سوڊان ۾ قيد سنڌي: عاجز جمالي

اوهان ميڊيا تي ضرور ڏسندا هوندا ته ڪراچي يا پنجاب جو ڪو ماڻهو پرڏيهه ۾ ڦاٿل هوندو، قيد هوندو يا پڪڙجي پيو هوندو يا اغوا ٿي ويو هوندو ته هر طرف واويلا هوندي. ان واويلا جي نتيجي ۾ سرڪار ۾ ٿڙڦٿڙ هوندي. انساني حقن جون تنظيمون اڳيان اينديون، چندا مهم شروع ٿي ويندي پر جيڪڏهن سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪو واقعو ٿئي ته هر طرف کان ماٺ ئي ماٺ آهي. ايتري قدر جو ستايل پريشان حال، ڪو سهارو نه ڏسي پريس ڪلب پهچندڙ والدين ڪا پريس ڪانفرنس به ڪن ته پوءِ به ڪنهن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چُري. ٻه هفتا کن اڳ سوڊان مان بدين جو سنڌي انجنيئر اياز جمالي سوڊاني باغين جي ور چڙهي ويو، جنهن بابت اڃا تائين ڪير به ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. ظاهر آهي ته غم ۾ ٻڏل پريشان حال ڪٽنب مٿان جيڪو گذرندو هوندو، ان بابت ڪو ٻيو ان ريت محسوس نه ٿو ڪري سگهي. گذريل هفتي اياز جي لانئون لهڻ جي تاريخ مقرر ٿيل هئي. ڪراچيءَ ۾ سندس وني جا حال بس اها ئي ڄاڻندي هوندي. اياز جي امڙ کي دورا پئجي رهيا آهن. سوڊان ۾ اياز جو ڀاءُ بابر جمالي ٻن هفتن کان ڀاءُ جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪري ٿڪجي پيو آهي، کيس وڏي سرڪار دم دلاسا ڏيئي رهي آهي. ٻيو مڙوئي خير. وزيراعظم نواز شريف ۽ پيپلزپارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نالي سان اخباري بيان ته نظرن مان گذريا پر خبر ناهي ته کين خبر به آهي يا ناهي. جيڪڏهن خبر آهي ته ڪهڙيون سنجيده ڪوششون ورتيون ويون، سا خبر ڪنهن کي به ناهي!
انجنيئر اياز جمالي ۽ سندس ڀاءُ بابر جمالي آئل فيلڊ جا انجنيئر آهن، اطلاع آهن ته ٻئي ڀائر نوڪريون ڇڏي چُڪا آهن. ڇو ته سوڊان جون حالتون ٺيڪ ناهن، حڪومت مخالف باغين پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو آهي. هنن ٻنهي ڀائرن کي گذريل هفتي واپس ڏيهه اچڻو هو ۽ انجنيئر اياز آخري ڏهاڙي تي سوڊاني يارن دوستن کان موڪلائڻ آئل فيلڊ تي ويو ته سوڊاني باغين کيس اغوا ڪيو. انجنيئر اياز جمالي جي آزاديءَ لاءِ سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪوششن سبب پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪجهه قومپرست دوستن ذاتي ڪوششون ورتيون ۽ اهو ٻڌايو ويو ته باغين سان رابطي کانپوءِ اهو ٻڌايو ويو ته هو صحيح سلامت آهي ۽ کيس آزاد ڪيو ويندو، پر اهڙي پيغام کي به چار پنج ڏهاڙا گذري چُڪا آهن، انجنيئر اياز جي دوستن ۽ مٽن مائٽن ٻڌايو ته باغين سوشل ميڊيا تي اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان جي سرڪار سڌي ريت باغين سان ڳالهائي ته هو انجنيئر اياز جماليءَ کي آزاد ڪندا. پاڪستان سرڪار جا تجربا ٻڌائين ٿا ته هو سڌي ريت حڪومت مخالف باغين سان رابطو نه ڪندا. مون کي ڪجهه سال اڳ بلوچستان مان اقوام متحده جي نمائندي ”سلونڪيءَ جي اغوا جو واقعو ياد پيو اچي. اقوام متحده جي نمائندي ”سلونڪي“ کي تربت جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو. سرڪاري سطح تي آزاديءَ جون سموريون ڪوششون ناڪام ڏسي اقوام متحده بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب خير بخش مريءَ سان رابطو ڪيو. اقوام متحده جي وفد هڪ ٻه چار نه پر اڻ ڳڻيا چڪر ڪاٽيا هئا، هر هفتي هڪ خاص قسم جي جيپ ۾ سوار ٿي گڏيل قومن جو وفد نواب خير بخش مري وٽ پهچندو هو ۽ کيس منٿ ميڙ ڪندو هو ته هو ٽياڪڙي ڪري سلونڪيءَ کي آزاد ڪرائي. اسان کي هر شرط منظور آهي. نواب خير بخش مريءَ باغين سان رابطن لاءِ قومپرست اڳواڻ غلام محمد بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم جوڙي هئي. ڄاڻايل ٽيم ٽن مهينن تائين ڪوششون وٺي نيٺ سلونڪيءَ کي آزاد ڪرايو ۽ اقوام متحده جو نمائندو نواب خير بخش مريءَ معرفت ڌڻين تائين پهتو. پر ساڳئي وقت بلوچستان جي باغين جو مامرو اقوام متحده تائين اٿيو. سلونڪيءَ جي آزاديءَ کان هفتو کن پوءِ غلام محمد بلوچ ۽ سندس هڪ ساٿيءَ جو چچريل لاش تربت ڀرسان مليو. يعني بلوچ باغين کان انتقام ان صورت ۾ ورتو ويو. ظاهر آهي ته ان کانپوءِ به بلوچستان مان چچريل لاشن جو سلسلو بند ٿيو نه باغين ڪارروايون بند ڪيون. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، پر اڄ ته نواب خير بخش مريءَ جهڙو پُل جو ڪردار ادا ڪندڙ ڪو ڪردار به نه رهيو آهي.
سوڊان جا حڪومت مخالف باغي اصل ۾ موجوده بادشاهه جي خاندان جا ئي آهن، سندن اندرين اختلافن سبب بغاوت شروع ٿي ۽ حڪومت مخالف باغي مختلف ڪارروايون ڪن ٿا، خاص ڪري پرڏيهين کي نشانو بڻائين ٿا. معلوم ٿيو آهي ته آئل فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي باغين اغوا ڪيو آهي، جن ۾ هندوستاني انجنيئرز به شامل هئا، پر هندوستانين جي بهتر سفارتي تعلقاتن سبب اُهي پنهنجا ماڻهو ڇڏائي ويا پر پاڪستان سان تعلق رکندڙ انجنئير اياز جمالي اڃا تائين ڦاٿل آهي، سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته سفارتي محاذ تي پاڪستان ڪيترو ڪمزور آهي، ان حد تائين جو مستند تي پرڏيهي وزير ئي ڪونهي. اسان جا گهڻا تڻا ماڻهو سنڌ سرڪار کي ڏوراپو ڏين ٿا، هن مامري ۾ سنڌ سرڪار جو ڪردار ايترو ئي جُڙي ٿو ته وفاق مٿان دٻاءُ وجهي ته هو سنڌ سان واسطو رکندڙ انجنيئر کي ڇڏائڻ لاءِ سفارتي محاذ کي سرگرم ڪري، پر سڌي ريت سنڌ سرڪار تي هن مامري ۾ ملامت ڪرڻ نه ٿي ٺهي. ها البته اوورسيز جو وفاقي وزير پير صدر الدين شاهه راشدي سڌي ريت سنڌ سان واسطو رکي ٿو. پير صدر الدين شاهه وٽ پرڏيهي ملازمتن جي وفاقي وزارت آهي، کيس پڻ انجنيئر اياز جمالي جي آزاديءَ لاءِ اسلام آباد مان پنهنجي وزارت کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي. ٻڌايو پيو وڃي ته سوڊان سان سفارتي تعلقات نه هجڻ سبب ايٿوپين سرڪار وسيلي رابطو ڪيو ويو آهي، جيڪو به رستو اختيار ڪيو وڃي پر عالمي سطح تي پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ ۽ هڪ ڪٽنب کي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بدين جي اياز جماليءَ کي جلد بازياب ڪرائڻ سرڪار جي بنيادي ذميواري آهي.
نورين لغاري ڪٿي آهي؟
حيدرآباد جي نورين لغاريءَ جو قصو هڪ عالمي خبر بڻيل آهي، هڪ فيس بوڪ پيغام وسيلي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته نورين لغاري ”داعش“ ۾ هلي وئي آهي. نورين جا والدين اڄ تائين اهو چئي رهيا آهن ته سندن ڌيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي، پر حيدرآباد جي پوليس پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ته نورين حيدرآباد مان پاڻ هلي وئي آهي، سندس رابطا ڪالعدم تنظيمن سان آهن. سوشل ميڊيا تي سندس سرگرمين کي نظر ۾ رکي پوليس اهڙي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نورين لغاريءَ کي بس تي چڙهندي ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ نورين جي والد ان وڊيو ۽ بس جي بوڪنگ کي به مشڪوڪ قرار ڏنو آهي، پر فرض ڪريو جيڪڏهن ائين به هجي ته تڏهن به اهو ڪافي ناهي، جنهن بنياد تي نورين لغاريءَ جي مامري تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهجي. نورين کانپوءِ شهباز سومرو جي گمشدگيءَ ميڊيا ۾ پکڙي، جيڪو بعد ۾ ظاهر ٿيو، پر شهباز سومرو جي مامري کي مڪمل ماٺ ڇانئجي وئي. هن مامري تي مون کي ٻه هفتا اڳ ٿيل هڪ ٻيو واقعو ياد آيو. ڀارت جي شهر دهليءَ جي مشهور صوفي بزرگ نظام الدين اولياءَ جي مزار جا گادي نشين پاڪستان آيا، پر ايئرپورٽ تان ئي غائب ٿي ويا. سجاده نشين آصف علي نظامي ۽ ناظم علي نظامي جي  گم ٿيڻ بابت ڀارت جي ميڊيا جڏهن پاڪستان خلاف مُهم هلائي ته اوچتو ٻئي سجاده نشين ڪراچي پهچي ويا. لائينز ايريا جي علائقي ۾ آستانه نظامي ۾ مون ٻنهي گادي نشينن سان ملاقات ڪئي. سندن انٽرويو ڪيو. هنن جو چوڻ هو ته سندن موبائل فون بند هئا، ڪٽنب سان رابطو نه هو. محفلن ۾ مصروف هئا، باقي گم ٿيڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ڪانهي. هاڻ ائين ڀلا ٿي سگهي ٿو ته ڪير پرڏيهه ۾ پهچي پنهنجي ڪٽنب سان رابطو نه ڪندو هجي؟ سو به اهڙا گادي نشين جن جا پاڪستان ۾ لکين مريد به هُجن، پر اطلاع آهن ته هي ٻئي گادي نشين ”پڇا ڳاڇا“ لاءِ اصل واڳ ڌڻين وٽ هئا، بعد ۾ کين ڇڏيو ويو. هي واقعو ٻڌائڻ جو هتي اهو مقصد آهي ته هن ملڪ ۾ ڪجهه به ممڪن آهي. هتي ڪيترائي ڳجها پهلوان آهن، ڪيترائي ڳجها ڪارناما روز ٿيندا آهن، ان شڪ کي نورين لغاري جي مامري ۾ نظر ۾ ڇو نه ٿو رکيو وڃي. ممڪن آهي ته نورين کي ”ٽريپ“ ڪيو ويو هجي، ممڪن آهي ته هن قسم جي واقعن ۾ سنڌين خلاف ڪا رٿابندي به ٿيندي هجي. هاڻي سنڌين منجهان ئي اهڙا کوڙ پهلوان پيدا ڪيا ويا آهن، جيڪي پرڏيهه ۾ ويهي سنڌي قوم خلاف وڏا وڏا ڪم ڪري رهيا آهن، اهي سنڌي ئي آهن، ڪي ٻيا ناهن، پاڪستان جي ادارن هاڻي هر هنڌ پنهنجا واٺا پالي رکيا آهن، اهڙن ”واٺن“ تي الڳ الڳ ليبل چنبڙيل آهن، ڪن تي مذهب جو ليبل چنبڙيل آهي، ڪنهن تي قومپرستيءَ جو ليبل، ڪنهن تي جمهوريت جو ليبل ته ڪنهن تي ترقي پسنديءَ جو ليبل پر سمورا ليبل هڪ ئي فيڪٽريءَ ۾ پرنٽ ٿيندا آهن، سڀني جو اسڪرپٽ رائيٽر ساڳيو آهي. سڀني جو ڪعبو قبلو هڪڙو ئي آهي، يعني هن خطي ۾ انتهاپرستي، دهشت، وحشت ۽ بنيادپرستيءَ کي ڪيئن وڌائجي. حقيقي مذهب پرستي سچي قومپرستي، حقيقي جمهوريت ۽ حقيقي ترقي پسندي جو خاتمو ڪيئن آڻجي. هن ملڪ مان انسانيت، جمهوريت، قومپرستي، ترقي پسنديءَ ۽ لبرل خيالن تي پنهنجا واٺا ٿاڦي عوام کي ڪيئن چريو بڻائجي. هن خيال کي سامهون رکي مان ان شڪ جو فائدو وٺي اها ڳالهه پوليس جي گُمان ۾ آڻڻ چاهيان ٿو ته ممڪن آهي ته نورين لغاري جو ڪيس ائين نه هجي، جيئن اوهان سمجهو ٿا. نورين جو والد مدرسي ۾ نورين جي پڙهڻ کان به انڪاري آهي. نورين لغاري مٿان داعش جو هروڀرو ٺپو نه هڻو، تيستائين جيستائين اوهان وٽ ڪو پڪو ثبوت نه اچي. جيتوڻيڪ سنڌ جي تعليمي ادارن مان ڪيترن کي نوجوانن جو لاپتا ٿيڻ اسان سنڌين لاءِ ڳڻتي ۽ فڪر ڪرڻ جو مقام آهي پر هن سڄي صورتحال جي پٺيان ڪنهن نه ڪنهن ڳجهي سازش کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي سازشون ٿيون هيون، جنرل مشرف دور ۾ به اهڙيون ئي سازشون ٿيون ۽ اڄ به  پاڪستان اندر ”جمهوري نظام“ ۽ چونڊيل سرڪار ته موجود آهي، پر اصل حڪمراني ڪا ٻي ڌر ڪري رهي آهي. اقتدار ۽ رياست جي اصل سگهه ان وٽ آهي.
aajizjamlaijamlai@yahoo.com

Author: Tariq Sandilo