تون مونسان سياست ٿو ڪرين….!!!‎: حاڪم علي چانڊيو/دادو

پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آھن انھن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ھر سياسي پارٽي ۽ سياسي اميدوار ميدان مارڻ جي لاءِ وس آھر ڪوششن ۾ رڌل آھن، پر سنڌ جو بيوس عوام پنھنجي بيوسيءَ سبب وري بہ شايد اھو فيصلو ڪرڻ وڃي رھيو آھي جيڪو ان گذريل اليڪشن ۾ ڪيو ھيو عوام گهڻي قدر پنھنجو ذھن ٺاهي ورتو ھوندو تہ ڪنھن کي ووٽ ڏيڻو آھي ڇو جو ميڙ منٿ قافلا ۽ لالچون وغيره گهڻو ڪم ڪري ويا ھوندا تنھن ھوندي اڃا بہ وقت آھي تہ پنھنجي پنھنجي تڪ ۾ بيٺل اميدوار جي ماضيءَ جي ڪردار ۽ ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺنداسين تہ ضمير اسان کي جهنجهوڙيندو تہ اھڙن ڪرپٽ حڪمرانن کي پنھنجو ووٽ نہ ڏيون پنھنجو ووٽ سنڌ جي تقدير بدلائڻ لاءِ ڏيون جيڪڏهن ھي چونڊون بہ گذريل اميدوار کٽي ويا تہ سنڌ جي عوام کي مستقبل ۾ پڇتاءُ جي سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيندو سنڌ ساڳئي سورن ۾ ھوندي، ۽ ساڳئي دردن ۾ ھوندي اليڪشن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪا خبر ناھي گذريل ڏھن سالن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان جيڪي ڪلور ٿيا انھن کي نقاب پوش ڪرڻ لاءِ ميڊيا جو رپورٽون ئي ڪافي آھن سنڌ جي حڪمرانن مان ڪنھن بہ قسم جي ڀلائي جي اميد نہ ٿي ڪري سگهجي ڇو ھنن چونڊن ۾ چونڊجي آيل نمائنده سنڌ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪري سگهندا ان جو سبب ھيءَ آھي تہ انھن جي مالڪي جا اختيار ڪنھن ٻي ڌر وٽ آھن سنڌ اڳ ۾ بہ سورن ۾ ھئي ھن وقت بہ سورن ۾ آھي جيسيتائين سنڌ کي ڪو مخلص ليڊر نٿو ملي تيسيتائين تبديليءَ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي ڇو تہ جيڪي چونڊجي اچن ٿا اھي مٿين طبقي جا ماڻهو آھن ۽ انھن کي ھيٺين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي ڪا بہ خبر ڪانهي ڇو تہ سنڌ دوست ماڻهو اگر چونڊن ۾ حصو وٺن ٿا تہ تر جا ڀوتار انھن کي ميڙ منٿ ڪري سيٽ تان ھٿ کڻائين ٿا ٻيو تہ وري ايترا ماڻهو چونڊن ۾ ڪو نہ ٿا بيھن جو اھي چونڊون کٽي سنڌ جي تقدير بدلائي سگهن پر جيڪڏهن سنڌ جو ھيٺيون طبقو چونڊن ۾ کٽي ٿو تہ پوءِ ان مان چڱائي جي اميد بہ ڪري سگهجي ٿي اسان کي ھنن چونڊن ۾ ڪا بہ تبديلي نظر ڪو نہ ٿي اچي ۽ سنڌ جا ماڻهو سنڌ لاءِ ووٽ ڏين ۽ سنڌ جي بقا جمھوريت ۾ آھي ھي چونڊون سنڌ لاءِ اميد ڀريون ثابت ٿي سگهن ٿيون اگر اسان سنڌ جي ھڏ ڏوکي ماڻهوءَ کي پنھنجي ووٽ جي طاقت سان چونڊرايون اسان ھر پنجن سالن کان پوءِ اسان اھا اميد کڻي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏيڻ ويندا آھيون تہ شايد ھن ڀيري ڪا تبديلي اچي ھاڻي جيئن جيئن اليڪشن ويجهو ايندي ٿي وڃي تيئين تيئين اميدوار سرگرم ٿيندا پيا وڃن پورا ڏھہ سال ڊگهو عرصو سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت رھي آھي ۽ پورا ڏھ سال سنڌ جي عوام تڙپندي ۽ لُڇندي گذاريا آھن، ڇا ٿيندو؟ ڪھڙو نتيجو نڪرندو؟ اليڪشن ۾ سچائي ھوندي؟ ڌانڌلي ھوندي! ڇا ھوندو؟ اسان تہ سدائين ووٽ ڏيڻ ۾ نااھل ثابت ٿيا آھيون اسان لاءِ اليڪشن تہ ھڪڙو امتحان ھوندو آھي ۽ ان امتحان ۾ اسان سدائين فيل ٿيندا رھيا آھيون اسان ھر ڀيري ائين ئي ڀائيندا آھيون تہ ھن ڀيري ڪجهہ بدليل ھوندو ڪجهہ درست ھوندو پر سنڌ کي سواءِ دوکن ۽ دردن جي ٻيو ڪجهہ بہ ناھي مليو اخباري ڪالمن کان ويندي ڪچھرين ھوٽلن ۽ ڳوٺن جي اوطاقن تائين ھن وقت اليڪشن جو ذڪر عروج تي آھي ھن وقت جيڪي بہ ماڻهو اليڪشني سياست جو حصو آھن انھن کان ڄڻ تہ سنڌ ئي وسري وئي آھي سنڌ ۾ چونڊيل نمائنده سياسي ورڪ ۽ جلسا ڪري رھيا آھن سنڌ ۾ گذريل ڏھن سالن ۾ جيڪو پيپلزپارٽيءَ جيڪو سنڌ سان حشر ڪيو آھي اھو ڪنھن کان بہ ڳجهو ناھي محسوس ائين پيو ٿئي ڄڻ تہ سنڌ جي تباهي انھن ڏھن سالن ۾ ئي ٿي ھجي سياستدانن سنڌ جي عوام سان ڪوڙن واعدن ۽ ڏٽن ڏيڻ جي سياست ڪري رھيا آھن جنھن ڪري سياست ايتري تہ بدنام ٿي وئي آھي جو ماڻهو ھڪٻئي کي ھر ڳالھ تي چون ٿا تہ

” تون مونسان سياست ٿو ڪرين ” مطلب دوکو ڪوڙ يا فريب پيو ڪرين اگر ھن ڀيري بہ اسان پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال نہ ڪيو تہ وري ٻيا پنج سال اسان کي ڏکن تڪليفن دردن ۽ ٻين مسئلن سان ڀوڳڻو پوندو ھر ساڃاھ وند ماڻهوءَ کي پنھنجي دوستن، مٽن، مائٽن، حلقن ۽ عام زندگيءَ ۾ رھندڙ ۽ ملندڙ ماڻهن سان اليڪشن جي موضوع تي بحث ڪرڻ گهرجي ۽ انھن کي اھو محسوس ڪرائڻ گهرجي تہ اسين ڪھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رھيا آھيون انھن نمائندن ۽ انھن پارٽين کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ ان ڪوڙي ۽ دوکي واري سياست جي پاڙ پٽڻ لاءِ سڀني کي ھڪ ٿيڻو پوندو سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن کان پڇاڻو ڪيو وڃي پورا ڏھ سال اقتدار جي ھنج ۾ ويٺلن کان اھو پڇاڻو ڪيو وڃي تہ سنڌ سان آخر ويساھ گهاتيون ڇو ڪيون ويون؟ انھن ڪرپٽ وزيرن ۽ مُشيرن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي جيڪي جهنڊن جي ڇانوَ ۾ ڏھن سالن کان سنڌ کي تباھ ڪندا آيا آھن سنڌ ھن وقت بہ ڪيترن ئي مسئلن ۾ الجهيل آھي ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آھي پورا پنج سال اسان جا چونڊيل نمائنده اقتداري ھنج ۾ آرامي ھوندا آھن جڏهن اليڪشن ويجهي ٿيندي آھي تہ پوءِ انھن کي پنھنجي پنھنجي تڪ جا فوتي ياد اچي ويندا آھن جيڪي پنجن سالن ۾ فوت ٿيا انھن جي وارثن سان عذرخواھي ڪرڻ سان گڏ ووٽن جي پارت ڪندا رھندا آھن جيڪي ماڻهو اسپتالن ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل ھوندا آھن انھن سان عيادت ڪرڻ ۾ دير ئي ناھن ڪندا پنھنجي تڪن ۾ پنھنجن ئي چمچن وٽ چانھ پارٽيون رکرائي ان پارٽيءَ کي اٽينڊ ڪرڻ بھاني ماڻهن سان ھڏڏوکي ڪندا آھن پنھنجي تڪ جي ننڍن ٻارن کي ھنج ۾ کڻي فوٽو ڪڍرائي ٻوٿ بوڪ تي داد حاصل ڪندا رھندا آھن اليڪشن جي وقت اگر ڪو ماڻهو سندن جي بنگلي تي ڪنھن ڪم سانگي ويندو تہ انھن جو اٿي بيھي استقبال ڪري نالو وٺي پنھنجي ڀر ۾ ويھاري ائين محسوس ڪرائيندا ڄڻ تہ سڳا سئوٽ ھجن جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ايندي ٿي وڃي تيئن تيئن سياستدان پارٽيون بدلائيندا پيا وڃن ڪو پي پي کي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ٿو ڪو پي ٽي آءِ ڇڏي نواز ليگ تہ ڪي فنڪشل ليگ ڇڏي پي پي ڏانھن رخ ڪن ٿا سنڌ ۾ پورا ڏھ سال پي پي جي حڪومت رھي آھي پي پي جو زوال پاڪستان ۾ تہ گهڻي عرصي کان آيل آھي پر اھو زوال ھاڻي سنڌ ۾ پي پي جي ڪارڪردگي سبب ھر شھر ۾ ريڊ سگنل ڏئي رھيو آھي سنڌ جي عوام کي ھن خط ذريعي ننڍڙي اپيل ڪيان ٿو تہ پنھنجي ووٽ جي طاقت سان اسان سنڌ ۽ عوام دوست مخلص ۽ باضمير ليڊر چونڊي سنڌ ۾ تبديلي آڻيون گذريل ڏھن سالن جي طويل عرصي ۾ پي پي جي حڪومت ڪھڙا ڪم ڪيا آھن؟ سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آھن سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو ويو سنڌ جون اسپتالون اين جي اوز جي حوالي ڪيون ويون سنڌ جا روڊ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ جي بازار گرم رھي ھتي حق گهرڻ واري تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ڪنھن بہ آفيسر سان ملڻ لاءِ پٽيوالي کي سئو رپيا ڏيڻو پوي ٿو ڪنھن بہ قسم جو جائز مسئلو پئسن کان سواءِ حل ٿيڻ ناممڪن آھي سنڌ جا چونڊيل نمائنده پورا پنج سال ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ آرامي ھوندا آھن جڏهن اليڪشن ويجهو ايندي آھي تڏهن وري عوام لاءِ ھمدردي جاڳي پوندي اٿن ووٽ وٺڻ لاءِ منٿون ميڙون ڪوڙا واعدا ۽ ترقيءَ جا خواب ڏيکاري ووٽ وٺڻ کان پوءِ جوڳي نہ ڪنھن جا مِٽ وارو پھاڪو ورجائيندا آھن سنڌ جي حالت ڏينھون ڏينھن بدترين ٿيندي پئي وڃي سنڌ جا حڪمران بس بيان بازي جي دنيا کان ٻاھر نڪري ڪنھن جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھن رشوت جي بازار کي ھٿي ڏياري وڃي سنڌ جي ھر ھڪ کاتي ۾ خرچي يا چانھ جي نالي تي سوين رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا سنڌ ۾ بيروزگاري عروج تي آھي سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي سنڌ ۾ حقن جي لتاڙ عروج تي آھي سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي سنڌ ۾ سياسي مداخلت عروج تي آھي ميرٽ جي لتاڙ بہ عروج تي آھي سنڌ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ عروج تي آھي اوھان وٽ اگر ڪير بہ ووٽ وٺڻ لاءِ اچي تہ ان کان پڇاڻو ڪيو تہ پورا پنج سال ڪٿي ھوندا آھيو؟ ۽ پنھنجي تڪ جي عوام کي ڪنھن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ويندا آھيو ڪمند پوک تہ اگهہ ناھي ڪڻڪ پوک تہ بارداڻو ڪونهي آخر عوام کي ڪھڙي گناھ جي سزا پيا ڏين؟ سنڌ کي اگر انھن ڪرپٽ حڪمرانن کان بچائڻو آھي تہ ھي وقت آھي پنھنجي ووٽ جي صحيح استعمال جو پنھنجو ووٽ صحيح ماڻهوءَ کي ڏيو تہ جيئن مستقبل ۾ پڇتائڻو نہ پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *