ماريا شيراپووا امدادي ڪمن لاءِ پيوروٽوريڪو پهچي وئي

ماسڪو(اسپورٽس نيوز) روس جي ٽينس رانديگرياڻي ماريا شيرا پووا فلاحي ڪمن ۾ هڪ قدم اڳتي وڌندي پنهنجي ساٿي ٽينس اسٽار مونيڪا سان گڏ پيورٽوريڪو پهچي وئي آهي، جتي ٻنهي گذريل مهيني آيل سامونڊي طوفانن ارما ۽ ماريا سبب متاثر ٿيل هزارين ماڻهن جي مدد شروع ڪري ڇڏي آهي. اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ مونيڪا طوفان سٽيل ماڻهن جي مدد لاءِ فيس بوڪ تي هڪ پيج به ٺاهيو آهي، جنهن تي هن وقت تائين مختلف ماڻهن طرفان ڏيڍ لک ڊالر جي رقم امداد طور ڏيڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ماريا شيرا پووا پنهنجي ذاتي ڪاروبار شگر پووا ڪينڊي جي انٽرنيٽ ذريعي هلندڙ سال ٿيل سموري ڪمائي ان نيڪ مقصد ۾ ڏيڻ جو ارادو ڪيو آهي. شيرا پووا ۽ مونيڪا گذريل ڏينهن پيوٽوريڪو جي مختلف متاثر علائقن ۾ وڃي ماڻهن کي گئس جا چلها، دوائون، سلينڊر، کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ شمسي توانائي تي هلندڙ ليمپ عطئي طور ڏنا آهن. شيرا پووا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي تفصيل ٻڌائيندي چيوته اسان ۱۲۵۰ گئس وارا چلها، ۳ هزار سلينڊر، هڪ هزار سولر پاور وارا ليمپ ۽ ۲۰۰ ماڻهن کي موبائيل فونون عطئي طور فراهم ڪري چڪا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *