مفاهمتي پاليسي ۽ ايندڙ عام چونڊون: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ مفاهمتي پاليسي تي گامزن حڪمرانن جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏنو آهي  ۽ نه حڪمرانن هن  ڀيري ڪنهن کي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي موقعو فراهم ڪيو آهي جنهن سبب جمهوريت هن ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي، جيڪي به حڪومتون عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اچي رهيون آهن اهي پنهنجو مدو به پورو ڪري رهيون آهن، پيپلزپارٽي به بنيظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ اقتدار ۾ آئي جنهن به پنهنجو حڪومتي مدو پورو ڪيو، نوازشريف به هاڻ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وارو آهي، پر افسوس جو ان مضبوط ٿيندڙ جمهوريت ۾ عوام کي ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي، هن وقت به ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو بحران، پاڻي جو بحران ۽ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي جنهن سبب عوام ٻٽي عذاب جو شڪار ٿي ويو آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. حڪمران چئي رهيا آهن ته اهو  سڀ ڪجهه مشرف جي ڪارنامن جو نتيجو آهي جيڪي هو  اڄ ڀوڳي رهيا آهن ته اهڙي ريت  طالبان دهشتگردن بابت اهو ئي چيو وڃي ٿو،  جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ اندر دهشتگردي جو مسئلو سنگين ٿي ويو آهي پر ان باوجود حڪمران  ملڪ جي عوام  جي تحفظ لاءِ ڪي خاص قدم کڻندي نظر نه اچي رهيا آهن،

وزيراعظم نوازشريف روزاني جي بنياد تي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪري رهيو  آهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به پارليامينٽ ۾ اچڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي پر ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه وڃي رهيو آهي، هن وقت پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پنجاب جو رخ ڪيو  آهي ۽  نوازليگ اڳواڻن سنڌ جي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ايتري قدر جو نواز ليگ طرفان ناراض ٿي ويل ن ليگ اڳواڻن کي به پرچائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر نواز ليگ ڪهڙي ريت سنڌ اندر پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي ٿي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ اندر پيپلزپارٽي جا پير تمام گهڻو مضبوط آهن ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌ ۾ شڪست ڏيڻ نواز سرڪار جي لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هوندو، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي اهڙيون شخصيتون به شامل ٿي ويون آهن جيڪي  چاهين ته بنا پارٽي جي به پنهنجي تڪ تان ڪامياب ٿي سگهن ٿيون پر ان باوجود انهن اهم ماڻهن پيپلزپارٽي شموليت ڪري ڇڏي آهي جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته هاڻ پيپلزپارٽي سان فنڪشنل ليگ کان  ويندي نواز ليگ تائين ڪا به جماعت سنڌ اندر اڪثريت سان مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن پنجاب ڏانهن نظر ڦيرائينداسين ته پي ٽي آءِ به نواز  سرڪار لاءِ  پنجاب ۾ هڪ وڏو چيلينج بڻيل آهي ۽ اتي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو مقابلو ٿيڻ جو امڪان آهي، باقي رهي ڳالهه بلوچستان ۽ ڪي پي جي ته جيڪي ماضي ۾ ماڻهو کٽيندا رهندا هئا اهي ئي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا.  رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته  اها  پنجاب ۾ اڪثريت سان ڪامياب نه ٿي سگهندي.

هونءَ ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان به سنڌ جو رخ ڪيو هو پر کيس ايتري موٽ نه ملي سگهي هئي جيتري پيپلزپارٽي کي ملندي رهي آهي،  نواز  ليگ ته حڪومت ۾ آهي ان هوندي به  نواز ليگ  جلسي ۾ ايترا ماڻهو جمع نه ڪري سگهي جنهن کي ڏسي هر هڪ ماڻهو چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ها ته هزارين ماڻهو آيا آهن. بهرحال هن وقت پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وٽن گهڻو ڪجهه آهي پر ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو. آصف علي زرداري طرفان اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي صف بندي شروع ڪري ڇڏي آهي، صف بندي  کي حتمي شڪل پاناما ليڪس جي فيصلي کان پوءِ ڏني ويندي. پاناما ڪيس بابت ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته تنظيم سازي ڪري پاناما فيصلي کان پوءِ ۾ متحرڪ ٿي ويندا. وزيراعظم نوازشريف به حيدرآباد جلسي ۾ سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پيپلزپارٽي 2008ع کان وٺي حڪومت ۾ آهي ان باوجود سنڌ ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه  ڪرايا ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ به ٺٽي  جي جلسي ۾ وزيراعظم نوازشريف سمنڊ کي ڀت ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هو، جنهن جي واکاڻ به ڪئي وئي هئي پر ان باوجود سمنڊ کي ڀت ڏيڻ  واري اعلان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي هن وقت ملڪ اندر پاڻي جو بحران به وڌي ويو آهي ته پر ان باوجود وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومتون ڪي به قدم نه کڻي رهيون  آهن.

هونءَ ته تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ملڪي ۾ تبديلي جو نعرو هڻندو آهي پر هن ڀيري وزيراعظم نوازشريف اهو چئي ڇڏيو ته ماڻهو تبديلي جو نعرو هڻندا آهن ۽ هن ملڪ کي تبديل ڪري ڏيکاريو آهي. وزيراعظم نوازشريف حيدرآباد جلسي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته  سندن دور ترقياتي ڪم شروع ٿيا ۽ ڪيترن ئي رٿائن تي هن وقت به ڪم هلي رهيا آهن. لوڊشيڊنگ بابت ڳالهائيندي وزيراظم چيو هو ته اڳ ۾ 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ان کي به هنن  گهٽايو آهي. بهرحال هن وقت سڄي ملڪ ۾ هڪ افرا تفري وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي  اڳ ۾ پي ٽي آءِ ڌرڻا هڻندي هئي ۽  وزيراعظم نوازشريف  جلسي ڪري رهيو آهي فرق صرف ايترو آهي  جو اڳ ۾ ڪرپشن خلاف احتجاج ٿيندا هئا ۽ اڄڪلهه ايندڙ چونڊن لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. هن وقت ڀلي کڻي هتان جا حڪمران اهو چوندا هجن ته هو پنهنجي قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن پر افسوس جو هن ملڪ ان جي سڀ ڪجهه ابتڙ ٿي رهيو آهي.هر طرف اهو چيو پيو وڃي ته مفاهمت جي نالي تي قوم کي لٽيو پيو وڃي  پر ڪو به قدم نه کڻي  رهي آهي. هون ءَ ته هن ملڪ اندر بيروزگاري ۽ دهشتگردي عروج تي آهي ۽ امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾  به دهشتگردي  جي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ حڪمران صرف افسوس وارا بيان ئي ڏيندا رهيا.

هن وقت سرحد تي به ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ ان سان گڏ انسان  حقن جي لتاڙ به ٿي رهي آهي. وفاقي سرڪار ته دعويٰ ڪري رهي آهي ته هنن امن امان ڪرائي ڇڏيو  آهي  پر هن وقت به ملڪ اندر  سيوهڻ سانحي جهڙيون دهشتگرد  ڪارروايون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، بهرحال هن وقت  پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آهن، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو مرڪز پنجاب کي بڻايو آهي ۽ وزيراعظم نوازشريف سنڌ جو رخ ڪيو آهي، وزيراعظم نوازشريف اهڙا ته اعلان ڪيا آهن جو اڳ تاريخ ڪڏهن به نه ڪيا هئا، حيدآباد  جي شهرين لاءِ يونيورسٽي جو به اعلان ڪيو. ان سان گڏ وزيراعظم بين الاقوامي ايئرپورٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، حيدرآباد ۾ ميٽرو بس، ڪراچي کان ميرپورخاص تائين مهراڻ ايڪسپريس هلائڻ، پاسڪو معرفت سنڌ مان ڪڻڪ جي خريداري وڌائڻ، حيدرآباد جي شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ ۽ حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي ترقياتي ڪمن لاءِ 50 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي اعلان سميت ٻيا به ڪيترائي اعلان ڪيا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته انهن اعلانن تي چونڊن کان اڳ ئي ڪم شروع ٿي ويندو يا وري ايندڙ  عام چونڊن تائين اهي اعلان صرف اعلان ئي رهندا.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *