ليگ اسپنر ياسر شاهه کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ميچ ونر بالر بڻجڻ جي خواهش

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر ياسر شاهه چيو آهي ته هو پنهنجي بالنگ ۾ مختلف ورائٽيز آڻي ميچ ونر بالر بڻجڻ چاهي ٿو، سندس چوڻ آهي ته سريلنڪا جون وڪيٽون اسپنرن لاءِ مددگار آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ سريلنڪا جي دوري تي پهتل ياسر شاهه هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سريلنڪا جو دورو پاڪستاني ٽيم وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته آئي لينڊ ۾ پاڪستان 10 سالن کان ڪا سيريز ناهي کٽي، سڀ رانديگر اهو سلسلو ختم ڪرڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته سريلنڪا جي وڪيٽن تي سڀ کان وڏي ذميواري ذوالفقار بابر تي آهي، سعيد اجمل جي غيرموجودگي ۾ بابر ۽ مان ٽيم کي مايوس نه ڪنداسين. هن چيو ته گذريل ڪجهه عرصي ۾ انجريز سبب پاڪستاني بالنگ ڪافي متاثر ٿي آهي پر هاڻ سڀ بالر فٽ آهن ۽ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندا. ياسر شاهه چيو ته هو پنهنجي بالنگ تي وڏي محنت ڪري رهيو آهي، سندس ڪوشش آهي ته هو وڪيٽون وٺندڙ بالن کي وڌيڪ بهتر بڻائي، سندس گگلي ۾ هاڻ 70 سيڪڙو بهتري اچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *