سنجراڻي جي درٻار تي سڀني جي جهڪڻ جو سبب سامهون اچڻ گهرجي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ سمورين پارٽين جي هڪ ئي هنڌ جهڪڻ جو سبب سامهون اچڻ گهرجي. نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته بني گالا ۽ بلاول هائوس وارا هڪ ئي درٻار تي وڃي ڇو جهڪا آهن، ڪراچي مان ايندڙ به سنجراڻي جي درٻار تي وڃي جهڪي پيا، ڪهڙو سبب هو ته جي پي ايس وانگر هر ڪو هڪ هنڌ وڃي پهتو، سبب عوام سامهون اچڻ گهرجي. صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته سينيٽ اليڪشن وانگر عام چونڊن کي به مئنيج ڪيو ويو ته ڇا ڪندا؟ نواز شريف جواب ڏنو ته هاڻي نه وقت رهيو آهي ۽ نه ئي حالتون، دنيا هاڻي گهڻو اڳتي هلي وئي آهي، نئين حڪومت آئين کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿي ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *