ترقياتي ڪمن ۾ شفافيت کي برقرار رکيو وڃي: نواز شريف

گلت بلتستان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ماضي ۾ فنڊ شفاف انداز ۾ استعمال نه ٿيڻ سبب عوام کي نقصان پهتو، امن امان قائم ٿيڻ بعد گلگت بلتستان ۾ هاڻي هزارين نه پر لکين سياح اچن ٿا. وزيراعظم نواز شريف، گلگت ۾ قراقرم هاءِ وي تي عطا آباد ڍنڍ وٽ چين جي مدد سان قائم ٿيل ٽنلز واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد گلگت جي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هـُو گلگت بلتستان جي عوام جي تقدير بدلائڻ جو عزم رکن ٿا. هن چيو ته ترقياتي ڪمن ۾ شفافيت کي برقرار رکيو وڃي، هڪ هڪ رپيو ايمانداري سان خرچ ڪيو وڃي، خيانت سان ملڪ کي نقصان پهچندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ فنڊ شفاف انداز ۾ استعمال نه ٿيا ان ڪري عوام کي نقصان پهتو. نواز شريف چيو ته پهريان ڪجهه هزار سياح گلگت ايندا هئا امن امان قائم ٿيڻ بعد هاڻي لکين سياح گلگت اچن ٿا. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي ترقي جا تمام گهڻا موقعا آهن، لکين سياح آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختون خواهه جي سياحتي مرڪزن جو به رُخ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *