فقير هدايت علي نجفي تارڪ صوفي شاعر: ابراهيم لاشاري (وارهه)

عشق جي آثار کان ٿي ويا سڀئي يڪبار چپ ،

عقل چپ، ادراڪ چپ، اذڪار چپ ، افڪار چپ 

موج محويت سبب تارڪ جي دل مان ٿي ويو ،

ذڪر چپ، ۽فڪر چپ، اسرارچپ انوار چپ.

پنهنجي سرسبز سنڌ هونئين به صوفين ،صالحن، ولين ،نيڪ مرد، پيرن فقيرن ،درويشن  جي ڌرتي صدين کان سڏجندي پئي اچي ،هن سڪ ۽ قرب واري مٺي مٽي هر دور ۾ املهه انسانن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي  اهڙن عظيم املهه درويشن جي مالها  ۾ اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي  ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ننڍڙي شهر لالورائنڪ ۾ صوفي فقير هدايت علي نجفي تارڪ ولد فقير الهداد عرف تراب علي تنيو  29جولاءِ1894 ع آچر ڏينهن مطابق 25 محرم الحرام 1312هجري  پره ڦٽي مهل   ۾ جنم ورتو . فقير هدايت علي نجفي تارڪ شروعاتي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتي جيڪو وقت جو هڪ عالم ۽ صوفي بزرگ پڻ هو سندس والد سٺي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ کانپوءَ عربي ۽ فارسي جي تعليم مدرسي ٺوڙهي شريف ۾ مولانا محب الله تنئي کانپوءِ مدرسه دارالعلوم شهر کنڊو (وارهه) ۾ مولانا خاراني صاحب کان حاصل ڪرڻ بعد سلوڪن جي راهه ۾ نوشهري فيرو جي نقشبدي بزرگ ميان صفي الله جو مريد ٿيو درياءَ خان فقير ۽ فقير نواب ولي محمد لغاري سان پڻ خاص عقيدت ٿيس پنهنجي مرشد صفي الله کان فيض وٺي اچي لالورنئڪ ۾ لنڊ واهه جي ڪپ تي آستانو اڏي سڀ لاڳاپا ترڪ ڪري ( تارڪ الدنيا) ٿي پنهنجي شآعري وسيلي اندر جي اڌمن کي ظاهر ڪندو رهيو هميشه عشق الاهي ۾ ايتري قدر محو ٿي ويو جو هر و قت عبادت ۾ مشغول رهندو هو ستن زبانن  سنڌي ،سرائڪي ، فارسي ، عربي ، هندي ، پشتو ۽ اردو جي هن عظيم صوفي  شاعر پهريان (نجفي ) تخلص اختيار ڪيو بعد ۾ (تارڪ ) سڏايائين فقير هدايت علي نجفي تارڪ مڙني خوبين جو مالڪ هوندو هو، پاڻ سدائين عبادت الاهي ۾ عمر گذاريائين صوم صلوات جو پابند هوندو هو. انسان ذات سان بيحد پيار محبت ڪندو هو علامه صاحب کي سنڌي ادب جي سڀني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هوندي هئي سندس شاعري جي مڙني صنفن جهڙوڪ ڪافيون، ربايون ، مثنويون ،قطعات، مرثيا ، مسدس، ڏوهيڙا ، غزل ،  بيت ، مرثيه ،سلام ،نوحه منجاجات ، جهجي انداز ۾ ڇپيل آهن تارڪ سائين کي جواني جي جوڀن ۾ مجازي عشق جي مهيز  (چوٽ ) لڳي جنهن جي اثر ڪري شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين سندس عشق پنهنجي ڪنهن عزيز سان هو عشق جي ڏاڪي جي ناڪامي سبب شادي ڪرڻ جو ارادو به هميشه لاءِ ترڪ ڪري ڇڏيائين پاڻ الفي پائي فقير تارڪ نجفي پيرين اگهاڙي پنهنجو ديس ڇڏي گهر کي به خير آباد چئي ٻاهر هليو ويو پنهنجي من اندر جو اظهاري پنهنجي ڪلام ۾ هن طرح ڪيو اٿين

1 عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ 

شهر چٽ ، دوڪان چٽ ، واپار چٽ ، بازار چٽ ،

جذبئه توحيد کان تارڪ رهيو ڪينڪي ،

دوستي چٽ، دشمني چٽ ، يار چٽ ، اغيار چٽ .

تارڪ نجفي هي صوفي عارف زبردست عالم ، اديب ، ۽ بهترين نثر نويسي جي سڀني خوبين جو مالڪ هو،  هن هفت زبان شاعر عمر جي ٿوري عرصي منجهه ٻه سو (200) کن ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالا مال ڪري ڇڏيو،  دنيا جي گردشن ۽ لوڏن ۽ سندس جي شاعري جي مالڪي نه ٿيڻ سبب گهڻو تڻون ڪلام ڇڙوڇڙ ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪري عام ماڻهن تائين نه پهچي سگهيو ، هيترن سارن ڪتابن منجهان (چاليهارو) کن ڪتاب سندس شاگرد محترم سيد اظهر گيلاني صاحب گهوٽڪي واري جي لائبريري ۾ ته ڪي ڪتاب وري عبدالڪريم (نصرت) وٽ ۽ ڪجهه ڪتاب وري محترم مرزا اسد بيگ صاحب ۽ سندس ڀاءَ محترم مرزا اجمل بيگ جي لائبريري جي زينت بڻيا .سندس شاعري جو ڪتاب (ديوان تارڪ) سنڌي ادبي بورڊ سال 1989ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي باقي سمورا ڪتاب قلمي صورت ۾ ناياب آهن ، فقير هدايت علي نجفي تارڪ پاڻ هفت (ستن)ٻولين جي شاعر ۽ وڏو عارف، سالڪ ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي ،سندس ڪيترن ئي لقبن سان سڏيو ويندو آهي جنهن منجهه تاج الشعرا، فخرالشعرا ،خادم الفقرا، زيدته العارفين ، قدوته السالڪين ، ساقي جام ، معرفت مالڪ مجتهدالعصر سان پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ،سندس شاعري اعلي قسم جي آهي ۽ ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس شاعري نرالي پڻ آهي علامه تارڪ نجفي شاعري جي صنف غزل جو ته بادشاهه هو غزل جي صنف ۾  به عشق جنون ۽ جوش سان پڻ ٽم ٽار لڳو پيو آهي سندس غزل ۾ پاڻ چوي ٿو ته

عشق عشرت رنج راحت وصل هجرت چار ڏينهن

عشق الفت يا عداوت آهي مدت جا چار ڏينهن

فرشاهي ڪج ڪلاهي سو سپاهي سڀ گذر

شان شوڪت ناز نعمت تاب حشمت چار ڏينهن

يار جاني جي جواني جا ودانيڪين آهه

محب مورت خوبصورت سروقامت چار ڏينهن

علامه تارڪ سائين کي الله تعالي  اهڙو ته علم ، عقل سان نوازيو هو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي پاڻ شاعري جي ميدان ۾ سڀني کان نرالو ۽ منفرد رنگ رچايو آهي سندس اهڙي جهلڪ سندس شاعري جي مطالعي ڪرڻ بعد  صاف ۽ چٽي نظر اچي ٿي عشق جي راهه تي ٻيو سڀ ڪجهه نابود ٿي وڃي ٿوفقط عشق وڃي بچي ٿو ڪثرت ۾ وحدت نظر اچي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته

عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ

عشق جي جذبن کي پاڻ بڙ جي پاڙ سان مشابهت ڏئي پنهنجي زباني چوي ٿو ته

عشق جو اڀڙائين دل ۾ وڌي ٿو وڃي

هيڏي هوڏي ٿو هڻي جيئن پاڙ بڙ

علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو بزم مشاعره لاڙڪاڻو بزم مشاعره بلبل ۽ مشاهره ناري شريف سان به واسطو رهيو،  سندس اکر موتين جهڙا هوندا هئا ، پنهنجي هٿن مبارڪن سان حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي رح ، ۽ صوفي  شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ،حضرت سچل سرمت رح ، بيدل فقير ، بيڪس فقير ، ۽ نواب ولي محمد لغاري جو ڪلام لکيائين ان کان علاوه تارڪ سائين کي اهيو به اعزاز حاصل  آهي ته هن ڪلام الله شريف جا (ٻه) عدد پنهنجن هٿن مبارڪن سان پڻ لکيا جنهن منجهان هڪ قرآن پاڪ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو پڻ ڪيائين ، هن صوفي بزرگ هستي کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري  تي اعلي ڊگري  (پي_  ايڇ _ڊي ) جي ٿيسز پڻ لکي وئي آهي سندس شاعري متعلق سنڌ جي نامياري اديب ،عالم ، محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب تحيقي مقالو لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (ڊاڪٽريٽ) جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي آهي ، هي فقير ۽ باڪمال  هفت (ستن) زبانن جو شاعر علامه محمد فقير هدايت علي نجفي تارڪ 17 محرم الحرام 1358هجري مطابق 9 مارچ 1939ع خميس ڏينهن معمولي بخار سبب پنهنجي عزيزن ،دوستن ،فقيرن ، شاگردن ۽ عقيدمندن کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني ٿي 44سال 7 مهينا 10 ڏينهن زندگي جا ڏينهن گذاري وڃي ابدي آرامي ٿيو  علامه تارڪ سائين رحلت کان ڪجهه گهڙيون پهريان آسمان ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو ،تنهن بعد چوڻ لڳو ته هينئر (تارڪ) جي وڃڻ جو وقت ويجهو آهي بعد ۾ هي شعر پڙهائين

اسان جو سر مرڻ جي وقت هوندو يار جي هنج ۾

اسان جو دفن دلبر جي ڳلي هڪ وار ٿيڻو آ .

هن مشهور صوفي شاعر جو مقبرو لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارهه ۾ موجود  آهي سندس درگاهه تي هر سال محرم الحرام جي 17 تاريخ تي 3 ڏينهن ساليانو ميلو پڻ لڳندو آهي سندس مزار تي هر اسلامي مهيني جي 17 تاريخ تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل تي ٿيندي رهندي آهي ،سنڌ جي سر سنگيت جا ڄاڻو ۽ صوفي راڳي ڳائي داد حاصل ڪندا آهن ،علامه محمد فقير هدايت علي  تارڪ نجفي  کان ڪيترن ئي شاگردن فيض ورتو جن ۾ خاص طور تي صوفي شاعر دادن فقير جويو ، حڪيم عبدالڪريم قاضي صاحب ، محترم اجمل بيگ صاحب ۽ محترم سيد اظهر گيلاني جا نالا ورتا وڃن ٿا سندس نموني طور هي شعر عرض ڪجي ٿو پاڻ فرمائي ٿو ته

محبوب مک پسايو مخمور ڇو نه ٿيندس ،

چيٽڪ اکين چلايو ، چڪچور ڇو نه ٿيندس ،

ڪيو قرب تنهنجي ڪشفي ، نه ته محو هوس مخفي ،

ڪيو نينهن تنهنجي نجفي مشهور ڇو نه ٿيندس.

اڄ 9مارچ 2018ع تي هن صوفي الله لوڪ شاعر جي 79 ورسي نهايت وڏي عقيدت سان لعلو رانئڪ ۾  ملهائي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *