بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ حڪومت پاران منظوري نه ملڻ تي پي سي بي جي دعوت رد ڪري ڇڏي

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ حڪومت پاران منظوري نه ملڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت رد ڪري ڇڏي رپورٽ موجب پي سي بي بنگلاديش کي مختصر سيريز جي لاءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني هئي ۽ پاڪستان سپر ليگ جو فائينل جي ڪامياب انعقاد کان پوءِ دوري جا امڪان روشن نظر اچي رهيا هئا جڏهن ته بنگلاديشي حڪومت ٽيم کي پاڪستان نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پي سي بي جي چيئرمين شيريارخان نجي ٽِ سان ڳالهائيندي چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جي ذريعن مطابق بنگلاديش جي انڪار کان پوءِ پي سي بي پاران پاڪستاني ٽيم جو شيڊول بنگلاديش جي دوري جي معاملي تي منافعي ۾ شيئر تي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي. ياد رهي ته ماضي ۾ به بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ٻن موقعن تي ٽيم پاڪستان جي دوري تي موڪلڻ تي رضامندي ڏيکاري هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *