لاهور سانحو ۽ جنگ جو ميدان بڻيل اسلام آباد .!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اسانجي معاشري کي الائي ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي.پشاور آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم پتڪڙن لاشن جون قطارون ۽ رت سان ڀريل معصوم زخمي چهرن جون رڙيون اڃان ڪنن ۾ ڳونجن پيون.آئون ڪڏهن ڪڏهن اچتو ڇرڪ ڀري سوچيندو آهيان ته ڪاش اهو هڪ خواب هجي ۽ هن اهڙي ڀيانڪ خواب ڏسڻ واري  ننڊ مان جڏهن به سجاڳ ٿيان ته  اکين جي آرسي سامهون اهو سڀ ڪجهه هڪ خواب  ۽ ڪوڙ مثل هجي.پر افسوس  دل حيقيقت کي جڏهن تسليم ڪندي آهي ته اکيون لڙڪن قطارون ڪري وهڻ شروع ٿي وينديون آهن.۽ پوءِ پنهنجي جئيري وجود کي هڪ مئل وجود تسليم ڪندو آهيان.هر طرف هاءِ گهوڙا هٽو بچو جو شور ساهه ساڻو ڪري ڇڏيندو آهي.پر پوءِ به سڪرات ڀريل ساهه کي پل ڪن جي پٿڪي به ناهي ملندي.پاڪستان جي امن کي شايد ڪنهن جي نظر اچي وئي آهي جو پاڪستان اندر دهشتگردي کي جيتري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ملڪ اندر اوتري ئي دهشتگردي وڌندي پئي وڃي. ملڪ اندر هاڻ دهشتگردي جي واقعن ڪري اهڙو ته ماحول بڻجي ويو آهي جو هڪ يا ٻه ڪرندڙ لاشن کي معمولي واقعا سمجهي ڪري انهي واقعن کان ڪنڊار ڪئي ويندي آهي.جيڪي واقعا وڌي ڪري اهڙن دهشتگردي جي واقعن کي جنم ڏيندا آهن.جن واقعن جي ڪري پورو ملڪ سوڳوار بڻجي ويندو آهي.جڏهن ته پاڪستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي تاريخ ڪا نئي ناهي.پشاور آرمي پبلڪ اسڪول واقعو هجي يا ڪراچي اندر اسماعيلي برادري جي بس تي حملو يا باچا خان يونيورسٽي يا جيڪب آباد جي ماتمي جلوس تي خدڪش حملو وغيره مطلب ته پاڪستان اندر خدڪش حملن جي پراڻي تاريخ جا پنا کولبا ته ڪيترائي باب انهي حملن سان ڀريل نظر ايندا. تازو گذريل ڏينهن لاهور اندر پڻ اهڙو خدڪش واقعو پيش آيو جنهن اندر 72 انساني زندگيون پنهنجي پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويون. علامه اقبال ٽائون جي علائقي ۾ واقع گلشن اقبال پارڪ اندر خدڪش حملو ان وقت ٿيو جڏهن پورو پارڪ ننڍڙن ٻارن مرد عورتن سان ڀريل هو.ڇو ته اهو موڪل وارو ڏينهن هو ۽ موڪل واري ڏينهن هر پي يا ماءُ پنهنجي ننڍڙن ٻارڙن کي پارڪ گهمائڻ لاءِ وٺي آيا هئا.جڏهن ته انهي پارڪ اندر موجود ٻار جن مان ڪي جهولا جهولي رهيا هئا ته ڪي ٻين راندين ۾ مشغول هئا ته اوڇتو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو.جنهن ڌماڪي72معصوم زندگين جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.

ڌماڪي کان پوءِ پوري ملڪ اندر ايمرجسي لڳائي وئي ۽ جيڪي ته تفريع گاهون آهن انهن اندر سڪيورٽي اهڪارن کي مقرر ڪيو ويو.جڏهن ته لاهور واري واقعي کان پوءِ واقعي واري هنڌ جي ويجهن اسپتالن اندر پڻ ايمرجنسي لڳائي وئي.جڏهن ته زخمين ۾ وڏي ۾ وڏي تعداد معصوم ٻارن ۽ عورتن جي هئي جن کي انهن اسپتالن اندر پهچايو پئي ويو.جڏهن ته علامه اقبال ٽائون ۾ واقع  گلشن اقبال ٽائون جي گيٽ نمبر پنج تي اهو خدڪش حملو ٿيو.جنهن حملي جي نتيجي ۾ 72 انساني زندگيون ذيان ٿي ويون.جڏهن ته اتي واقعي واري هنڌ جي عين شاهدن جي موجب ته اهو حملو انهن جهولن جي تمام گهڻو ويجهو ٿيو جتي ٻار جهولا جهلي رهيا هئا.جڏهن ته پوليس ڪاروائي ڪندي ٽن نامعلوم ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو هو.بم ڊسپوزل سڪواڊ جي عملي جي مطابق ته خدڪش حملي ۾ استعمال ٿيل ڌماڪي خيز مادي جو وزن گهٽ ۾ گهٽ 20ڪلو هو.جڏهن ته ريسڪيو ذرايع جو چوڻ هو ته 300کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن مان ڪيترن جي حالت نازڪ آهي.جن کي فاروق اسپتال،شيخ اسپتال،جناح اسپتال ۽ ٻين اسپتالن اندر داخل ڪيو ويو آهي.صوبائي وزيرتعليم پنجاب رانا مشهود احمد جو چوڻ هو ته ڌماڪي اندر 72ماڻهو شهيد ٿيا آهن جن ۾ 29معصوم ٻار به شامل آهن.جڏهن ته زخمين جي تعداد لڳ ڀڳ 315هوندي.

صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم ميان نواز شريف لاهور اندر ٿيندڙ خدڪش حملي جي مذمت ڪندي دلي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي اعلاج لاءِ فوري طبي امداد ڏيڻ جو چيو جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب به واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.لاهور واقعو  هڪ وڏو افسوسناڪ هڪ وڏو الميو آهي جنهن واقعي هر پاڪستاني جي اکين ۾ آب آڻي ڇڏيو آهي.گلشن اقبال پارڪ ڪيترن ئي مائرن جا گلشن اجاڙي ڇڏيا هڪ نجي ٽي وي چيئلن کي انٽريو ڏيندي زخمي حالت ۾ هڪ شخص چيو ته سندس معصوم پٽ ۽ سندس معصوم ڀائيٽو اليڪٽرونڪ تي هلڻ واري ڪار تي چڙهڻ لاٰءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان ضد ڪري رهيا هئا.جڏهن ته موڪل واري ڏينهن هو پنهنجي فيملي سان گڏ انهن ٻن معصوم هڪ پٽ ۽ هڪ ڀائيٽي کي به اهو پارڪ گهمائڻ ۽ انهي اليڪٽرونڪ ڪارن ۾ ويهارڻ لاءِ وٺي آيو هو.جڏهن ته هو ٽوڪن وٺڻ لاءِ اڃان لائين ۾ ٻيٺل هو ته هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو.جنهن ڌماڪي انهن ٻنهي مصعوم ننڍڙن کان پنهنجي حياتيون کسي ورتيون.جڏهن ته انهي خد ڪش واقعي ۾ سندس گهر واري شبانه به فوت ٿي وئي آهي.جڏهن ته خدڪش حملي جي واقعي ۾ گلشن اقبال پارڪ اندر هڪ موبائيل فون به مليو جنهن موبائيل فون ۾ ڪال هلندڙ هئي.جڏهن ته ڌماڪي کان پهرين هڪ معصوم ٻار پنهنجي جيجل ماءُ سان فون تي ڳالهائي رهيو هو.جڏهن ڌماڪو ٿيو ته انهي ٻار جو آواز هيمشه لاءِ خاموش ٿي ويو جڏهن ته ننڍڙي جي موبائيل ۾ نمبر ڏنو ويو جيڪو ان وقت ننڍڙو ڊائل ڪري ڳالهائي رهيو هو اهو نمبر“امي جان”جي نالي سان سيو ٿيل هو.جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ جيئن ننڍڙو فوت ٿي ويو ته انهي گهر ويٺل جيجل جو سک آرام ڦٽي ويو.جيڪا بار بار انهي ننڍڙي معصوم جي نمبر تي ڪال ڪري رهي هئي ايندڙ ڪال جي نمبر تي امي جان لکيل هو.جنهن کي ڏسي ڪري ماڻهو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندا رهيا .

واقعي کان پوءِ ميان نواز شريف پنهنجو لنڊن وارو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.هڪ نچي ٽي وي جي انٽريو ڏيندي ميان نواز شريف چيو ته هاڻ هو ٻن ڏينهن کان پوءِ آمريڪا ويندو.جتي هو آمريڪا جي صدر سان ملاقات ڪندو جڏهن ته ميان نواز شريف ايٽمي سلامتي ڪائونسل ۾ به شرڪت ڪندو.لاهور واقعي کان پوءِ سموري ملڪ اندر ٻن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.جڏهن ته انهي سوڳ دوران سموران سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادار بند رهندا.جڏهن ته لاهور جي عدالتن به پنهنجي هلندڙ ڪيس ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.جڏهن ته لاهور  هاءِ ڪورٽ بينچ جنرل هائوس جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.واقعي کان پوءِ ڪيتريون ڳالهيون سامهون آيون جن اندر حڪومت جي نااهلي به نظر آئي.هڪ اخباري رپورٽ مظابق ته جڏهن گلشن اقبال اندر اهو واقعو پيش آيو ته ان وقت گلشن اقبال اندر سڪيورٽي انتظام نه هجڻ جي برابر هئا.خدڪشي حملي آور جي سڃاڻپ مظفر ڳڙه واسي يوسف طور سڃاڻپ ٿي آهي.واقعي واري ڏينهن عيسائين جو عيد ڏهاڙو ايسٽر هيو جنهن جي ڪري گلشن پارڪ اندر عيسائي برادري وڏي انگ ۾ شامل هئي.جڏهن ته واقعي جي زميواري اڃان تائين ڪنهن به دهشتگرد تنظيم نه قبولي آهي.واقعي کان پوءِ پاڪ آرمي جي جنرل راحيل شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته وحشي دهشتگردن کي قوم جي آزادي خطري ۾ وجهڻ نه ڏبي جڏهن ته جي ايڇ ڪيو جو اعليءِ اجلاس لاهور سانحي جي زميوارن کي پڪڙڻ جو هدايتون پڻ ڏنيون ويون هنيون.

هڪ نچي ٽي وي جي مطابق ته  سي ٽي ڊي اهلڪار قيصر،محمدعمران،شاهد پرويز ۽ منظور ارباب جي مدعيت تي لاهور سانحي جو ڪيس ورتو ويو آهي جنهن اندر 70ماڻهن جو فوت ٿيڻ 300کان وڌيڪ جو زخمي ٿيڻ شامل آهي ڪيس اندر دهشتگردي جي ڪيس شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙن جي مطابق ته شلوار قميِض پريل اهي مشڪوڪ ماڻهو گلشن اقبال جي گيٽ نمبر پنج کان داخل ٿيا.۽ داخل ٿيندي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا جڏهن ته مشڪوڪ ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندي ڏسي ڪري پوليس اهلڪار سندن ويجهو ويا ته انهن مان هڪ ڄڻي انهن جهولن جي ويجهو ويندي ئي پاڻ کي بم سان اڏائي ڇڏيو.جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٽي ٻيا ساٿي به مارجي ويا.

هڪ طرف سموري ملڪ انهي لاهور واري سوڳ ۾ ورتل هو ته ٻئي پاسي پاڪستان جو راڄداني وارو شهر هر هنڌ باهه جي شعلن سان ڀڙڪي اٿيو هو.ميٽرو اسٽيشن کي ساڙيو ويو هو جنهن ڀڄ ڊاهه کان پوءِ پارليامينٽ هائوس،سپريم ڪورٽ،۽ ٻين اهم عمارتن جو ڪنٽرول فوج سنڀالي ورتو هو.جڏهن ته جنگ جو ميدان ٻڻيل اسلام آباد شهر ۾ ڀڄ ڊاهه دوارن 42فوجي اهڪار پڻ زخمي ٿي پيا هئا.جڏهن ته واقعو ممتاز قادري جنهن کي سلمان تاثير جي قتل ڪيس ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي.جنهن جي چالهيي جي جلسي بعد ڪارڪنن روالپنڊي کان اسلام آباد طرف مارچ ڪيو هو.جڏهن ته مارچ ڪندڙ جڏهن ريڊ زون ۾ داخل ٿيا ته چڪريون شروع ٿي ويون.پر اتي هڪ اهو به سوال آهي ته جڏهن ڪارڪنن ممتاز قادري جي چالهيي جي جلسي کان پوءِ روالپنڊي ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو هو ته هو ان وقت حڪومت کي اها ڳالهه ڇو ڪون ذهن ۾ آئي ته اهي ڪارڪن ريڊزون ۾ ضرور داخل ٿيندا.جڏهن ته حڪومت جي گهرجي هان ته انهن ڪارڪنن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين ريڊ زون ڏانهن ويندڙ سمورا رستا سيل ڪيا  وڃن هان ته ايترو معاملو اڳتي نه وڌي ها.پر پاڪستان جي راڄڌاني واري شهر اندر مذهبي ڪارڪنن جي هڪ ريلي جيڪا مسلسل ريڊ زون اندر داخل ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي هئي.جڏهن ته اها ئي  ڳالهه ٿي ريلي  ريڊ زون ۾ داخل ٿئي وئي جنهن جي ڪري اهڪارن ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون.42اهڪارن سميت 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.جڏهن ته چڪرين جو سلسلو رات دير تائين جاري رهيو ۽ رات دير جو مفتي عابد سان ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ڀڄهه ڊاه نه ڪرائڻ جي خاطري ڏني.جيڪڏهن ته هڪ نظر سان ڏنو وڃِي ته اهو ڀڄ ڊاهه ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي عمارتن کي نقصان پهچائڻ سان ملڪ جو نقصان ته ٿي ٿو پر انهي سان گڏ انهي قوم جو نقصان به ضرور ٿي ٿو.پاڪستان تي هن وقت لاهور سانحي کان پوءِ هڪ ڏک ۽ درد جي هوا گهلي رهي آهي مان سمجهان ٿو ته اهڙي ماحول اندر هر پاڪستاني کي سموري رنجشون ختم ڪري ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جي باري ۾ سوچڻ گهرجي.

*********

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *