اليڪشني دور ۽ سياستدانن جا طوفاني بيان…..

گذريل آچر ڏينهن سنڌ جي ناڻي ۽ توانائي واري وزير مراد علي شاهه ۽ سينئر وزير نثار احمد کهڙي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن سان جيتوڻيڪ هر سنڌ واسيءَ جي دل جي ترجماني ٿئي ٿي، پر ڳالهين لاءِ جنهن وقت جي چونڊ ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ اُهي ڳالهيون پنهنجو اثر ڇڏي نه سگهنديون؛ جو عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اِهائي ڳالهه ويٺل آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجن ماڻهن کي ڪرپشن ڪيسن کان بچائڻ لاءِ سنڌ جي انهن اشوز کي اُٿاريو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ دليل ۾ وزن به آهي ته، گذريل ستن سالن کان سنڌ ۾حڪمراني ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ کي آخر اڳ ۾ اِهي سڀ مامرا نظر ڇو ڪونه آيا؟ گذريل ٻن سالن کان وفاقي سرڪار سان کير کنڊ رهندڙ سنڌ سرڪار اڳ ۾ اهڙا مطالبا ڇو ڪونه ٿي ڪيا ۽ هينئر آخر انهن جي اکين ۾ سنڌ جي دردن جو پاڻي ڇو لهي آيو آهي؟ ڪٿي سنڌ لاءِ جاڳي پيل اهو احساس مڪاني چونڊن واري مهم جو حصو ته ناهي؟ ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جي ٻنهي دؤرن ۾ سنڌ جي ماڻهن اِهوئي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي مفاد خاطر هر اُن قدم کي جائز سمجهندي رهي آهي، جنهن سان سندن اقتدار کي تقويت ملندي هُجي. اُن جو سڀ کان وڏو دليل گذريل دؤر حڪومت ۾ سنڌ کي انتظامي حوالي سان ٻه ڀاڱا ڪرڻ هو. اُن کان علاوه سوات آپريشن جي متاثرن لاءِ ڪئمپون قائم ڪري آڌر ڀاءُ ڪرڻ کان وٺي ڌارين آبادين کي جيءَ ۾ جايون ڏئي اُنهن جا انگل آرا سهڻ ۾ هُنن وسان نه گهٽايو، جڏهن سنڌ واسين تي هٿرادو مصيبتون مڙهيون ويون، لکين ڪروڙين ماڻهن کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ويو، تڏهن حڪمرانن متاثرن لاءِ ڪراچيءَ جهڙي اهم شهر ۾ ڪئمپون قائم ڪرڻ ته ٺهيو، پر ڌڪا ٿاٻا کائي ڪراچيءَ پهتل ٻوڏ متاثرن مٿان جڏهن گوليون وسايون ويون ته حڪمرانن ٻڙڪ ڪونه ٻاڦي، جو ان سان کين پنهنجي مفاهمتي سياست کي خطري جا انديشا هُئا ۽ اڄ اُهي ساڳيا حڪمران جڏهن حالتن هٿان سوڙها ٿيا آهن، تڏهن اُهي سنڌ جي دردن جون ڳالهيون ڪيو رت رُئڻ جو ڏيک ڏين ٿا. اِهوئي ڪجهه آچر ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۾ نظر آيو. سندن چوڻ هو ته نواز حڪومت افغانستان ۽ تاجڪستان سميت ڀارت سان ته بجلي خريد ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهي آهي پر سنڌ جي بجلي خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سندن چوڻ آهي ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت شهباز شريف هلائي رهيو آهي، جنهن سنڌ جا ونڊ ۽ سولر پاور منصوبا بند ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ شريف ڀائرن جي ڪمپني زونرجي کي ونڊ ۽ سولر پاور منصوبن جا 25 معاهدا جاري ڪيا ويا آهن. پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ننديپور بجلي منصوبي ۾ وڏي ڪرپشن ٿي آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف کي دنيا جا مهانگا ترين منصوبا ٺاهڻ جو شوق آهي، ميٽرو بس کان پوءِ ننديپور منصوبو مهانگو ترين منصوبو آهي، جنهن مان پيدا ٿيندڙ بجلي 35 رپين کان وڌيڪ في يونٽ واري مهانگي ترين بجلي هوندي پر وفاق اهو اضافي خرچ پاڻ ڀريندو ۽ معاملي کي لڪايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو موجود هجڻ باوجود پنجاب ۾ امپورٽيڊ ڪوئلي تي بجلي منصوبا هنيا پيا وڃن. سنڌ کي پاڪستان جو حصو نه پيو سمجهيو وڃي، وزيراعظم نواز شريف رڳو پنجاب نه پر سڄي مُلڪ جو وزيراعظم ٿئي. اُن کان علاوه ساڳي پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ جي گئس واري حق جي ڳالهه پڻ ڪئي وئي، جنهن لاءِ چيو ويو ته جيڪڏهن سنڌ کي گئس جو حق نه ڏنو ويو ته ٻين صوبن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي. ڪاش اِهي ڳالهيون سنڌ سرڪار کي اڳ ۾ ياد اچن ها، جڏهن وفاقي سرڪار سان سندن مفاهمتي پاليسي هلي رهي هُئي، تڏهن نه رُڳو سندن ڳالهين ۾ اثر هجي ها، پر عام ماڻهو پڻ اِهو تسليم ڪري ها ته سنڌ سرڪار مفاهمت تي اصولن کي ترجيح ڏئي پئي. جيتوڻيڪ سنڌ سان زيادتين جا طويل داستان آهن، اُنهن جي ازالي لاءِ سنڌ جي هر ساڃاهه وند ماڻهوءَ کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر اِهو قطع مناسب ناهي ته فقط پنهنجا پانڌ آجا ڪرائڻ لاءِ سنڌ کي استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي سچ به سنڌ جي دردن جو احساس آهي ۽ اُها درمان ٿيڻ چاهي ٿي ته پوءِ اُن کي سچائيءَ جي بنياد تي سنڌ جا معاملا اُٿارڻا پوندا. جيڪڏهن اِئين نه ڪيو ويو ته پوءِ اُن سان به اُهائي ڪار ٿيندي، جيڪا جعفر ٻڪرار سان ٿي هُئي. تنهنڪري اسين ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين جي تائيد ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ سرڪار ۾ اِها اُميد پڻ رکون ٿا ته اُها انهن معاملن کي محض اشو بڻائڻ جي حد تائين ئي نه پر اُنهن جي حل لاءِ به تحرڪ وٺندي ته جيئن سنڌ کي پنهنجن وسيلن جو جائز حصو ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *