ڪاپي ڪلچر ڪيئن ختم ڪجي؟: تحرير. شيرمحمد سولنگي

سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ٻيو مکيه ڪارڻ اسان جا شاگرد آهن، جن کي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي ناهي، نه وري سندن والدين کي ڪو فڪر آهي ته سندن اولاد پڙهي پوي. ان صورتحال امتحانن ۾ ڪاپيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. ڪاپي وڌڻ سبب سنڌ جا شاگرد ٻين صوبن جي شاگردن سان مقابلي جهڙا نه رهيا آهن. گڏيل چٽا ڀيٽيءَ کان وٺي مقابلي جي ٻين امتحانن ۾ سنڌ جون سيٽون گهڻي ڀاڱي خالي رهجي وڃن ٿيون، جڏهن ته اسان جا شاگرد ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائون نه ٿا وٺي سگهن. ڪاپيءَ جي شڪل ۾ سنڌ کي لڳل اها اڏوهي اسان نسل تباهه ڪري رهي آهي. جنهن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان پاسي جيترو ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهو نه پيو ڏنو وڃي، ان کان علاوه اسان جي سرڪاري نظام ۾ چيڪنگ سسٽم نه آهي

سنڌ ۾ نائين-ڏهين جماعت جا امتحان شروع ٿي ويا آهن. ڪالهه پهرين ڏينهن امتحاني مرڪزن ۾سرعام ٿيندڙ ڪاپيءَ ۽ وقت کان اڳ پرچو آئوٽ ٿيڻ تي بورڊ اختيارين توڙي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي. جتي سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي ڊويزنن  ۾ پرچا وقت کان اڳ آئوٽ ٿيا، اتي  سنڌ ۾ ميٽرڪ جي پهرين پيپر ۾انتظاميا جي ڪاپي روڪڻ واري دعويٰ ڌوڙ ٿي وئي. رپورٽن موجب لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي نگراني ۾لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ دادو جي ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه تعلقن ۾ ڪالهه نائين جماعت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان سنڌي لازمي جو پرچو ورتو ويو، جنهن دوران اميدوارن جا والدين پنهنجي ٻارن کي ڪاپي ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ امتحاني سينٽرن ٻاهران پهتا، جيڪي گائيڊ مان سوالن جا جواب ڪڍي پنهنجي ٻچڙن ڏانهن موڪليندا رهيا، جڏهن ته امتحاني سينٽرن اندر به اميدوار جديد ٽيڪنالاجي جو فائدو وٺندي واٽس اپ گروپن ۽ انٽرنيٽ ذريعي به سرعام ڪاپي ڪندا رهيا، لاڙڪاڻي  ۾ نائين ڪلاس جو سنڌي پرچو آئوٽ  ٿي ويو، شهر ۾ قائم فوٽو اسٽيٽ جي دڪانن تي سنڌي جو حل پيپر 100 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هو. هوڏانهن تعليمي بورڊ طرفان جوڙيل ويجيلنس ٽيمن توڙي ڇاپا هڻي 192 شاگردن، شاگردياڻين کي ڪاپي ڪيس ڪيو، جڏهن ته 34 اميدوارن کي ڪاپي تبديل ڪرڻ ۽ 20 اميدوارن کي ٻين بدران ويهڻ تي سينٽرن مان بي دخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي امتحاني سينٽرن تي بجلي جي اک ٻوٽ به جاري رهي، ڪيترن امتحاني سينٽرن تي بجلي غائب رهي، جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي گرلس هاءِ اسڪول ۾ هڪ شاگردياڻي ساجده چنو بيهوش ٿي وئي، جڏهن ته لاڙڪاڻو شهر جي گجڻ پور هاءِ اسڪول ۾ شاگرد ممتاز ڏاهاڻي بجلي نه هجڻ دوران بيهوش ٿي ويو، بجلي بند هجڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻين کي امتحانن دوران مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. سکر ۾ انگلش ون جو پيپر 20 منٽ دير سان شروع ڪيو ويو جڏهن ته چيڪنگ جي باوجود شاگرد گائيڊون ۽ حل پيپر امتحاني مرڪز اندر کڻي  وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،سکر ۾امتحان جي پهرين ڏينهن ئي نائين ڪلاس جي انگريزي جو پرچو وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ٻاهر پهچي ويو، جنهن بعد پيپر آئوٽ ڪندڙ مافيا ان پرچي کي حل ڪرائي گهرن ۾ رکيل فوٽو اسٽيٽ مشين تان حل ٿيل پيپر پيسن عيوض وڪرو ڪيو ۽ اهو پيپر ڪيترن ئي اميدوارن جي مائٽن پيسن سان خريد ڪري موبائل ذريعي پنهنجي مائٽ اميدوارن کي واٽس اپ ڪيو. تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين سيد مجتبيٰ شاهه گورٽمينٽ هاءِ اسڪول الفلاح، گرلز ڊگري ڪاليج، ڊبل سيڪشن هاٰ اسڪول ۽ ٻين امتحاني سينٽرن تي پهچي امتحان جو جائزو ورتو ۽ امتحان وٺندڙ انويجيليٽرن کي ڪاپي روڪڻ لاءِ پڻ هدايتون ڏنيون، تعليمي بورڊ جي چيئرمين مجتبيٰ شاهه گورنمينٽ هاءِ اسڪول الفلاح مان ڪاپي ڪرڻ جي الزام هيٺ ۱۰ شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪري امتحاني سينٽرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. شڪارپور ۾به نائين ڪلاس جي سنڌي پرچو واٽس ايپ جي ذريعي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڏهرڪي ۾ به انگلش ون جو پرچو واٽس اپ ذريعي آئوٽ ٿي ويو، ڦلجي ۾ جيئن ئي پيپر شروع ٿيو ته  حيدرآباد بورڊ جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد ميمڻ ٽيم سميت دوري تي پهتو، جتي هن سرعام ٿيندڙ ڪاپي ۽ ناقص سڪيورٽي انتظامن تي ناراضگي ظاهر ڪئي.ڀان سيد آباد ۾ نائين ڪلاس جي ھلندڙ پيپر ۾ اي ايس پي سيوھڻ سميع ملڪ جي اڳواڻي ۾ پوليس ھائير سيڪنڊري اسڪول جي امتحاني سينٽر تي چڙھائي ڪري پيپر ڏيندڙ شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ جي الزام ۾ ڪلاسن مان ٻاھر ڪڍي شاگردن کي لٺيون ھڻي کين 10 منٽن تائين مرغو بڻايو، لٺيون لڳڻ سبب نائين ڪلاس جي شاگرد  احسان علي گائينچي.امداد علي مڱڻھار ۽ عرفان علي گنڀير سميت 5 شاگرد زخمي ٿي پيا. ور شهر جي هاءِ اسڪول ۾ پير پٺو پوليس انچارج ۽ اي وي سي سي پوليس ٺٽو جي جمعدار وچ ۾ ڪاپي ڪرائڻ تان جهيڙو ٿي پيو، پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي انچارج ۽ جمعدار کي ڇڏائي جهيڙو ختم ڪرايو.نواب شاهه، قاضي احمد، سڪرنڊ، مٽياري، هالا ۽ ٻين امتحاني مرڪزن تي ڪاپيءَ جي ڌم متل رهي. ميرپور خاص تعليمي بورڊ  جي ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن ۾انتظاميا جي بي ڌياني سبب نائين  جماعت جي پيپر ۾ڪاپي جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا. هوڏانهن  ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪيترن ئي  امتحاني مرڪزن ۾ شاگردن لوڊشيڊنگ دوران پيپر حل ڪيو.ٻي طرف سنڌ سرڪار ميٽرڪ جي امتحانن ۾ ٿيندڙ ڪاپي  روڪڻ لاءِ سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بورڊن جي نگراني ۾ هلندڙ امتحانن دوران پرچا آئوٽ ٿيڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو پيپر آئوٽ ڪرڻ ۾ ملوث آهن، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته هن معاملي ۾معافي جي ڪا به گنجائش ناهي. هن بورڊ ۽ يونيورسٽي جي سيڪريٽري کي معاملي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

امتحان شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امتحان ڏيندڙ شاگردن کي مخاطب ٿي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ وڏي وزير کين اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي اولاد جي بهتر مستقبل لاءِ ڪاپيءَ جي خاتمي جي سلسلي ۾ سرڪار جو هٿ ونڊائين. پر سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ مان اهڙي خبر نه ملي ته ڪو فلاڻو امتحاني سينٽر ڪاپيءَ کان بچيل رهيو.

امتحان جي پهرئين ڏينهن سکر ۾  پرچو آئوٽ ٿيو، جڏهن ته گهڻن سينٽرن تي ڪاپيءَ  جي ڌم متل رهي، ڪيترائي شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا. تعليمي بورڊ حيدرآباد جي نگراني ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي ساليانن امتحانن ۾ به ساڳئي صورتحال رهي. حيدرآباد جي اڪثر سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم رهي، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ڪيل دعوائون کوکليون ثابت ٿي ويون. ٻئي طرف تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي نگراني ۾ اتر سنڌ جي 6 ضلعن ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر شروع ٿي ويا آهن، ڪالهه ڊويزن جي ڇهن ضلعن ۾ نائين ڪلاس جي سنڌي ڪمپلسري جو پيپر ٿيو، جنهن دوران امتحاني سينٽرن ٻاهريان ڪاپي ڪرائيندڙن جا هجوم موجود هئا. سنڌ ۾ امتحانن جي حالت ڪا اڄوڪي ناهي ۽ نه وري ڪنهن ڌارئي اسان مٿان اهو عذاب نازل ڪيو آهي، پر اها بيماري گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان سنڌ جا نسل ڳڙڪائي رهي آهي. جيڪا اسان پنهنجي لاءِ پاڻ تجويز ڪئي آهي. سنڌ ۾ آيل ان بيماريءَ جا ڪارڻ گهڻا ئي آهن. پر مکيه ڪردار استاد ۽ شاگرد جو آهي.

سنڌ ۾ 1988ع کانپوءِ اهڙا ستاد ڀرتي ڪيا ويا، جن کي نه پڙهائڻ سان دلچسپي هئي ۽ نه وري انهن کي پڙهائڻ پئي آيو. سنڌ ۾ وڏيرن پنهنجي مرضيءَ سان ڪوٽا هيٺ استاد ڀرتي ڪرائي، تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي. 1988ع کان شروع ٿيل اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا تائين جاري آهي، جنهن جي ڪري اسان وٽ نيچرل سائنس ۽ سوشل سائنس جي مضمونن جا استاد ئي ناهن، جيڪڏهن استاد آهن ته تجربي گاهه ۽ ٻيون سهولتون ناهن. سرڪار ساليانو اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي باجود گهربل نتيجا نه ٿي ڏئي سگهي. جنهن جو ڪارڻ سرڪار پاران تعليم ۽ خاص طور امتحانن جي مانيٽرنگ نه ڪرڻ آهي..

سنڌ جي تعليمي معيار جي بهتريءَ لاءِ لازمي آهي ته ڊگهي مدي تائين فائدو ڏيندڙ پاليسيون جوڙيون وڃن، جنهن سان نه رڳو سنڌ تعليمي ميدان ۾ ترقي ڪري پر ان جا اثر سمورن شعبن ۾ به نظر اچن. ان لاءِ لازمي آهي ته تعليم کاتي، تعليمي بورڊن مان ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي، اسڪول ۾ نه پڙهائيندڙ استادن کي فارغ ڪري انهن جي جاءِ تي نوان استاد ڀرتي ڪيا وڃن. نصاب جو نئين سر جائزو وٺي، وقت ۽ حالتن پٽاندڙ نصاب لاڳو ڪيو وڃي. سنڌ ۾ حقيقي تعليمي ايمرجنسي تڏهن نظر ايندي جڏهن شاگرن ۽ استاد وچ ۾ اعتماد وارو ناتو بحال ٿيندو، هر اسڪول تعليمي طور تڏهن سرگرم نظر ايندو، جڏهن  اسان انهن تعليمي ادارن جي پاڻ به مالڪي ۽ وارثي ڪندي نظر اينداسين. تنهن ڪري حڪومت جيڪڏهن حقيقي طور سنڌ مان ڪاپيءَ جو خاتمو آڻڻ چاهي ٿي ته ڪاپيءَ  قانوني، اخلاقي ۽ سماجي ڏوهه قرار ڏئي، ان تي وڌ کان وڌ سزائون مقرر ڪيون وڃن، جيئن اسان پنهنجا ايندڙ نسل بچائي ، تعليم يافته سنڌ جي پيڙهه رکي سگهون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *