ڪراچي آپريشن باوجود پوليس جي ٽارگيٽ ڪلنگ، امن ڪير بحال ڪندو؟

 

ڪراچي ۾ بلديا ٽائون سانحي بابت جاچ ۾ شامل ڊي ايس پي مجيد عباسي هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو. ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ظفر ٽائون ۾ ڪالهه صبح جو ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار هٿياربند ڊي ايس پي سائيٽ مجيد عباسي کي ٽارگيٽ بڻائي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز پهچي ڪري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ورتو ۽ واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام قادر ٿيٻو، ڊي آءِ جي ايسٽ منير شيخ، ڊي آءِ جي ويسٽ فيروز شاهه، ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر نجيب سميت ٻيا پوليس آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ڊي ايس پي جي قتل بابت ڄاڻ ورتي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر نجيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد ڊي ايس پي مجيد عباسي اولهه ضلعي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ايس ڊي اپي او مقرر هو ڪالهه صبح جو هو پوليس موبائيل ۾ اڪيلو سوار ٿي آفيس وڃي رهيو هو ته ٻن موٽر سائيڪل سوار چئن هٿياربندن رستي ۾ وجهه وٺي مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي مارجي ويو. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڊي ايس پي کي سيني ۽ مٿي ۾ 5 کان وڌيڪ گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته ڊي ايس پي مجيد عباسي سان گڏ سندس گارڊ ۽ ڊرائيور نه هو هو اڪيلو موبائيل هلائي ڪري آفيس وڃي رهيو هو. هن چيو ته ڊي ايس پي مجيد عباسي هڪ بهادر ۽ ايماندار آفيسر هو، مقتول ڊي ايس پي مجيد عباسي اصل ۾ ايبٽ آباد جو رهواسي هو جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملير جي علائقي ظفر ٽائون ۾ رهائش پذير هو.هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڊي ايس پي جي قتل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته قاتل گرفتار ڪيا وڃن. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري به واقعي جي مذمت ڪئي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جتي عام ماڻهو جي زندگي محفوظ ناهي اتي اگر محافظ به محفوظ نه هجن ته ڪراچي جو امن ڪيئن بحال ٿيندو انڪري حڪومت کي گهرجي ته ڏوهارين خلاف وڏي آپريشن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي جيڪو سخت هئڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ڏوهاري کي بخش ڪرڻ بنا گرفتار ڪري قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي انهن کي عبرتناڪ سزائون ڏئي ته جيئن ڪراچي شهر جو امن مڪمل طور بحال ٿي سگهي ۽ عوام سک ۽ سڪون جو ساهه کڻي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *