رضا رباني جي چيئرمين شپ، پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون..

مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ جي يو آءِ جي (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پشتونخوا ميپ جي محمود خان اچڪزئي ۽ نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ن ليگ جا سينيٽر به موجود هئا. اجلاس ۾ نواز شريف اتحادي پارٽين جي سامهون تجويز رکي ته پيپلز پارٽي طرفان رضا رباني کي جيڪڏهن سينيٽ جي چيئرمين جي اميدوار طور سامهون آندو ويو آهي ته سندن فيصلي جي حمايت ڪئي وڃي. اطلاعن موجب نواز شريف جي تجويز کي اتحادي اڳواڻن طرفان بهتر ڳالهه قرار ڏنو ويو آهي ۽ تجويز جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن رضا رباني کان سواءِ ٻئي ڪنهن اميدوار کي سامهون آندو ويندو ته ن ليگ ۽ سندس اتحادي پارٽيون ان جو ڀرپور مقابلو ڪنديون. طئي ٿيو ته سموريون اتحادي پارٽيون پهرين پنهنجا نمبر پورا ڪن،  نمبر گيم جو انگ پورو ٿيڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ پوءِ سموريون اتحادي پارٽيون پنهنجا اميدوار سامهون آڻينديون. هوڏانهن وري نواز ليگ ۾ به اختلاف سامهون آيا آهن. وزيراعظم راجا ظفر الحق کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ شهباز شريف پرويز رشيد جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ مشاهد حسين ۽ حاصل بزنجو جي سينيٽ چيئرمين بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. نواز ليگ اڳواڻن متحده اڳواڻن ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، اين اين پي سان به رابطا ڪيا آهن.

پ پ چيئرمين آصف زرداري مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کانئس وقت گهري ورتو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اجلاس ۾ فيصلو ڪنداسين، ان موقعي تي صحافي آصف زرداري کان سوال ڪيو ته نواز شريف رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي زرداري جواب ڏنو. مهرباني، پر مان نه ٿو چاهيان. هوڏانهن پ پ سليم مانڊوي والا کي سينيٽ چيئرمين بڻائڻ گهري ٿي. پي ٽي آءِ، بوچستان مان انوار الحق کي ڊپٽي چيئرمين بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي. سينيٽر قيوم سومري فاٽا جي سينيٽر سان ملاقات ڪئي. سجاد طوري چيو ته جيڪڏهن ڊپٽي چيئرمين فاٽا مان آيو ته قبائلي عوام لاءِ وڏي خوشي جو سبب بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *