سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ملاقات، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف وزيراعظم نواز شريف سان اهم ملاقات ڪئي آهي. پي ايم هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران آرمي چيف آپريشن ضرب عضب بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ذريعن مطابق بريفنگ دوران جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان هلندڙ آهي، جنهن کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائينداسين. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف آپريشن ضرب جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين جي ڀرپور نموني ساراهه ڪئي. ملاقات دوران امن امان ۽ پاڪ فوج جي پيشيور معاملن سوڌو ملڪ جي جملي صورتحال غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ضرب عضب سوڌو ڏوهارين خلاف ملڪ ۾ هلندڙ آپريشن جاري رکڻ ٽي اتفاق ڪيو ويو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *