سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي پوليس وري آمهون سامهون..!

حڪومت جا ڏينهن هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا آهن ان باوجود سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ پوليس خلاف نت نوان حربا استعمال ڪرڻ ۾ رڌل آهي،  قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ پوليس ايڪٽ بابت اعليٰ سطحي اجلاس گذريل ڏينهن ٿيو، ڄاڻ مطابق ته سنڌ سرڪار پاران نئين پوليس ايڪٽ بابت تيار ڪيل مسودي بابت آگاهي ڏيندي چيو ويو ته ايڪٽ کي سنڌ پوليس ايڪٽ 2018 جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوري عملدرآمد ڪيو ويندو، ان لاءِ پوليس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل سنڌ اسيمبلي جي هلندڙ سيشن ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو، جنهن ۾ آءِ جي جي مقرري ۽ ان خلاف ڪارروائي لاءِ وفاق کي وڏو وزير سفارش ڪندو. جي آءِ ٽي گهرو وزير جي منظوري سان جڙي سگهندي، نئين ايڪٽ تحت وفاقي حڪومت آءِ جي جي مقرري لاءِ وڏي وزير جي سفارش ڪيل ٽن نالن مان هڪ کي مقرر ڪرڻ جي پابند هوندي، خراب ڪارڪردگي تي وڏو وزير آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار رکندو. جڏهن ته نئين ايڪٽ ۾ جاچ جا اختيار به گهرو کاتي کي ڏنا ويندا، جاچ ۾ عدالت به مداخلت نه ڪري سگهندي،  نئين پوليس ايڪٽ ۾ آءِ جي جا بدلين ۽ مقررين بابت اختيار گهٽائي صرف گريڊ هڪ کان گريڊ 16 سپاهي کان انسپيڪٽرن ۽ ايس ايڇ اوز تائين جا اختيار آءِ جي کي ڏنا ويا آهن، جڏهن ته گريڊ 17 جي آفيسر اي ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي بدلي ڪرڻ جا اختيار گهرو وزير ۽ گريڊ 18 ۽ ان کان مٿي ايس پي کان آءِ جي تائين جي آفيسرن جي بدلين جا اختيار وڏي وزير کي هوندا. جڏهن ته جي آءِ ٽي به گهرو وزير جي حڪم سان ئي ٺهي سگهندي،  سنڌ سرڪار نئين ايڪٽ لاءِ پوليس کان 24 ڪلاڪن ۾ جواب گهريو آهي، جڏهن ته پوليس اختيارين نئين پوليس ايڪٽ تي خدشن جو اظهار ڪندي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته نئون پوليس ايڪٽ جي پيشواراڻي پوليس معاملن ۾ مداخلت آهي، مسودي ۾ ڪجهه انتظامي ۽ مالي معاملا به ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ آهن، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا سنڌ سرڪار جي نئين پوليس ايڪٽ تي اعتراض واريندي چيو ته آءِ جي جي مقرري جو مدو ٻه بدران 3 سال هجڻ گهرجي، ۽ خيبرپختونخوا وانگر سنڌ ۾ به پوليس جا سمورا معاملا آءِ جي وٽ هجڻ گهرجن، ان تي سنڌ سرڪار کي اعتراض نه هجڻ گهرجي، سنڌ سرڪار کي ڊرافٽ پهرين پوليس کي ڏيڻ گهرجي جيئن ان کي پڙهي تجويزون ڏئي سگهجن ها، تڪڙ ۾ ان تي ڪمينٽس نه ٿا ڏئي سگهجن، ان لاءِ وقت ڏنو وڃي، جيئن پوليس پنهنجو ڊرافٽ پيش ڪري سگهي، پوليس ريفارمز لاءِ سنڌ سرڪار، پوليس ۽ سول سوسائٽي کان مشورا ورتا وڃن. پوليس اختيارين ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿيڻ بعد معاملي جي حل لاءِ سب ڪميٽي ٺاهي وئي جيڪا جلد کان جلد پوليس ايڪٽ تي ڪم ڪري ڌرين کان نيون تجويزون وٺي شامل ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *