1960ع وزير خاجه 1963ع تا 1966ع صدر پاڪستان 20ڊسمبر 1971ع تا 13 آگسٽ 1973ع وزيراعظم پاڪستان ..14 آگسٽ 1973ع تا 5 جولاء 1977ع ڀٽي جي دور حڪومت جا اهم ڪارناما اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو 3جنوري 1972ع مزدور جي حقن لاء پاليسين جو علان 10فيبروري 1972ع اولڊ ايج بينيفٽ وغيره سوشل سيڪيورتي اسپتال جو قيام لينڊ ريفارمز 1مارچ1973ع شملعه معادي تي دستخط مارشل لاء ختم ڪرڻ جو علان 21اپريل 1972ع 1971ع جي جنگ ۾ 90هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا جي ڪري 10لک ماڻهون اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا ) نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو قيام 24سيپٽمبر 1972ع ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح 28نومبر 1972ع اين ڊي ايف سي جو بنياد 5فيبروري 1973ع قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد 9فيبروري 1973ع پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري 12اپريل 1973ع پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد 27جون 1973ع پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد 30دسمبر 1973ع بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ جو علان1جنوري 1973ع علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد 21مئي 1974ع لاهور ۾ اسلامي سربراه قانفرنس سڏائڻ 22فيبروري 1975ع ( جنهن ۾ پوري دنيا جا مسلم حڪمران هت پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا ) پاڪستان ۾ پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد 3مارچ 1976ع ڊسمبر 1974ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاء ڪم شروع ڪرائڻ. شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ۽ ڪلبن ۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو ) ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي روزگار لاء آسانيون پيدا ڪرائڻ ذوالفقار علي ڀٽو جو نعارو. روٽي ڪپڙا اور مڪان هو ڀٽي جو دور حڪومت سان ماڻهن جو اميدون هنيون پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته ڀٽو جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو عوام لاء گهڻو ڪجهه ڪري سگهي هان، دشمنن کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي جو اهيو نعارو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه سگهيو.

ذوالفقار علي ڀٽو ذهين هجڻ جي باوجود به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاق، ۽ ڌوڪيباز شخص جنرل ضيا کي پنج سينئرن ماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو. ۽ کيس مٿان عتبار ڪيو مگر انهيء شخص جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوڪو ڏنو ۽ ڀٽي جي زندگي ختم ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽوکي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت قبولن جو چيوويوپر ڀٽو جيل ۾ هو ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهيو چيو ته اگر تون ملڪ ڇڏي وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، پر ذوالفقار علي ڀٽي ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته پاڪسان منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس ۽ ڀٽي پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. ( جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا ) ذوالفقار علي ڀٽوجون گرفتاريون پهرين گرفتاري. 12نومبر 1968ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ ڪئي وئي.جولاء 1977ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياء مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صدر مقرر ٿئي ۽ ڀٽوکي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوء 28 جولاء 1977ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.ان کان پوء 3 سيپٽمبر 1977ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو ۽ 13سيپٽمبر تي 1977ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو. 17سيپٽمبر1977ع تي وري ڀٽو کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي. ۽ 9 آڪٽومبر1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ذمانت جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي ڦل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي بنايو ويو. ( جيڪو ڀٽي سان اصل ڪو نه ٺهندو هو جنهن ڀٽي کي چيو هو ته سپريم ڪپرٽ جو چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر۽ ڀٽي هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين ۽ مولوي کي اهيا به وڏي باه هئي ڀٽي جي مٿان ) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي صاحب کي 18 مارچ 1978ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوء 25 مارچ 1978ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيء دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا. ۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو،مگر چار ججن ڀٽي جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. 24 فيبروري 1979 تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ ان ڪري استيعفا ڏياريو ويو جو هن ڀٽوجي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڀٽي کي سزا کانپوء 24 فيبروري 1979ع کان 4 اپريل 1979ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو. ۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون. ذوالفقار علي ڀٽوجي آخري ملاقات 3اپريل 1979ع تي سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽ نياڻي بينظير ڀٽو ڪرايي وي، جڏهن ڀٽي ٻنهيء کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون آهيون، ۽ هنن جڏهن چيو ته ها ته ڀٽي جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ اهيا آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاسي ڏني ويندي، تنهن کان پوء ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندو بدت ڪيو وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ چاهيان ٿو۔ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني وئي ڀٽو پنهنجي قبر لاءجيڪا وصعيت ڪي ان ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ 1969ع تي سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان لطيف ڊي ملهايو ويو جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي خاص مهمان طور سڏايو ويو ۽ ڀٽي صاحب لطيف صاحب تي ڳالهائيندي پنهنجي قبر لاء به وصعيت ڪئي ته مون کي مرڻ کانپوء شاه صاحب جي پيراندي کان دفن ڪيو وڃي. پر افسوس جو ڀٽي صاحب کي رات جي پيٽ ۾ بي رحمي سان قتل ڪري ۽ لانگ بوٽن جي پهري هيٺ کيس مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ۽ تنهن کانپوء به ڪيترا ڏينهن سندس قبر مٿام فوجي پهرو رکيو. ويو، ۽ ڀٽي صاحب جي اهيا خواهش ۽ وصعيت به ظالمن پوري ٿيڻ نه ڏني.

ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي خداداد لياقتن ۽ عوام دوستيءَ سبب ملڪ ۽ عوام جي جيڪا خدمت ڪئي اها ڪا لڪل ڪهاڻي ناهي. قائد اعظم محمد علي جناح جي قائم ڪيل پاڪستان کي سازشن ڏانهن ڌڪيندڙ سازشي ٽولن کي اها ڳالهه نه وڻي،آمر جنرل ضياءَ الحق معرفت نه رڳو جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر ايشا ۽ اسلامي بلاڪ جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرايوعوام کي شعور ۽ اعتماد ڏيڻ واري عظيم شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت، خوش گفتار، خوش پوش، سهڻي سوچ رکندڙ، ايشا جو چمڪندڙ ستارو، انقلابي، فلسفي، درد وندن جو درمان، غريبن ۽ مزدورن جو مسيحا، عوام کي زبان ڏيندڙ، پيسجندڙ ماڻهن جو اتساهه، اسلام جو شيدائي ۽ مجاهد، مظبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو حامي، گڏيل آئين جو خالق، ماڻهن جي اکين جي پنبڻين ۾ سمايل سچ جو سرواڻ، ملڪ کي سگهارو بڻائندڙ ايٽم بم جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي 4  اپريل 1979ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ فطري طورتي ڦاهي ڏيڻ بجاءِ رات جو ٻي وڳي سخت تشدد ڪري رات جي انڌيري ۾رهزنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني۽ صبح جو ڏهين وڳي تائين ڳڙهي خدا بخش ۾ عظيم اڳواڻ جي تدفين فوجي نگراني هيٺ ڪئي وئي، اهڙي ڏکوئيندڙ واقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۽ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ اسلامي دنيا پاران روڄ ۽ راڙو ڪيو ويو ۽ اهڙي قتل کي سياسي قتل قرار ڏئي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪاري باب جو اضافو ڪيو ويو ۽ عوام کي فوجي سزائن جهڙوڪ ڪوڙا، ڦاهيون ۽ گوليون لڳنديون رهيون پر جيئي ڀٽو جا نعرا مسلسل يارنهن سالن تائين جنرل ضياءَ الحق جون ننڊوڻ ڦٽائيندا رهيا. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي عوام جي دلين ۾ شهيد ڀٽو جي بي پناهه محبت کي برداشت نه ڪندي آمر جنرل ضياءُ الحق سنڌي ماڻهن کان ڀٽو همدري جي انتقام وٺڻ لاءِ مختلف منصوبن تي عمل ڪندي مستقبل ۾سنڌ  ڌرتي کي ٽامو بڻائڻ لاءِ مختلف منصوبا ترتيب ڏنا، جنهن ۾ ڪليشن ڪوف، هيروئن ڪلچر، ڌاڙيل ڪلچر ٻين فيڪٽرز جو رونما ڪري سنڌ کي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنهن مان اڄ تائين سنڌ واسي جان آجي نه ٿا ڪرائي سگهن ملڪ دشمن حڪمرانن عالمي قوتن جي اشاري تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهي پنهنجي انا واري تسڪين ته پوري ڪئي پر ڀٽو ازم جو خاتمو نه ڪري سگهيا، جيتوڻيڪ انهن کي آمريڪا جهڙي طاقت ور ملڪ جي اسٽبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل هيو. اڄ تائين ملڪ جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ بڻيل ڀٽو جي سازشي قتل جو رياستي سطح تي ڪو نبيرو نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهو به طئه نه ٿي سگهيو آهي ته: ڀٽو محب وطن هو يا غدار وطن….۽ ملڪ کي ترقي وٺرائڻ سميت ايٽمي قوت بڻائيندڙ ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ محب وطن آهن يا غدار وطن. غير رياستي طور تي اهو طئه ٿي چڪو آهي ته ڀٽو محب وطن ۽ جنرل ضياءُ الحق غدار وطن آهن،. ملڪ جي سمورن ماڻهن لاءِ خوشحالي جي علامت بڻيل ڀٽواڄ به  سنڌ واسين لاءِ ساڳئي معتبر حيثيت رکي ٿو، جنهن ڪري سنڌ واسي اڄ به اهو نعرو هڻي رهيا آهن ته ”اڄ به ڀٽو زندهه آهي“ شهيد ڀٽو جو فلسفو ته موجود آهي پر فلسفي تي عمل ڪندڙن جو فقدان آهي، جيتوڻيڪ اهي ڀٽو جي نعري ۽ فلسفي توڙي ڏنل قربانين جي صلي طور ملڪي قيادت واريون نه رڳو سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن پر دولت سان مالا مال به ٿي چڪا آهن ۽ اڃان به مال ميڙڻ ۾ جنيل آهن. پي پي جي نئين قيادت سنڌي ماڻهن جي نبض تي هٿ رکندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هٿراڌو جان نشين بڻجي سنڌ جي ماڻهن جي ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن ۽ مصنوعي طور تي ”اڄ به ڀٽو زندهه آهي“ وارو نعرو لڳائيندي سٻاجهڙن سنڌي ماڻهن توڙي سنڌ ڌرتي جي نمڪ حلالي جو حق ڪرڻ بجاءِ مورڳو انهن جو استحصال ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ وفاقي توڙي سنڌ جي حڪمران بڻيل پارٽي پي پي جي ڪردارن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو کٽيو کائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس عظيم نياڻي بينظير ڀٽوسميت خاندان ”پنهنجو سِرُ ڏئي ويساهه نه وڃايو“. اڄ به ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان جا شهيد پنهنجي وارثن سميت عقيدت مندن ۽ ملڪ جي سموري عوام کان تاريخي حقيقتن بابت سوال ڪري رهيا آهن.سنڌي ماڻهن سميت ڀٽو جي عقيدت مندن پاڻ ملهايو آهي، انهن ڦاهيون، ڦٽڪا، اسيري، بُک، بدحالي، ننڌڪائپ، لساني تعصب جي باهه مان پچي پاڻ ملهايو آهي پر اقتدار جي سڻڀن عهدن تي ويٺل ڀٽو جي مصنوعي وارثن مٿين تڪليفن سهڻ بجاءِ ڀٽو جي فلسفي کي پاسيرو ڪندي رڳو اقتدار جا مزا ماڻيا ۽ جائز توڙي ناجائز دولت ڪمائڻ باوجود ڀٽو جي عقيدت مندن سان ويساهه گهاتيون ڪري سنڌ جي وڏيرن، ميرن، پيرن، ٺيڪيدارن ۽ ڌنڌوڙين پنهنجا ڌنڌا بچايا آهن جن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي جي ”ف“ کان به بي خبر بڻيل آهن، تن کي رڳو مال ڪمايو واري ”م“ جي يقينن خبر آهي.ڀٽو ازم جا شيدائي ڳڙهي خدابخش جي انهيءَ قبرستان تي اڄ به عقيدت جا گل ان ڪري نڇاور ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته کين خبرآهي ته انهن جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڏي همٿ ۽ بهادري سان عالمي توڙي ملڪي طاقتن سان ٽڪر کاڌوهو۽ ڀٽو جي مظبوط پاڪستان واري خواب تحت پاڪستان کي عالمي قوت نه پيا ڏسڻ گهرن جڏهن ته ڀتو شهيد جو قصور رڳو اهو هو ته هن پاڪستان کي ايٽمي قوت وارو ملڪ بڻائڻ پيو چاهي، ان مقصد ۾ ڀٽو ڪامياب به ٿيو ۽ خوبصورت انداز ۾ نه رڳو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو پر ان ايٽمي طاقت کي محفوظ هٿن ۾ ڏنو.

هڪڙي پاسي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ ۽ سندس موڀي نياڻي کي گولين جو کاڄ بڻائيندڙ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ناسور بڻيل آهن ته ٻئي پاسي سنڌ سان اهي ماڻهو ويساهه گهاتيون ڪري رهيا آهن، شهيد ڀٽو جي قتل جي تاريخي حقيتن ڳولهڻ لاءِ ٻين کي ته ميار ناهي پر ڀٽو جا ڪجهه وارث رياستي طاقت کان وانجهيل آهن ان ڪري انهن تي ڪا وڏي ميار ناهي پر افسوس ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ بلاول ڀٽوزرداري، آصفه ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري جن کي رياستي طاقت حاصل آهي اهي به پنهنجي ناني ۽ والدهه جي قاتلن کي نه ڳولهي سگهيا آهن، سنڌي ماڻهو اڄ به انهن مان اها اميد رکن ٿا ته دهرائجندڙ تاريخ جون حقيقتون ڳولهڻ لاءِ بلاول، بختاور ۽ آصفه کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل لاءِ رياستي انصاف حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ڀٽوزجي قتل ۾ ملوث سازشن کي وائکو ڪري تاريخ ۾ درستگي ڪرڻ گهرجي.امريت جي ساٿارين آڏو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي ۽ عوام جي حقن لاءِ سندس  خاندان جي فردن عظيم نياڻي بينظير ڀٽو، فرزندن مير شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو پڻ شهادت جو جام نوش ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽوڏکن ڏوجهڙن سان مهاڏو اٽڪائيندي ان به ڀٽو فلسفي جي آبياري ڪندي پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي تاريخ ۾ ڀٽو خاندان امر بڻجي ويو.چئني شهيدن سان گڏ قبرستان ڳڙهي خدابخش جي مقبري منجهان پنجن ئي قبرن ۾ آرامي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو ۽ شهيدن جي سرواڻ بيگم نصرت ڀٽوگڏجي پاڪستان جي عوام کان اهو سوال ڪري رهيا آهن ته جمهوريت جي بقا ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن جي نتيجي ۾ کين ڪهڙي ڏوهه عيوض کين شهادت جو جام پياريو ويو،38 سال اڳ کان ڀٽو خاندان خلاف کيڏي ويندڙ رت جي راند مختلف طريقن سان جاري آهي، جنهن ۾ ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا هڻندڙ سوين آوازن کي دٻائي شهادت ڏني وئي آهي، پر اهو طئه آهي ته ” جيئي ڀٽو“ جو نعرو امرآهي ۽ امر ئي رهندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *