سنڌ يونيورسٽي ۾ انٽرڊپارٽمينٽل گرلز ٿرو بال ٽورنامينٽ، فزيڪل ايجوڪيشن شعبي کٽي ورتي

ڄامشورو (اسپورٽس نيوز) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽريس اسپورٽس گرلز جي پڌرائي موجب گرلز انٽر ڊپارٽمينٽل ٿرو بال ٽورنامينٽ-2016 سينٽر فار هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن شعبي کٽي ورتي. تفصيل موجب مادر ملت فاطمه جناح گرلز جمنازيم ۾ ٿيل انٽرڊپارٽمينٽل ٽورنامينٽ ۾ مختلف شعبن جي ڏهن ٽيمن حصو ورتو. جنهن ۾ سينٽر فار هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجويشن پهرين پوزيشن، فيڪلٽي آف فارميسي ٻين پوزيشن جڏهن ته فزيالاجي شعبي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *