سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊي جي نيب سميت 4 ڊي جيز گهر ڀيڙا ٿي ويا…!

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ نيب ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڊي جي نيب عاليه رشيد سميت چئن ڊي جيز کي فوري طور تي عهدن تان هٽائڻ ۽ 200 کان وڌيڪ آفيسرن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته عاليه رشيد کانسواءِ ڊي جي نيب لاهور ميجر برهان علي، ڊي جي بلوچستان طارق محمود ۽ ڊي جي نيب ڪراچي ميجر منير احمد کي فوري طور تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نيب خالي پوسٽن تي ٽن مهينن اندر ٻيهر ڀرتيون ڪري،  ميجر برهان، ميجر طارق ۽ ميجر منير کي رٽائرمينٽ کانپوءِ سمورا فائدا ڏنا وڃن جڏهن ته هٽايل آفيسرن کي ضرورت تحت ڪانٽريڪٽ تي رکي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ نيب جي چئن آفيسرن فهد خان، ياسر محمود، ڪريم بخش ۽ هڪ ٻئي کي چئن هفتن ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن مان منظور ٿيل تعليمي ادارن جا سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته آفيسرن جي ڪميٽي انهن چئني ماڻهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ۽ مقرر مدي ۾ سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪرڻ تي انهن کي فارغ ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ 200 کان وڌيڪ نيب جي ٻين آفيسرن بابت فيصلي لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ڪميٽي ۾ سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ، ڊي جي هيومن ريسورسز نيب ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو نمائندو شامل هوندو. اها ڪميٽي ٻن مهينن ۾ نيب آفيسرن بابت ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪرڻ جي پابند هوندي. واضح رهي ته پنهنجي عهدي تان هٽايل نيب جي ڪرپشن جي خاتمي جي اشتهاري مهم جي سربراهه عاليه رشيد پهرين تعليم کاتي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ملازم هئي، سپريم ڪورٽ ۾ روبرو نيب پنهنجي لکت واري جواب ۾ اعتراف ڪيو هو ته اداري ۾ سوين ماڻهن کي قاعدن کان هٽي ڪري ڀرتي ڪري ترقيون ڏنيون ويون آهن. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ عاليه رشيد کي نيب ۾ آگاهي مهم بابت ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو هو ته شعور پيدا ڪرڻ جدا ۽ ٽينس کيڏڻ جدا شيون آهن، راندين جي شعبي سان لاڳاپو رکندڙ عاليه رشيد کي نيب ۾ ڊائريڪٽر ڇا جي لاءِ لڳايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *