تنهنجي ياد جي وري آ وير……………..!گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ رستم جتوئي: شهاب الدين جتوئي

دنيا جو وجود آئي کانپوءِ ڪيترائي ماڻهون آيا ۽ ويا، پر ڪي اهڙا به شخصيت هن دنيا ۾ پنهنجا نانءُ ڪمائي ويا، پر جيڪي ڪڏهن به مرڻا ناهن، اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندا اچن پيا، هڪ ته ادب، اخلاف، پيار، محبت ۽ ٻيون ان جون عوامي، سياسي، سماجي، يونين برادري لاءِ ڏنل قربانيون، خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن هونديون، عظيم انسانن مان کل، مکڻو يار وس دوستن جودوستن رستم جتوئي به هڪ هو، جيڪو وڇڙيو آهي، مگر وسريو ناهي، جيڪي اچانڪ دوستن رستم جتوئي يونين اڳواڻ ان سان گڏ دوستن انور چنو۽ وزير تاريخ ۾ موجود هئا، جيڪي ٽئي ڏوڪري کان ٽنڊو ڄام ويندي روڊ حادثي ۾ 31 جنوري 2016ع دوران شهيد ٿي ويا هئا، جنهن جي خدمت، قربانين، محبت کان تازو ڪرڻ لاءِ 31 جنوري کي سارنگ يار يونين پاران رائيس ريسرچ انسٽيوٽ ڏوڪري ۾ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته دوستن جي محتلف آفيسن، هوٽلن، شهرن ڳوٺن ۾ يار ويس رستم جتوئي سان گهاريل گهڙيون ياد اينديون آهن ته کوٽ محسوس ٿيندي آهي، رستم جتوئي ته اسان سان گڏ آهي، ڇو ته ان ڪڏهن به دوستن کي وساريو نه هيو، سهارو ڏيئي هميشه ٻانهن ٻيلي ٿيندو رهيو، ۽ يارن دوستن جا مسئلا حل ڪرڻ توڙي دوستن کي ٺاهڻ ۽ دوستن جي حقن لاءِ انتظاميه توڙي ميڊيا فورم تي آواز اٿاريندي پاڻ ملهايو، ۽ ان جون يادون اندر کي ڪپن عورن ٿيون ، ان کان سواءِ روشني به اونداهه نظر ايندي محسوس ٿيندي رهي ٿي،

جئين ڀٽائي سرڪار چيو ته……!

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

ڳلن تان ڳوڙ هن جون بوندون بس نه ڪن

سني سڪ پرين جي لوءِ ڏٺي نه لهي

وچڙي ويس ته ورسي آهيان

جڏهن ته اسان جي سماج ۾سدائين بهترين ڪردار رکندڙن عظيم انسانن کي ياد رکندا آهيون، ڇو ته ڀلي اهي ڪهڙي شعبي ۾ ڇو نه پنهنجون خدمتون ڪارناما، قربانيون ڏئي ويا هجن، جيئن ته استاد بخاري چوي ٿو ته…!

جو قوم جيئاري اهو جيئدنو رهندو

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو

مون کي تاريخ تقدير ڏني پڪ آهي

جو سنڌ جيئاري اهو جيئندو رهندو…..!

جڏهن ته زندگي جي سفر سان گڏ محبتن توڙي جدوجهد جو سفر جاري رکڻ دوران عوامي حقن لاءِ جاکوڙ جاري نظر ايندي آهي، ته ڀلي منزل ڪيڏي ڇو نه ڏور هجي حقن خاطر وڪڻ جهڪڻ واريون لالچون سڀ ذهن مان ٿڏي ڇڏيون آهن، ته منزل ضرور ماڻينديون جڏهن ته يونين اڳواڻ رستم ۽ ان جا دوست ويا پر ان جو ٻاريل مشعل راهه کي هموار ڪرڻ لاءِ ان جا دوست ان جون سالگرهيون يا ورسيون ملهائي سدائين ياد کي تازو ڪري رهيا آهن،

جيئن شاعر چوي ٿو ته …..!

اسان جي مئاسين سفر او ساٿي

ماڻينداسين منزل پنهنجي ڍول ڍاٿي

۽ جڏهن به ماضي ورق کي اٿلائبو آهي ته انسانن جي لازوال خدمتون ڪندڙ عظيم رستم جتوئي جهڙا انسان وساري نه سگهنداسون،

شاعر چوي ٿو ته

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هجن

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءِ منجهه اچي بوءِ بهار جي

جڏهن مڙس مانجهي مهمان جون ڪچهريون ياد اينديون آهن، ۽ سماج کي بگارڻ بدران سڌاڻ لاءِ ۽ ڏنل عظيم قربانيون ياد اينديون آهن، ته اتي رستم جتوئي جهڙي محنتي جاکوڙي محنتي   مانهن جون يادون جي ءَ کي جهوري وجهنديون آهن، ۽ دل ۾ الائي ڇو بي انتها کوٽ محسوس ٿيندي اٿم….!

جيئن ته شاعر چوي ٿو ته….!

تو کان ٿيندي ڌار

کلندي لکندي يار

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

هونئن به هن دنيا ۾ انسان اڌارو آيو آهي، هڪ ڏينهن وڃڻو آهي، تنهن ڪري رستم جتوئي ۽ ان جي دوستن وانگر اهڙا ته عظيم انسان بڻجو ۽ بي انتها انسانن جي ڪم اچون، جيئن اسان کي به دوستن وسارڻ بدران دلين ۾ هميشه قيامت کائين ياد رکندا اچن، جيئن ته شاعر چيو آهي ته

سپت ڀريا سپريم ڪپت ڪين ڪريو

ٿوري گهڻي ڳالهه تي ماڻهو وڃن مريو

تيسي قرب ڪريو، جيسي جيئرا آهيون جهان ۾ ….!

 

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “تنهنجي ياد جي وري آ وير……………..!گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ رستم جتوئي: شهاب الدين جتوئي

  1. Same columists are being published Dear,don’t know the Sarwan’s Policy on Which Criteria U Publish the Article, same peope whose daily articles r published in Various newspaper, its the public opnion

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *