سينيٽ ۾ متحده جي حمايت ۾ ٿيل تقريرون ۽ حقيقتن کان ڪن لاٽار : اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن پنهنجي مخصوص انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته وفاق پاران هڪ ڊگهي عرصي کان سنڌ سان زيادتين وارو سلسلو لاڳيتو جاري آهي، جڏهن ته سياسي شخصيتن کي دهشتگردي جي دائري ۾ آڻي انهن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته هو احتساب خلاف ناهن پر سياسي انتقامي ڪارروايون نه ڪيون وڃن. ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ سيد علي نواز شاهه  کي ڪوڙن الزامن هيٺ حراست ۾ ورتو ويو. بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته ڪراچي ۾ متحده قومي مومينٽ ۽ سنڌ حڪومت کي نشانو بڻايو پيو وڃي. اسان ڪنهن جي به ڪرپشن جي صفائي پيش نه ڪري رهيا آهيون. دهشتگردي جو الزام لڳائي 90 ڏينهن جو رمانڊ وٺڻ امتيازي سلوڪ آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن ۾ به ڪا سچائي ناهي. جنهن وقت متحده مشرف جي اتحادي هئي ته ان وقت هن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي.سينيٽر سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ خبر ناهي ڪنهن جي چوڻ تي رينجرز اختيار اورانگھي رهي آهي. نيب ثبوتن باوجود ميان منشا خلاف ڪارروائيون نٿي ڪري.جنهن مان ثابت آهي ته ان پٺيان ڪو ٻيو هٿ آهي ائين رحمان ملڪ ۽ ٻين پڻ سينيٽ ۾ متحده جي حمايت ڪري مظلوم ثابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمئن آصف علي زراري ۽ الطاف حسين هڪ ٻئي جي صفائي پيش ڪري قوم کي ٻڌائي چڪا آهن ته اسان هڪ ٻئي سان ڪهڙو سلوڪ ڪري چڪا آهيون هڪ پارٽي اڳواڻ اهو ٿو چوي ته پيپلز پارٽي اسان سان دوڇو ڪيو آهي ۽ منافقت کي مفاهمت جو نالو ڏيئي اسان کي بيوقوف بڻايو ويو جڏهن ته موٽ ۾ سندس بيان تي تبصرو اهو ٿيو ته متحده دهشتگرد تنظيم آهي جنهن ڪراچيء جي هر علائقي کي يرغمال بڻائي رکيو آهي ان کان سواءِ متحده وتان هن مهل تائين جيڪي دهشتگرديءَ جا ثبوت مليا آهن سي ڪنهن جي کاتي هڻجن 90 کان وٺي لنڊن تائين جيڪو ڪجهه دنيا متحده جي ڪرتوتن کي ڏٺو سو سڀ ڪجهه ڪاڏي ڪجي اعتزاز احسن هڪ قانون جو رکوالو پڻ آهي جنهن متحده کي ويجهي کان به ڏٺو آهي پوءِ به سندس واتان متحده لاء تعريف ڀريون تقريرون ڪرڻ ضرور ڪا معنيٰ رکي ٿي يا ته ائين آهي ته متحده جي ناڪام ٿيل سياست کان پوءِ هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي اڪيلي بڻجي ويئي آهي ۽ سندن کي اهو خوف آهي ته اهو ساڳيو حشر اسان سان به نه ٿئي تنهن ڪري سڀ ٺڳ گڏجي هڪ سگهه جو مقابلو ڪريون ڇو جو هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا جنگي صورتحال ٺاهي آهي تنهن ۾ سڀ وزير ڪرپشن جي ڪٽهري ۾ قيد ٿي چڪا آهن ائين واري واري سان سڀني جو احتساب ٿي رهيو آهي سٺا حڪمران ته هر وقت پاڻ کي عوام آڏو احتساب لاءِ پيش ڪندا آهن پوءِ خبر ناهي هي ڪهڙا حاڪم آهن جيڪي احتساب واري عمل کان پاسيرا ٿي الزام تراشيءَ تي لهي اچن ٿا جيڪڏهن متحده جي سياست دهشتگرديء ۽ ڪرپشن کان پاڪ آهي ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ڪرپشن ڪنهن ڪئي آهي جڏهن ته حڪمراني پويان پنج سال متحده ۽  پي پي پي جي رهي آهي اڃان به جيڪر انهن جي حاڪميت عوام لاءِ هئي ته ڪنهن کين چيو ته اسيمبلين مان آئوٽ ٿي وڃو جيڪڏهن سندن ڪارڪنن کي اجايو گرفتار ڪيو ٿي ويو يا انهن تي اجايا الزام لڳي رهيا هئا ته اهي عدالتن ۾ پنهنجا ثبوت پيش ڪري پنهنجي ڪارڪنن جي حفاظت ڇو نه ٿي ڪري سگهيا ڇا انهن لاءِ به حڪومت سندن در بند ڪري ڇڏيا هئا جيڪڏهن ائين به هو ته پوءِ اهي عوامي ريفرنڊم ڪرائي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرائي ٿي سگهيا  سندن سياسي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن هڙتال واري ڪال تي ڪوبه دڪاندار پنهنجو دڪان بند نه ٿو ڪري ائين کين عوامي موٽ جو نه ملڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته متحده عوامي نه پر دهشت جي بنياد تي سياست پئي ڪئي آهي  جنهن کي پنهنجي ڪئي جي هاڻي سزا ملي رهي آهي ان سڄي صورتحال کان پوءِ به سينيٽ جهڙي اهم ۽ قانون ساز اداري مان دهشتگردن جي حمايت ۾ تقريرون ڪرڻ نهايت افسوس ناڪ عمل آهي ان کان به وڌيڪ ڏکائيندڙ اها ڳالهه آهي ته هڪ قانون جو ماهر پاڻ قانون جي لتاڙ ڪندڙن کي دوست ۽ بي ڏوهي چئي رهيو آهي جيڪا قوم سان گڏ پنهنجي پارٽي پاليسيءَ سان به وڏي مذاق آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي به ان ساڳي صف ۾ بيٺل آهي ته پوءِ احتساب واري عمل کان نه گهٻرائڻ گهرجي ۽ جلد رينجرز يا نيب ، اينٽثي ڪرپشن يا ايف آئي اي سميت ٻيا عملدار وزيرن جو واٽون جهلڻ لاءِ سندن اڳيان هوندا پوءِ خورشيد شاه جنگ جا اعلکان ڪري يا سيد مراد علي شاه وسيلن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ بيان بازي ڪري نتيجو کين ڪجهه به نه ملندو ڇوته عوام توهان جي دليري ۽ پهلواني اڳواٽ ئي ڏسي چڪو آهي ته ٿوري اسٽينڊ وٺڻ سان توهان رينجرز کي لاکون ايڪڙ زمين به ڏيئي ڇڏي ، توهان ڪپتاني جي زميواري کڻي سک سان سمهي پيو ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف اهڙا ادارا ڪارروائيون ڪرن لڳا جن جي توهان کي خبر ئي نه پئي باقي هاڻي اپيڪس ڪاميتي يا وفاق جي مخالفت ڪرڻ سان ماحول نه سڏرندو ۽ نه  ئي وري متحده جي حمايت ڪرڻ سان سنڏ سورن مان نڪرندي ان ڪري بهتر اهو آهي ته عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کڻي پنهنجي ساک کي بهتر ڪيو وڃي ڪرپشن ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو آهي ته دهشتگردن جو ساٿ ناهي ڏيڻو ،حڪومت توڙي عسڪري قوتون بار بار چئي رهيون آهن ته  ڪراچي آپريشن ڪنهن فرد، اڳواڻ يا پارٽي خلاف نه آهي پر دهشتگردن خلاف آهي، دهشتگردن ۽ ڏوهارين جي مالي مدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ، جنهن به پارٽي اندر ڪاريون رڍون آهن انهن جي خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي اهو سڄي قوم جو مطالبو آهي هاڻي پيپلز پارٽي کي پنهنجي وزيرن ۽ سينيٽرن خلاف قدم کڻڻ گهرجي ۽ دهشتگردن جي ساٿ ڏيڻ وارين شخصيتن کي عدالتن يا قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي حوالي ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي پيپلز پارٽي جو ڀلو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *