آپريشن ”ردالفساد“  پائدارامن ۽ استحڪام آڻيندو: آرمي چيف

بهاولپپور (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بهاولپور گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستاني فوج کي دنيا جي بهترين فوج بڻائي ڇڏيو، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت ترجمان اداري آءِ ايس پي آر  پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه بهاولپور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل تيارين ۽ سڪيورٽي آپريشنز جي بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته آپريشن ”ردالفساد“ ملڪ ۾ ديرپا امن ۽ استحڪام آڻيندو، هن چيو ته اسان جا جوان پاڪ فوج جي اصل طاقت آهن، آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جو چوڻ هو ته جوان روايتي جنگ لاءِ بهترين طور تيار آهن، سڪيورٽي آپريشنز دوران نوجوان آفيسرن جي جذبي عيوض امن قائم ٿيو آهي، پاڪ فوج جا جوان آفيسر منهنجو فخر آهن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنس جو افتتاح ڪيو ۽ جوانن کي تعليم ۽ صحت جي منصوبي بابت آگاهي ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *