شڪستن مان ئي سکي وٺو!؛عاجز جمالي

سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ اچڻ واري آهي، اسان جو اڄ جو موضوع بجيٽ ناهي، پر ايندڙ بجيٽ ۾ وفاق کان رقمون نه ملڻ جو وڏو ماتم شامل هوندو، پر اسان جو موضوع پيپلز پارٽي جي شڪستن سان واسطو رکي ٿو، جن مان اهو اندازو ٿي رهيو آهي ته ’چارون صوبون ڪي زنجير‘ هاڻي ڪڙي ڪڙي ٿي وئي آهي. ڇو ته بينظير جو نه رهي ته اها زنجير به نه رهي، جنهن جو هڪ عظيم مثال 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز وٽ ٿيل بم ڌماڪو آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ هر قوم، هر مذهب، هر فرقي، هر نسل جا ماڻهو شهيد ٿيا هئا. لڳي ائين ٿو ته 27 ڊسمبر 2007ع تي ’چارون صوبون ڪي زنجير‘ ٽٽڻ شروع ٿي هئي. گذريل ستن سالن جي سرڪار ۾ ان زنجير جو هڪ حصو اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪو سنڌ آهي.

ملڪ ۾ سڀ کان پهرين ڪينٽومينٽ جون چونڊون ٿيون، پيپلز پارٽي جو آخري نمبر. ملڪ ۾ مختلف علائقن ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جو نالو نشان ڪونهي، ان کانپوءِ تازو خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون، جن ۾ عوامي نيشنل پارٽي زبردست مقابلو ڪندي پي ٽي آءِ جي سامهون پنهنجي پوزيشن ڪافي بهتر ڪئي، اي اين پي به 2013ع جي عام چونڊن ۾ هارائي وئي هئي پيپلز پارٽيءَ وانگر، پر ان پاڻ کي ٻن سالن ۾ بهتر ثابت ڪيو، پر اتي به پيپلز پارٽي پَٽ تي رهجي وئي.

گذريل ڏينهن گلگت بلتستان جي صوبائي سرڪار لاءِ چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ (ن) سڀ کان وڏي پارٽيءَ جي صورت ۾ اڀري آئي آهي. پيپلز پارٽي صرف هڪ اڌ سيٽ کڻي سگهي آهي. گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪار هئي، سندس وڏو وزير به هارائي ويو. گلگت بلتستان جي آزاد حيثيت ڏيندڙ پيپلز پارٽي اڄ ان ۾ پنهنجي صوبائي ساک وڃائي ويٺي آهي.

سچ اهو آهي ته پيپلز پارٽي لاءِ 2013ع جي عام چونڊن کان شڪستن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. پر مئي 2013ع کان وٺي جُون 2015ع تائين به پيپلز پارٽي پنهنجي شڪستن منجهان سبق حاصل نه ڪري سگهي آهي. چئن صوبن جي زنجير جا دعويدار صرف سنڌ تائين رهجي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين ۾ آهن.

پنج سال وفاقي سرڪار جي ڇٽي ۾ هلندڙ سنڌ جي سرڪار گذريل ٻن سالن کان وفاق جي مخالف پارٽي جي صورت ۾ سنڌ ۾ حڪمراني ڪري رهي آهي. سنڌ جي سرڪار سڄي پاڪستان جي پيپلز پارٽي لاءِ اهو مسافر خانو آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي کٽ ۽ بسترو مليو وڃي. اردو ڳالهائيندڙن جي نالي ۾ ايم ڪيو ايم کي 40 سيڪڙو حصو ڏيندڙ پيپلز پارٽي سنڌ جي حڪومت ۽ نوڪرين ۾ ٻين صوبن کي به حصو ڏئي رهي آهي، جنهن سبب چئن صوبن جي زنجير ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندي بلڪه ڪمزور ٿيندي.

رحمان ملڪ ۽ ملڪ رياض کان وٺي انور مجيد تائين، سليم مانڊوي والا کان وٺي شيري رحمان تائين، اسلام دين شيخ کان وٺي انهن سڀني ماڻهن تائين جن وٽ سنڌ کي هلائڻ جا اختيار مليل آهن، انهن سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي سوال ڪجي ته انهن سڀني جون سنڌ لاءِ ڪهڙون خدمتون آهن؟

۽ اهو هڪ ٻيو ڊگهو بحث ٿي ويندو ته ان قسم جي ماڻهن سنڌ کي ڪيترو نقصان پهچايو آهي. سنڌ جا ٺيڪا، سنڌ جي ترقي، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي صحت، سنڌ جي ثقافت کان وٺي ادب تائين انهن سنڌ کي گذريل ستن سالن ۾ ڪيترو نقصان پهچايو آهي، سنڌين جي پنهنجي سول سوسائٽي نه هجڻ سبب انهن مامرن تي ڪير به آواز ڪونه پيو اٿاري، سنڌي اديب، دانشور، غير ملڪي ڊونرز کان فنڊ کائيندڙ ماڻهو بظاهر اڇا اجرا لڳندا آهن، پر حقيقت ۾ اهي سڀ ان گناهه ۾ برابر جا شريڪ آهن.

منهنجي نظر ۾ ملڪ رياض کان وڌيڪ خطرناڪ اهو سنڌي آهي، جيڪو ذاتي مفاد خاطر ترقي جو اهو دهل وڄائي پيو، جنهن تي سنڌي ماڻهن کي دوسو وانگر نچايو پيو وڃي. سنڌي قومپرست اڳواڻ کلي ڳالهائڻ بدران ”ليپا پوتي سياست“ جا ماهر لڳا ويٺا آهن، سنڌ جو هر شعبو ڪرپشن جي گپ ۾ لٿل آهي، ان ڪرپشن جي خلاف جيڪو به ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو، اهو سندن نظر ۾ چريو آهي يا مايوس آهي. سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين جون تنظيمون واويلا ۾ ڪمال رکن ٿيون، پر سنڌ ۾ ويهي عملي ڪم ڪهڙو ڪجي؟ شايد اهو سندن ايجنڊا ۾ ناهي. ادب، راڳ رنگ، موسيقي جون محفلون، ڊونرز پروگرام، سنڌ مان مخصوص ماڻهن کي سڏائي هو جمالا ڳارائي هو سمجهن ٿا ته دنيا ۾ سنڌ کي هو زنده رکيو ويٺا آهن.

پر حقيقت ۾ جيڪا اصلي سنڌ آهي، اها هر سماجي سطح تي مري رهي آهي، ڪرپٽ ترين سماجن جي فهرست ۾ اچي چڪي آهي، جنهن جو ڪارڻ رڳو حڪومت ڪندڙ پارٽي ناهي، ان حڪمران پارٽي جا سڌي يا اڻ سڌي ريت ڀرجهلا ٿيندڙ مڊل ڪلاس جا به اهي سڀ ماڻهو آهن، جيڪي چند سالن ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن.

سنڌ جون سموريون قومپرست پارٽيون سنڌ ۾ رٿيل مڪاني چونڊن کان پري آهن، البته اڄ جسقم پاران سپر هاءِ وي تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف ڌرڻو لڳندو، ڏسون ته ان جا ڪهڙا اثر پون ٿا، ڪيترا ماڻهو گڏ ٿين ٿا، سنڌي قومپرستن اڳيان رڳو بحريه ٽائون ناهي، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي به آهي، ان تي ڪير ڇونه ٿو اکر ڳالهائي، ٻيا به سنڌ دشمن منصوبا آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن مان هارايل پيپلز پارٽي جي ڪارستانين جي کاتي ۾ شامل آهن، پر ان ۾ سنڌ جي پاسي ڪير بيٺو آهي؟

سنڌ جي مڪاني چونڊن کي چئلينج سمجهڻ گهرجي، جيستائين سنڌ آزاد ٿئي، تيستائين هي ننڍا ننڍا فورم ڇڏي ڏيڻ جو مطلب آهي ته اوهان ’کپي کپي‘ وارن کي رستو صاف ڪري پيا ڏيو. پيپلز پارٽي جي گناهن تان پردو ڪير چاڪ ڪندو، اهو ڪير ثابت ڪندو ته اوهان پنجاب کان وٺي خيبرپختونخواهه تائين، بلوچستان کان وٺي گلگت بلتستان تائين هر هنڌ کان شڪست کائي چڪا آهيو، ڇو ته اوهان شڪستن مان سبق ڪونه سکيو.

باقي بچي سنڌ، جنهن ۾ اوهان جون اکيون کتل آهن. شايد اوهان سمجهو ٿا ته سنڌ جو غريب عوام ڪاڏي ويندو؟ يا ممڪن آهي ته اوهان جو خيال هوندو ته سنڌ ۾ ڪير چئلينج ڪندو؟ سنڌ جو عوام سلجهيل ۽ لکيو پڙهيو نوجوان شديد اضطراب ۾ ورتل آهي، ماڻهو اوهان کان بيزار آهن، عوام جو مطلب اهي چار پنج هزار مراعت يافته ماڻهو ناهن، عوام جو مطلب سنڌ جي اڪثريت آهي، شايد ان جي جهلڪ اوهان کي سنڌ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ نظر ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *