غير ملڪين کي پاڪستاني شهريت ڪيئن ملي؟: شفيق شاڪر

تازو اسان پاڪستان جو ڏهاڙو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو آهي،اهو قومي نغمو جنهن سان اسان جو سڄو ماحول گونجي رهيو هو ته “ هم زنده قوم هين،هم تابنده قوم هين” پر مون کي الائي ڇو هڪ خبر ياد اچي ويئي.خبر اها هئي ته

“ نادرا هڪ لک ٽيھ هزار غيرملڪي افغان شهرين کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي،هلندڙ سال وڌيڪ هڪ لک افغانين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي.” نادرا جي ذريعن موجب افغانين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسيع ڪاروبار ۽ ملڪيتون ٺاهي رکيون آهن جن ۾ اسلام آباد به شامل آهي.جنهن ڪري سندن سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن تنهن هوندي به جانچ مان خبر پيئي آهي ته هڪ لک ٽيھ هزار افغانين جا ڪوڙا شناختي ڪارڊ ثابت ٿي چڪا آهن. نادرا طرفان اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت شناختي ڪارڊن کي ڪمپيوٽرائيز ڪيو پئي ويو ان کان اڳ ئي پنجويھ لک افغانين ناجائز طريقي سان پاڪستاني شهريت حاصل ڪري ورتي هئي. اها ڳالھ وزارت داخلا ۽ سرحدي معاملن واري وزارت حڪومت کي ٻڌائي ۽ اهو امڪان ظاهر ڪيو ته اهڙن گھٽ ۾ گھٽ وڌيڪ ڏھ لک افغانين جي نشاندهي ٿي سگھي ٿي جن وٽ پاڪستان جا قومي شناختي ڪارڊ هجن.

اها عام خبر انهن سوين خبرن مان هڪ آهي جيڪي خبرون روزانو اخبارن ۾ اينديون رهن ٿيون پر نادرا ۽ افعانين جا لفظ پڙهي ماڻهو انهن کي پورو پڙهڻ جي تڪليف ڪرڻ بدران نظرانداز ڪندي ٻين سنسني خيز خبرن طرف وڌي وڃن ٿا.هن خبر جو دلچسپ حصو اهو ته “ وزارت داخلا ۽ سرحدي معاملن جي وزارت اها معلومات “ حڪومت” کي ڏني آهي.ان جو مطلب ٿيو ته اهي ٻئي وزارتون حڪومت جو حصو ناهن، پر جيڪر اهي وزارتون حڪومت جو ئي حصو آهن ته پوء اها معلومات ڪهڙيء “ حڪومت” کي ڏني ويئي آهي؟ شايد نادرا ڪنهن خلا ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو وزارت داخلا سان ڪو واسطو ناهي. نه ڪنهن ڳالھ جو ڪو مٿو آهي نه پڇ!اهو ئي واردات جو طريقو رهندو پيو اچي جو هر ادرارو ۽ هر وزارت پنهن جي ذميداري ۽ نااهلي آسانيء سان پنهن جي ڳچيء مان ڪڍي ٻئي جي ڳچيء ۾ وجھندي آئي آهي.سڄي دنيا کي خبر آهي ته افغانستان سان ملندڙ اسان جو اڍائي هزار ڪلوميٽر ڊگھو بارڊر نه پر عام شاهراه بنيل آهي جتان روزانو سوين هٿيار بند دهشتگرد بنان ڪنهن سفري دستاويز جي ايندا ويندا رهن ٿا.مٿان معاملي جو شرمناڪ پهلو اهو جو اهي لکين شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ انهن غيرملڪين کي وڏيون وڏيون رشوتون وٺي حوالي ڪيا ويا.هزارين پاڪستانين جي شهادتن ۽ هزراين خاندانن جي برباديء کان پوء اڄ قوم کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ لک ٽيھ هزار افغانين کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي جو انهن وٽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ آهن ۽ بنان ڪنهن شرم جي اهو اعتراف به ڪيو پيو وڃي ته پنجويھ لک افغانين غير قانوني طريقي سان پاڪستاني شهريت به حاصل ڪري ورتي آهي.ناجائز ذريعن جو مطلب آخر ڇا ٿيو سواء ان جي ته لاڳاپيل ادارن ۾ حد درجي جي ڪرپشن ٿي آهي.انهن کي اهي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ملائڪن آسمان مان اڇلائي ته نه ڏنا هوندا.اهي دستاويز ڪنهن تيار ڪيا،ڪنهن جاري ڪيا،اهو سڀ ريڪارڊ اوهان جي ادارن ۾ موجود هوندو.انهن مجرمن جي خلاف هيستائين ڪهڙي ڪاروائي ٿي آهي؟

غدار ۽ ملڪ دشمن ته اهي اهلڪار آهن جن بي  ضميرن رشوت وٺي پاڪستان جي قومي سلامتيء سان راند ڪئي آهي.اها ملڪ سان غداري ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ٿوري دير جي لاء ان پوري منظر مان افغانين کي هٽائي انڊين کي انهن جي جڳھ تي رکي ڏسو ته جيڪر ايترن انڊين کي ناجائز نموني اهي دستاويز جاري ٿين ها ته توهان جو ردعمل ڇا هجي ها؟غيرملڪي ته غيرملڪي ئي آهي پوء اهو انڊين هجي يا ٻئي ڪنهن ملڪ جو. هاڻي جڏهن ڪنهن به نااهليء جو جواب اسان جي حڪمرانن وٽ نه هوندو آهي ته يڪدم اسلام کي وچ ۾ کڻي ايندا آهن.اهو ئي ته مسلمان ڀائر آهن،افغانستان ۾ حالتون ٺيڪ ناهن وغيره وغيره اهي ناٽڪ ڪري ته اوهان ملڪ کي دهشتگرديء جي اوڙاه ۾ اڇليو آهي.هاڻي جڏهن صفائي ٿي رهي آهي تڏهن به پنهن جن حرڪتن کان باز نٿا اچو.اسان جا پنهن جا مسئلا ٿورا آهن جو ٻين ملڪن جو ٺيڪو کڻندا وتون. گھڻو ٿيو جيتري قدر اسان هنن کي برداشت ڪري سگھيا سين ٿي برداشت ڪيوسين،هاڻي انهن کي پنهن جي ملڪ وڃڻ گھرجي. ڳالھ صرف اتي دنگ ٿئي ها ته به چڱو هو پر اڄ به افغانين جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن جا سڀ کان وڌيڪ اثر صرف سنڌ کي برداشت ڪرڻا پئجي رهيا آهن.ٻئي نمبر تي ڪي پي ڪي ۽ ٽئين نمبر تي بلوچستان انهن کان متاثر ٿيو آهي .پنجاب کي ته پرواه ئي ڪانهي جو سموري دنيا جي مسلمانن جو ٺيڪو صرف ٻين صوبن کنيو آهي.خبر ناهي ته هنن کي پاڪستان کي ٻيو افغانستان ٺاهڻ جو شوق ڇو کنيو بيٺو آهي .

نيشل ايڪشن پلان ۾ اهو نڪتو شامل هو ته سڀني غيرملڪين کي سندن ملڪن ڏانهن موڪلڻ جو بندوبست ڪيو ويندوته پوء ان نڪتي تي عمل ڇو نٿو ٿئي ؟اڃا تائين اها ئي ٻٽي پاليسي جاري آهي.اهي لکين غير ملڪي جن جا غير قانوني نموني حاصل ڪيل دستاويز اوهان پڪڙيا آهن انهن مان ڪيترن کي ملڪ بدر ڪيو آهي؟اهو ملڪي سلامتيء جو معاملو آهي.جن انهن غيرملڪين سان ملي غداريء جو ڏوه ڪيو آهي انهن تي مليٽري ڪورٽن ۾ڪيس هلائي کين ڦاسي يا عمر قيد جي سزا ڏيو ته جيئن آئنده ڪو اهڙي ڪريل حرڪت ڪري نه سگھي پر اوهين ڪڏهن به ايئن نه ڪندا جو اوهين ته انهن غيرملڪين کي پنهنجن ذاتي،گروهي ۽ سياسي مقصدن لاء استعمال ڪريو ٿا ۽ اوهان کي هروقت انهن جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. ۽ اهم ڳالھ اها ته اوهين انهن غيرملڪين کي ٻين صوبن ۾ مستقل آباد ڪري اتان جي ڊيموگرافي بدلائڻ گھرو ٿا.ڊالر وصول ڪري پنهن جي ملڪ جي سلامتيء سان کيڏڻ هتان جو دستور رهيو آهي.جڏهن آمريڪا اجمل ڪانسيء کي پڪڙڻ لاء 35 لک ڊالر آڇيا هئا ته ڪانسيء جا اهي دوست جن وٽ هو لڪيل هو تن ئي کيس پئسا وٺي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.اها رقم ئي سال پوء اسان جي ملڪ جي هڪ اڳوڻي صدر پنهن جي ڪتاب ۾ سڄي دنيا جي سامهون پاڻ وڏي فخر سان اعتراف ڪيو ته اسان القائده جا 369 ميمبر پڪڙي آمريڪا جي حوالي ڪيا جن جي بدلي ڪروڙين ڊالر وصول ڪيا.

جيڪر اوهين انهن کي پڪڙي پنهن جي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا هئا ته پوء اوهان معاوضو ڇا جو وصول ڪيوپر جيڪر اهو ڪم اوهان پنهن جي ملڪ لاء نه پر ٻين لاء ڪيو هو ته پوء اوهين انهن ملڪن جا ڪمدار ٿيا ۽ هو اوهان جا آقا،جيئن هنن اوهان کي چيو،اوهان پئسا وٺي اهو ڪندا ويا.دنيا ۾ عزتدار ۽ خوددار قومون ايئن جيئنديون آهن! زنده ۽ تابنده قومن جا اهي پرڪار هوندا آهن!اهي حاصل ڪيل پئسا ڪيڏانهن ويا ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.هن ملڪ ۾ ڇا ڇا نٿو وڪجي؟ ڇا هتي نوڪريون ۽ ڪوڙيون ڊگريون نٿيون وڪجن.ڇا ٿاڻا ۽ ادارا نٿا وڪجن.اليڪشن جون ٽڪيٽون نٿيون وڪجن،سياسي وفاداريون نٿيون وڪجن؟ٻار ۽ عورتون نٿيون وڪجن؟ انسانن جا عضوا نٿا وڪجن؟ قبرستان نٿا وڪجن؟ پنجويھ لک غير ملڪين کي شهريت جو وڪرو ته هتي معمول جي ڳالھ آهي.!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *