سنڌ ۾ دهشتگرديءَ ۽ وڳوڙن جو تاريخي پسمنظر؛فيروزه لاشاري

ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس تي ڇاپي جتي مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هيو. اتي ايم ڪيو ايم جي پاڻمرادي جلاوطن اڳواڻ ۽ برطانوي شهري الطاف حسين جي ان بيان مونکي ويتر اچرج ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن ۾ هن چيو هيو ته گهربل ماڻهن کي نائين زيرو نه اچڻ گهربو هيو، اهي مون جيان ڪٿي به لڪي وڃن ها پر انهن کي سڀني کي مصيبت ۾ نه وجھڻ گهربو هيو. الطاف حسين جو وائڙائپ ۾ ڏنل اهو بيان رينجرز جي ڇاپي جي رد عمل طور سامهون آيو هيو، ٿيو ڪجهه هيئن هيو جو گذريل اربع ڏينهن صبح 5وڳي ڌاري رينجرز جي وڏي نفري عزيز آباد واري علائقي ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو جو گهيراءُ ڪري سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن کان اڳ نائين زيرو ڏانهن ايندڙ 21 گهٽين کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو، ان ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ پرڏيهي ۽ نيٽو ڪنٽينرز مان چوري ٿيل منع ٿيل بور جا هٿيار هٿ ڪري رابطه ڪاميٽي جي ميمبر عامر خان ۽ 6 خطرناڪ ڏوهارين سميت ٻه درجن کان مٿي خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڪيل ڏوهارين ۾ صحافي ولي بابر جو قاتل فيصل موٽا،عبيد ڪي ٽو، فرحان شبير عرف ملان، عامر ۽ نادر شامل آهن. ڪارروائي دوران رينجرز اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي اهم اڳواڻن عامر خان،عبدالحسيب، ريحان ظفر ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي ۽ کين پڻ گرفتار ڪري ورتو رينجرز آپريشن جو اطلاع ملڻ تي متحده جاڪارڪن وڏي انگ ۾ نائين زيرو ٻاهران گڏ ٿي ويا، جن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ رينجرز پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي. گرفتار ڪيل فيصل موٽا کي صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾موت جي سزا ۽ نادرکي 13 سال قيدجي سزا ٻڌايل آهي. ان کانپوءِ پاڪستان رينجرز جي ترجمان جو هڪ بيان سامهون آيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هيو ته ڏوهاري عمير صديقي ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ ڪلر هيو جنهن 120 ڄڻن جي قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته انيس قائمخاني 2008 ۾ خورشيد ميموريل هال ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو مان ان ٽارگيٽ ڪلرز جي ٽيم جو حصو هوس مون سميت 23 ٽارگيٽ ڪلرز ايم ڪيو ايم جي ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي انچارج حماد صديقي جي حڪم تي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هيا سين ۽ اسان عامر خان جي ڀائيٽي سميت ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي باغي اڳواڻن کي قتل ڪيو. هن اهو به انڪشاف ڪيو ته بلديه ٽائون جي فيڪٽري کي باهه سيڪٽر انچارج عبدالرحمان عرف ڀولا لڳائي هئي. ان سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها به خبر پئي آهي ته ڪراچي ۾ هٿيارن جي منتقلي ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ڪجهه حصن مان انهن جي فلاحي اداري جي ايمبولنسن ۾ ٿيندي هئي ۽ هٿيار انهن جي ذريعي ئي ورهايا ويندا هئا ۽ ڪميونٽي پوليسنگ ٺاهڻ جو مقصد اصل ۾ مخبري جي نيٽ ورڪ کي سگهارو بنائڻ هيو. ان سڄي صورتحال ۾ اهو واضع ٿي چڪو آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ نامعلوم افراد بڻجي گم ڪيڏانهن ٿي ويندا هيا.هي ته ڪالهه جي ڳالهه آهي ان اڳ ڪراچي ۾ هٿيارن جي رسد جو ڪم هڪ تمام وڏي فلاحي اداري جي ايمبولنس سروس ذريعي ڪيو ويندو هيو ان لاءِ اڳ ۾ انهن ان اداري ۾ پنهنجا ڪارڪن ڊرائيور طور ڀرتي ڪرايا هيا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڳالهه رڳو بلديه ٽائون جي هڪ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ختم نٿي ٿئي، عباس ٽائون وارو سانحو هجي يا ٽمبر مارڪيٽ کي لڳل باهه هجي يا ڪيميڪل مارڪيٽ وارو واقعو هجي اهي سڀ واقعا اهي آهن جن ڪالهه تمام وڏا سوال ڇڏيا هيا لڳي ٿو ته انهن جي جوابن جي سامهون اچڻ جو وقت اچي ويو آهي.

نائين زيرو تي ڇاپي کان پوءِ توِڙي جو ملڪ جي سياسي وايو منڊل ۾ تمام وڏو زلزلو آيل آهي ۽ جنهن رٿابندي سان رينجرز ڪارروائي ڪئي، ان لاءِ جنهن انداز ۾ هوم ورڪ ڪيو ويو ۽ ٽائيمنگ مقرر ڪئي وئي ۽ مزاحمت جي عنصر کي روڪڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي تيار ڪئي وئي ۽ ڪنهن وڏي سانحي کي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو هڪ پروفيشنل انداز هيو، اها جوڙيل حڪمت عملي جي ڪاميابي ئي آهي جو ايم ڪيو ايم وٽ فيس سيونگ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو، اڄ اهو مطالبو ڪري سگهجي ٿو ته اعترافي بيانن جي روشني ۾ الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي پاڪستان آندو وڃي. بنا ڪنهن شڪ جي ايم ڪيو ايم تي پابندي مڙهي ڪراچي واسين کي آزادي سان جيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي، انهن کي پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق ڏيئي پنهنجي مرضي جا نمائندا چونڊڻ جو اختيار ڏنو وڃي. مون پنهنجي تحرير جي شروع ۾ حيرت ۽ اچرج جهڙا لفظ استعمال ڪيا هيا، اهو ان ڪري جو اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ايم ڪيو ايم بابت اهو سڀ ٻڌي رهيا آهيون، متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ اها مهاجر قومي موومينٽ ئي هئي جنهن جي قيادت تي قومي جهنڊي ساڙڻ سميت بغاوت جا اڻ ڳڻيا ڪيس داخل ٿيل هئا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته الطاف حسين خلاف مجموعي طور تي قتل جي 31 ڪيسن سميت 72 ڪيس داخل ٿيل آهن ميجر ڪليم ڪيس سميت مختلف ڪيسن ۾ يا ته کيس سزا ٻڌايل آهي يا وري روپوش آهي،1992ع واري فوجي آپريشن دوران وڏي پيماني تي ٽارچر سيل هٿ ڪيا ويا هيا، نقشا ۽ ملڪي سلامتي خلاف دستاويز مليا هيا. ايم ڪيو ايم جي عسڪري يا هٿياربند ونگ جي خطرناڪ دهشتگردن جا ان کان به وڌيڪ خطرناڪ بيان سامهون آيا هيا پر اها اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي جو اتي سڀ ڪجهه سياسي مقصدن ماڻڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، اتي هر ڪم نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ فوري ضرورتن کي سامهون رکي ڪيو ويندو آهي، جيئن طالبان جو وجود ۾ اچڻ ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺهڻ ۽ خاص طور تي اهڙا عمل غير جمهوري دور ۾ ئي ڪيا ويندا آهن. جنهن جي قيمت نالي ماتر ئي سهي پر جمهوري حڪومتن کي ادا ڪرڻي پوندي آهي نه رڳوحڪومتن کي پر ان سان گڏ ادارن جي به ساک متاثر ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هر اقتداري ڌر سياسي ويڙهه سياسي انداز ۾ وڙهڻ بدران ادارن کي استعمال ڪري سياسي مخالفن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائيندي آهي، وري جڏهن ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته کير کنڊ ٿي وڃن ٿا، سرڪاري ادارا رڳو فائل تيار ڪرڻ ۽ ڪيس واپس وٺڻ جي ڪم ۾ لڳل رهن ٿا ته پوءِ اتي ڪهڙي سياست پروان چڙهندي ان جو اندازو هر شعور رکندڙ سياسي ڪارڪن پاڻ لڳائي سگهي ٿو. مان تاريخ جي شاگردياڻي آهيان ۽ اڄ مان پنهنجي سياسي وابستگين کي هڪ پاسي رکي تاريخ جي نازڪ ترين معاملن کي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پنهنجي پڙهندڙن جي آڏو رکي رهي آهيان ايم ڪيو ايم اڄ ڇا آهي يا سياست جي اصليت ڇا آهي مان چاهيان ٿي ته ان کي سمجهڻ تمام ضروري آهي اڄ واري معاملي کي سمجهڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيڻ بدران ضروري آهي ته اڳ ۾ ماضي ۾ ليئو پائي ڏسون ته فتني ۽ فساد جي هن وڻ جون پاڙون کتل ڇا ۾ آهن. مهاجر صوبه، مهاجرستان، جناح پور ۽ اردو ديس جي نعرن جا خالق ڪير هيا ۽ آهن؟ ”آدها تمهارا آدها همارا“ جو نعرو ڇو هنيو ويو؟ ڀارت، اردو اديب ۽ نام نهاد اردودانشور الڳ صوبي جا خواهشمند ڇو هيا ۽ آهن؟ هانگ ڪانگ پلان ڇا هيو؟ خالق ڏنا هال ۾ ”اب ٽوٽ ڪي رهي گا پاڪستان“ جا نعرا ڇو بلند ٿيا؟ سياست ۾ دهشتگردي ڪيئن ۽ ڇو داخل ٿي ڪنهن شروعات ڪئي؟ ڇا ڪجهه اڳوڻا جنرل به هن سازش جو حصو رهيا آهن؟  جيستائين انهن سوالن جا جواب سامهون نه ٿا اچن تيستائين اڄ جي صورتحال کي سمجهڻ ناممڪن آهي.

سڀ کان اڳ ۾ اسان لاءِ اهو سمجهڻ تمام ضروري آهي ته لفظ ”مهاجر“ ڇا آهي.Refugee(ريفيوجي) سولي ۽ آسان سنڌي ۾ ان جو ترجمو آهي پناهگير، پناهه وٺندڙ فيروزالالغات اردو ۾ لفظ ”مهاجر“ جي معنيٰ ڪجهه هن ريت ڪئي وئي آهي (صفحه 21 13 ) م-ها-جِر [صفت] هجرت ڪرڻ وارا، پنهنجي وطن کي ڇڏڻ وارا، وري جيڪڏهن گڏيل قومن ۽ جنيوا ڪانفرنس جي چارٽر کي ڏسون ۽ جيڪڏهن لفظ مهاجر جي تشريح ڪجي ته خبر پوندي ته مهاجر مطلب ڪنهن ملڪ تي ٻي ملڪ جي حملي مذهبي يا لساني بنيادن تي ٿيندڙ وڳوڙن يا ان سان ملندڙ جلندڙ خراب حالتن سبب ان ملڪ جا ماڻهو ڪنهن پاڙيسري ملڪ ۾ سرحد پار ڪري پناهه لاءِ وڃن. (جيئن افغان پناهگير)، ان پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته مهاجرن کي شهريت ناهي ملندي، انهن کي ووٽ جو حق ۽ ملڪيت جي خريداري جو حق ناهي هوندو. انهن کي پاسپورٽ جاري ناهي ڪبو. جڏهن اسين اهو سڀ سمجهي ويا آهيون ته اسان کي Political Asylum  سياسي پناهه ۽ Refugee ۾ فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.

حاصل مطلب:ان مان حاصل مطلب اهو ٿيو ته پناهگير، مهاجر يا ريفيوجي ڪا قوم ناهي هوندي. انهن وٽ ڪنهن به ملڪ جي اصلوڪي رهاڪو جيترا حق ناهن هوندا. مٿي بيان ڪيل تشريح سان ته اسان انهن کي پناهگير تسليم ڪيون ٿا. بلڪل ائين جيئن اسان افغان مهاجرن کي پناهه ڏني ۽ انهن کي واپس اماڻيوسين. ڪيڏي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته حق سڀ اصلوڪن شهرين وارا استعمال ڪن ٿا. شهريت به حاصل ڪن ٿا، چونڊون وڙهڻ جو به حق حاصل اٿن، وزير به ٿيو وڃن ۽ گورنر به ٿيو وڃن، پر اڌ صدي گذرڻ جي باوجود جڏهن ٽئين پيڙهي پروان چڙهي رهي اٿن، تڏهن به آهن وري به اهي پناهگير.

هجرت کان هٿيار تائين جو سفر: 1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوج هن خطي کي چڙهائي ڪري فتح ڪيو تڏهن ڪراچي شهر جي آبادي صرف 14 هزار هئي، لڳ ڀڳ 98 سالن کانپوءِ 1941ع ۾ ٿيندڙ مردم شماري مطابق ڪراچي جي آبادي 386650 ٿي وئي. ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان جي پهرين مردم شماري 1951 ۾ ٿي جنهن جي انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي 10,68,590 تي وڃي پهتي، مطلب 10 سالن ۾ 176 سيڪڙو واڌارو آيو، جنهن جو وڏو ڪارڻ هجرت هو. 1970ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ واڌاري جي شرح 8 سيڪڙو ساليانو رهي ۽ اڄ ڪراچي جي آبادي ٻن ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي، 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ مذهب جي نالي تي ٿيل اها لڏپلاڻ 1940ع جي قرارداد جي بلڪل ابتڙ هئي، 10 لک مهاجرن جو پاڪستان ڏانهن هجرت ڪرڻ ۽ ڪروڙ کان مٿي مسلمانن جو ڀارت ۾ ترسي پوڻ پنهنجي جنم ڀومي کي نه ڇڏڻ، پنهنجو پاڻ ۾ خود هڪ سوال آهي، پوءِ جيڪي هتي آيا، انهن ملڪيتن جا ڪليم جمع ڪرايا ۽ اصلوڪن سنڌي رهاڪن کي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ تي مجبور ڪري انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيائون، گرومندر، رام باغ، هاڻوڪو آرام باغ، صدر، گارڊن، رنڇوڙ لائن، رام سوامي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهيل عمارتون اڄ به اصلوڪن رهاڪن جون منتظر آهن، اڄ به انهن عمارتن جي بالڪنين جي ڄارين تي اوم جهڙا هنڌي لفظ اڪريل آهن ته ڪن تي ماتا ۽ هنومان جون مورتون اڪريل آهن.بدقسمتي سان ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رت جي راند شروع ٿي جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوندي ته سنڌ ۾ دهشگردي جي شروعات 1947ع کان ٿي جڏهن هندوستان کان لڏي آيلن سنڌ جي مستقل ۽ اصلوڪن رهواسين کي مذهب جي بنياد تي مارڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ سنڌ ۾ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي بحال ٿيڻ خلاف فساد ڪيا ويا، سرڪاري انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 7 جولاءِ کان 7 آگسٽ 1972ع تائين 42 ماڻهن کي ماريو ويو. انهيءَ دوران جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن علامه دائود پوٽي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته هندستان کان آيل اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سنڌي لازمي قرار ڏجي ٿي ۽ سنڌي ٻارن لاءِ اردو پڙهڻ لازمي هوندو. انهن ان جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حيدرآباد جي هڪ ڪرپٽ ۽ نام نهاد ليڊر حافظ مبارڪ علي شاهه عيدگاهه ميدان حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ جلسو ڪوٺايو، ان جلسي ۾ هن شر انگيز ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، چيائين ته هندستان کان آيل ٻار ڪافر راجا ڏاهر جي زبان نه پڙهندا. ان تقرير حيدرآباد کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو.تاريخ جي پنن تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي ته پناهگيرن جي قيادت هميشه اسٽيبلشمينٽ جي حامي رهي آهي ون يونٽ جي تحريڪ خلاف انهن “مهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيو” سنڌ ۽ سنڌين کان بلڪل الڳ ٿي بيٺا. ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ واري المناڪ سانحي انهن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري ۽ انهن جي ذهن ۾ ٻوليءِ، الڳ سياسي نظريئي ۽ ڌار سڃاڻپ جو جنون چڙهيو ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳا. 1977ع ان سال جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ 9 ستاري اتحاد جڙيو، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ايجيٽيشن جو مرڪز بڻايو ويو، انهن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. ضياءُ آمريت خلاف 1983ع کان 1986ع تائين ايم آر ڊي يعني جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ  جنهن ۾ لاکاٽ، کيسانه موري ۽ دادو سميت سڄي سنڌ ۾ هٿين خالي سنڌين کي جمهوريت پسندي جي سزا ملي رهي هئي، تڏهن اهي بلڪل الڳ بيٺل نظر آيا.

لساني فساد ۽ بشريٰ زيدي ڪيس: تاريخ جي ورقن تان جڏهن ڌوڙ هٽائي غور سان ڏسبو ته رت ئي رت نظر ايندو. 1985ع جتي ڪراچي ۾ هڪ شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي بس حادثي ۾ موت انهن جي ارادن تان پردا هٽائي ڇڏيا، غور سان انگن اکرن جو جائزو وٺون ته خبر پوندي ته 1980ع کان 1985ع تائين ڪراچي شهر ۾ مني بسن جا 1459 حادثا ٿيا، جن ۾ مجموعي طور تي 821 ماڻهو فوت ٿيا. 1985 جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته انهي سال 285 حادثا پيش آيا، جن ۾ 216 ماڻهو ماريا ويا ته پوءِ بشريٰ زيدي ڪيس کي بنياد بڻائي ڪراچي ۾ لساني فسادن جو اڻکٽ سلسلو ڇو شروع ٿيو. جنهن جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي وفاقي گهرو وزارت جي سيڪريٽري مسعود الزمان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻو پيو، ڪميشن جي رپورٽ اڄ به سرڪاري المارين جي زينت بڻيل آهي.

سنڌ ۾ نسلي ۽ ٻُولي وارا فساد: جيئن ته اڳ ۾ به چئي چڪي آهيان ته امن ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي جي مهمان نواز اصلوڪن رهاڪن هجرت جي عمل دوران ئي پنهنجي پٺيءَ تي وار سهڻ شروع ڪيا، انهن پهرين دهشتگردي مذهب جي بنياد تي ڪيئي ۽ ڪيترن ئي هندن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري انهن کي يا ته قتل ڪيو يا انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ اجها ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ٻولي وارن فسادن جو به ذڪر ڪري آيا آهيون.*****(جاري)

1985ع کان ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو دور شروع ٿيو، جنهن جوعروج 1990 ۾ ڏسڻ آيو جنهن ۾ نه رڳو ماڻهن کي ماريو ويو پر ڪيترين ئي سنڌي عورتن کي بي آبرو ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جا ٺپا هنيا ويا، نوجوانن جا جسم ڊرل مشينن سان پروڻ ڪيا ويا. 1985ع کان 1990ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 4 هزار جي لڳ ڀڳ سنڌي ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا، تاريخ ٻڌائي ٿي ته صرف حيدرآباد مان اڍائي هزار سنڌي ڪٽنب گهر گهاٽ ڇڏي ڀڳا. پڪي قلعي کان عامل ڪالوني تائين 63 پاڙن مان هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرايا ويا. 1972ع کان 1990ع تائين يعني ٻولي وارن فسادن کان وٺي 1990ع تائين سنڌين جا دوڪان ۽ ڪاروبار سراسري طور تي چار ڀيرا سڙيا ۽ ڦريا ويا ۽ 200 سنڌين جو ڪاروبار مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. 1985ع کان 1990ع تائين سنڌ ۾ ٿيل فسادن جو انگ سئو کان مٿي آهي. جن ۾ 25 جهيڙا ايم ڪيو ايم طرفان سنڌين پنجابين ۽ پٺاڻن سان ڪيا ويا. ڊسمبر 1988ع کان وٺي آگسٽ 1990ع تائين ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان ٽڪراءُ ۾ آئي، ان دوران  12 خوني فساد ڪرايا ويا، جن ۾ 6 اپريل 1989 تي حيدرآباد ۾ 22 ماڻهو ماريا ويا، 7 فيبروري 1990ع تي ڪراچي ۾ ٿيل فساد ۾ 72 ماڻهو ماريا ويا، 14 کان 28 مئي 1990ع تائين حيدرآباد ۾ 81 ماڻهو ماريا ويا. ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 مئي 1990ع تي 56 ماڻهو قتل ڪيا ويا. 29 مئي کان پهرين جون 1990ع تائين وڌيڪ 116 ماڻهو قتل ڪيا ويا. حيدرآباد انتظاميه جو سرڪاري ريڪارڊ ٻڌائي ٿو، انهيءَ عرصي ۾ ڦرلٽ ۽ نقصان جون 3239 رپورٽون داخل ٿيون، جن مان رڳو سٽي ٿاڻي تي 1692 رپورٽون داخل ٿيون. مارڪيٽ ٿاڻي تي 202، لطيف آباد ٿاڻي تي 1340 ۽ ڇانوڻي ٿاڻي تي 73 ايف آءِ آرون داخل ٿيون. واضح رهي ته اهي رپورٽس 14 مئي کان 24 مئي 1990ع تائين داخل ٿيون. ڪراچي ۾ پي ايس ايف جي نوجوانن کي هٿ پير ٻڌي زندهه ساڙيو ويو. قتل ڪيو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. اغوا ٿيلن کي بعد ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر 5 ڪراچي ۾ واپس ڪيو ويو.8 آگسٽ 1986ع تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريون عام جلسو ٿيو. جنهن ۾ پهريون ڀيرو اسلحي جي ڀرپور نمائش ڪئي وئي ۽ پنجابين ۽ پٺاڻن خلاف زهر اوڳاڇيو ويو. ايم ڪيو ايم ٻيو جلسو حيدرآباد ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، 31 آڪٽوبر 1986ع تي ڪراچي کان ايم ڪيو ايم جو قافلو حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو ۽ ٻنپهرن جو ساڍي ٻارهين وڳي سهراب ڳوٺ وٽ قافلي تي حملو ٿيو جنهن ۾ مهاجر پٺاڻ فساد شروع ٿيا ۽ صرف هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 16 ڊسمبر 1986ع تي اورنگي جي علائقي علي ڳڙهه ڪالوني ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهڙي ته رت جي هولي کيڏي ويئي جو عورتن ۽ ٻارن سميت 156 ماڻهن کي انتهائي بي دردي ۽ سفاڪي سان قتل ڪيو ويو.

23 جنوري 1987ع تي الطاف حسين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻي ڏينهن ڪراچي جي گهٽين ۾ هينڊبل ورهايا ويا ته ”مهاجرو ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻو- ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم جو ٽڪراءُ هڪ تنظيم ”پي پي آئي“ پنجابي پختون اتحاد سان ٿيو ۽ ڪراچي لساني فسادن جي ور چڙهي ويو ۽ خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ڀتو وٺڻ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جو سلسلو شروع ڪيو. ڀتي واري معاملي تي پ پ آئي ۽ پيپلز پارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم پي ايس ايف سان ٽڪراءُ روز جو معمول هو. پ پ آئي جو واحد ميمبر سنڌ اسيمبلي عرفان الله مروت، ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان جو ڄاٽو هو. ايم ڪيو ايم طرفان هٿيارن جي خريد ڪرڻ ۽ ورهائڻ، ٽارچر سيلن جو قيام ۽ نجي جيل قائم ڪرڻ جهڙا عمل زور تي هئا. 7 جولاءِ 1989ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف جي چئن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم بي دردي سان قتل ڪيو. تنهن کانپوءِ پي ايس ايف سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن جي اغوا بعد ٽارچر سيلن ۾ قتل معمول بڻجي ويو ۽ نيٺ انهن فسادن سبب 26 فيبروري 1990ع تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فارغ ڪيو ويو ۽ آفتاب شعبان ميراڻي نئون وزير اعليٰ بڻيو پر ناني مئي ادي ڄائي واري مثال وانگر حالتون جئين جو تيئن رهيون ۽ پ پ حڪومت ختم ٿي نگران حڪومت جڙي ڄام صادق علي منظر عام تي آيو ۽ فوج کي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ دعوت ڏيڻي پئي ۽ ڪرفيو جا سلسلا شروع ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم ۾ بغاوت پئجي ويئي، ڄام صادق جي مهرباني سان ايم ڪيو ايم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آفاق احمد ۽ عامر خان ايم ڪيو ايم حقيقي جا اڳواڻ بڻجي ويا ۽ الطاف حسين کي ڄام صادق علي لنڊن روانو ڪري ڇڏيو.

ايم ڪيو ايم جو ٺهڻ:

جنرل ضياءُ جيڪو ننڍي کنڊ جي بدترين آمر ۽ ڊڪٽيٽر جي حيثيت ۾ مشهور آهي، جنهن نه صرف هڪ چونڊيل ۽ عوام جي محبوب ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، پر ذوالفقار علي ڀٽو کي تخت کان تخته دار تائين به پهچايو،جيئن ته ايم ڪيو ايم آقائن سان وفاداري جو ڀرپور مظاهرو ڪندي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جمهوري قوتن جو ساٿ نه ڏنو. ان انعام طور ان وقت جي طاقتور هٿن جي سرپرستي ۾ سگهارن ادارن 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهي،جتي هڪ پاسي حۡڪمران بظاهر جماعت اسلامي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ جو دليل پيش ڪندا رهيا. اتي ٻي پاسي ان وقت جي وزيراعليٰ ڪجهه سنڌي بيورو ڪريٽس ۽ ويڪائو دانشورن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جو منشور به تيار ڪرايو ۽ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي اهو باور ڪرايو ويو ته سنڌ مان پنجابين ۽ پٺاڻن کي تڙڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي ٺاهيو ويو آهي، توهان پريشان نه ٿيو، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هئي. اها ايم ڪيو ايم ئي هئي جنهن 1988 کان 1999ع تائين قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومتن کي ناڪام ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن جو مقصد جمهوري قوتن کي ناڪام ۽ ڪرپٽ طور بدنام ڪري دنيا ۾ اهو تاثر پيدا ڪرڻو هيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان کي هلائڻ ۽ آمريڪي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ سگهارين قوتن جو اقتدار ۾ هجڻ ضروري آهي ۽ اهوئي سبب هو جو جڏهن هڪ عجيب هاءِ جيڪنگ ڪيس ۾ نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته ڪابه عوامي مزاحمت سامهون نه آئي، نتيجي ۾ وري آمريت قائم ٿي ۽ جنرل مشرف چيف ايگزيڪيوٽو طور ملڪ جو حڪمران ٿي ويو ۽ انعام طور ايم ڪيو ايم کي به حصو مليو ۽ ايم ڪيو ايم هڪ آمر سان گڏ 11 سال اقتدار ۾ ڀائيوار رهي، مطلب ته 1988ع کان وٺي اڄ تائين ايم ڪيو ايم ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هميشه اقتدار ۾ رهي آهي.جولائي 1997ع ۾ هن مختلف قوتن جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي پارٽي مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکيو.

تاريخ جا رت ۾ ٻڏل پنا ٻڌائين ٿا ته 1987ع ۾ سيد غوث علي شاهه جي ئي دور ۾ هڪ ڳجهي رپورٽ تيار ٿي هئي. جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن ته اجايو هن گناهه ۾ پنهنجا هٿ ڪاراڪيا، ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ واريون ته قوتون ئي ٻيون هيون. هن رپورٽ تي ڪافي سارا اعتراض به اٿاريا ويا ته ان رپورٽ ۾ ڪجهه معتبر ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪجهه به هجي هڪ عام سنڌي ماڻهو کي خبر هجڻ گهرجي ته ان رپورٽ ۾ آخر اهڙو ڇا هو؟. تنهن ڪري رپورٽ جو ڪجهه متن جيئن جو تيئن بيان ڪجي ٿو، جيڪو هن ريت آهي.

هڪ ڳجهي رپورٽ جو متن: الطاف حسين جيڪو 17 آڪٽوبر 1953ع ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ پيدا ٿيو ۽ 1954ع ۾ پنهنجي والدين سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو، اهو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هيو، الطاف حسين جو ڏاڏو رمضان حسين آگره يوپي ۾ مولوي هيو، جڏهن ته والد برطانوي انڊيا ۾ اسٽيشن ماسٽر هيو، پاڪستان اچي هو ڪراچي جي هڪ ڪارخاني ۾ ڪلارڪ هيو، 13 مارچ 1967ع تي هن جو انتقال ٿيو، جڏهن ته 5 ڊسمبر 1985ع تي سندس والده خورشيد بيگم به لاڏاڻو ڪري وئي، انهن جي رهائش اڳ ۾ ايبي سينا لائن ۽ پوءِ جهانگير روڊ وٽ سرڪاري ڪوارٽر ۾ هئي. 6 جون 1982ع تي هڪ ڀارتي شهري مولانا امداد صابري ڪراچي آيو، رئيس امروهوي جنهن جو تعلق هڪ اخبار سان هيو، تنهن ڀارتي مولانا صابري کي پنهنجي گهر رات جي ماني جي دعوت تي گهرايو. جتي ڀارتي قونصلر ايس ڪي ڀاٽيا جنهن جو تعلق ڀارتي ڳجهي اداري “را” RAW سان به هو، ڀاٽيا ۽ الطاف حسين جي وچ ۾ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ رئيس امروهوي جي چوڻ تي الطاف حسين ايس ڪي ڀاٽيا کي اي پي ايم ايس او جي ميٽنگ ۾ گهرايو، اها ميٽنگ جون 1982ع تي نارٿ ناظم آباد جي مدينه هال ۾ ٿي، يعني رئيس امروهوي جي دعوت جي ٺيڪ پنجن ڏينهن کان پوءِ اها ميٽنگ الطاف حسين ۽ ڀاٽيا جي نقطه نظر کان ڪامياب رهي ۽ ڀاٽيا ڏاڍو خوش ٿي ويو ۽ الطاف حسين به ڏاڍو پراُميد  ۽ پرجوش هو. APMSO جو بنياد سيد محفوظ الحسن رکيو هو ،جنهن جي جڳهه  ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان الطاف حسين کي ملي وئي. رئيس امروهوي، سيد محمد تقي، پروفيسر قرار حسين ۽ سبط حسن ان وقت APMSO جا ڪرتا ڌرتا ۽ سرپرست هئا،رئيس امروهوي کي خيال آيو ته ڇو نه APMSO کي جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم اسلامي جمعيت طلبه سان ٽڪرائجي. انهيءَ خيال سان رئيس امروهوي الطاف حسين کي ٻن امير ترين هستين  آغا حسن عابدي (بي سي سي آءِ) ۽ مصطفيٰ گوڪل سان ملايو.

رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ سال جي عرصي ۾ APMSO رئيس امروهوي ۽ ڀارتي رهنمائي ۾ کاٻي ڌر جي چڱن خاصن ماڻهن کي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو، اندروني اختلافن ۽ فرقه پرست سياست جلد اي پي ايم ايس او کي تڪرار جو شڪار بڻائي ڇڏيو، ناڪامي ۽ دشمنن جي ڊپ کان الطاف حسين 1983ع جي وچ ۾ ملڪ ڇڏي آمريڪا ڀڄي ويو، آمريڪا ۾ الطاف حسين ٽيڪسي ڊرائيور جي روپ ۾ ڦرندو رهيو، جڏهن هو پاڪستان مان پڙهڻ جي بهاني ڀڳو هو، هن اُتي به اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني شهرين سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا ۽ شيعا اڳواڻن سان تمام گهڻي ويجهڙائپ  ڪئي، پاڪستان ۾ مارشل لا خلاف وڌندڙ نفرت پاڪستان ۾ موجود تجربيڪار اردوڳالهائيندڙن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته هاڻي الطاف حسين کي واپس گهرائي ايم ڪيو ايم جي خواب کي پوروڪيو وڃي. جون 1985ع الطاف حسين جي واپسي ۽ جماعت اسلامي ۽ سواد اعظم جي مقابلي جي تنظيم ايم ڪيو ايم جي بنياد رکڻ جو وقت هيو (جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي دعويٰ آهي ته 8 مارچ 1984ع تي ايم ڪيو ايم وجود ۾ اچي چڪي هئي) جيئن ته آمريڪا ۾ قيام دوران الطاف حسين ڀارتي سفارتي عملي سان تمام ويجها لاڳاپا قائم رکيا هئا، الطاف حسين جي وطن واپسي جي ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ ڀارتي قونصل جنرل آفتاب سيٺ (جيڪو هندو هيو) رئيس امروهي ۽ ڊاڪٽر عاليه امام (جيڪي ايم ڪيو ايم جي بانين مان هيا )تن جي ذريعي الطاف حسين تفصيلي ملاقات ڪئي. ڀارتي قونصليٽ جي عملدار جي ٽي شرما  الطاف حسين جي مان ۾ هڪ دعوت جو بندوبست ڪيو ۽ کليل انداز ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪئي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور امداد جو اعلان ڪيو،قابل اعتماد پراڻن سياستدانن ۽ صحافين جو هڪ گروپ جوڙيو ويو، جيڪو ايم ڪيو ايم جي طريقيڪار کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ مدد ڪري سگهي. رئيس امروهي، ايم بي نقوي، پروفيسر قرار حسين، ڊاڪٽر عاليه امام، ايس واجد شمس الحسن کي چيو ويو ته اهي هر طرح سان ايم ڪيو ايم جي امداد ڪن، الطاف حسين جي شخصيت کي وڌيڪ اڀارڻ لاءِ ڀارتي لابي بي حساب خرچ ڪري رهي هئي. نفيس صديقي ۽ واجد شمس الحسن کي الطاف حسين کي قومي اڳواڻ جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ اخباري شهرت ۽ عوامي دعوتن جي بندوبست ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، نفيس صديقي کي ان ڪم جي اجرت برطانوي ڪرنسي ۾ ڏني وئي. جڏهن ته واجد شمس الحسن کي به چڱو خاصو معاوضو ادا ڪيو ويو.رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آغا حسن عابدي ۽ مصطفيٰ گوڪل ٻئي شيعا آهن، انهن پاران الطاف حسين جي مالي مدد ڪرڻ جو مقصد جماعت اسلامي ۽ سواد اعظم اهلسنت جي مقبوليت کي گهٽ ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي تنظيمون سني اردو ڳالهائيندڙن جي ڀرپور مدد ڪري رهيون هيون ۽ شيعا تنظيم جي خلاف عمل ۾ رڌل هيون، جيڪا ايراني انقلاب کانپوءِ تمام گهڻو فعال ٿي چڪي هئي.  هن پوري عرصي ۾ الطاف حسين مٿي ڄاڻايل شخصيتن سان تعلقات بحال رکيا، جنهن لاءِ ان جو مددگار اختر حسين رضوي هو، جيڪو ايم ڪيو ايم جو انتهائي چالاڪ ۽ فعال باني ميمبر هو، ان رپورٽ ۾ هانگ ڪانگ پلان تي به روشني وڌي وئي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ جو ورهاڱو تقسيم هو.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ ڪوٽا سسٽم:

20 ڊسمبر 1971ع ۾ يعني پاڪستان جي ورهاڱي کانپُوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀاليو ته ملڪ جون حالتون سياسي معاشي ۽ اقتصادي طور تي انتهائي خراب  هيون، پاڪستان جي وجود تي ورهاڱي جو گهاءُ لڳل هيو، 90 هزار فوجي جوان ڀارتي جيلن ۾ قيد هيا، مطلب ته پاڪستان کي سنڀالڻ هڪ چئلينج هيو. ذوالفقار علي ڀٽي گهڻي سوچڻ کان پوءِ ممتاز علي ڀٽو کي سنڌ جو گورنر ۽ بعد ۾ وڏو وزير مقرر ڪيو ويو، انهي دوران باضابطه طور تي پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ اردو زبان جي تعليم سان گڏوگڏ ماضي وانگر سنڌي تعليم کي لازمي ۽ سنڌي زبان کي سنڌ جي سرڪاري زبان قرار ڏيارڻ هو. هن بل جي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي ئي ڄڻ ته قيامت اچي وئي. اردو ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبرن هن بل جي ڀرپور مخالفت ڪندي طوفان برپا ڪري ڇڏيو، هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، مختلف علائقن ۾ لساني جهيڙا شروع ٿي ويا ۽ صورتحال ايتري ته خراب ٿي وئي جو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو، سنڌي مهاجر فسادن جي اها لهر 22 ڏينهن هلي ۽ سنڌين کي مهمان نوازي جي انعام طور لاش ملندا رهيا، ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪراچي جي زمين، مورڙي جو ماڳ، مائي ڪلاچي جي شهر جي ڌرتي تنگ ٿيڻ لڳي، جنهن کانپوءِ حڪومت ۽ اردو ڳالهائيندڙ قيادت ۾ ڳالهين جو عمل شروع ٿيو ۽ ترميمن کانپوءِسنڌي ٻولي جو بل  1972ع لاڳو ٿي ويو، اتي اهو واضح ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان ته ڪوٽا سسٽم جو هن بل سان ڪوبه تعلق ناهي، ڪوٽا سسٽم 1951ع ۾ وفاقي نوڪرين ۾ پٺتي پيل علائقن کي نمائندگي ڏيڻ جي حوالي سان تجويز ڪيو ويو هو، 1956ع جي آئين جي نفاذ سان گڏ اهو طئي ڪيو ويو ته ڪوٽا سسٽم ايندڙ 15 سالن تائين برقرار رهندو، اهي 15سال 1971 ۾ پورا ٿيڻا هئا، ون يونٽ جي خاتمي سان گڏ هن ڪوٽا سسٽم کي سنڌ ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ گورنر رحمان گل 1971ع ۾ لاڳو ڪيو ۽ سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ صوبائي نوڪرين جي اهڙي طرح ڪوٽا مقرر ڪئي وئي ته شهري يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ صوبائي نوڪرين لاءِ 40 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻن علائقن لاءِ  60 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بعد ۾ 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 27 تحت ڪوٽا سسٽم کي برقرار رکيو ويو ۽ چيو ويو ته ڪوٽا سسٽم صرف 10 سالن لاءِ هوندو، 1977ع ۾ پ پ جي حڪومت ختم ٿي وئي. 1981ع ۾ جنرل ضيا هن کي وڌيڪ 10 سالن لاءِ وڌائي ڇڏيو ۽ 1992ع ۾ نواز شريف ڪوٽا سسٽم کي وڌيڪ 20 سالن لاءِ تحفظ ڏنو.

اڄ مان پنهنجي پڙهندڙن کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري ٿي سمجهان ته ڳالهه رڳو ڪوٽا سسٽم تي ختم نه ٿي، ان سان گڏ هڪ ٻيو قدم به کنيو ويو جنهن مطابق جولاءِ ۽ آگسٽ 1972ع ۾ سنڌ جي شهري علائقن ڪراچي حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻن اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ انهن کانپوءِ اتفاق راءِ  سان هڪ ٺاهه ڪيو ويو ڪيو جيڪو لکت ۾ ڪونه هو. جنهن مطابق. هڪ سنڌ جو وڏو وزير سنڌي ۽ گورنر اردو ڳالهائيندڙ هوندو. ٻيو چيف سيڪريٽري سنڌي ته آءِ جي غير سنڌي هوندو. ٽيون ڪنهن به کاتي جو وزير سنڌي ته سيڪريٽري غير سنڌي هوندو. چوٿون 40 سيڪڙو شهري ۽ 60 سيڪڙو ڳوٺاڻي ڪوٽا تي اتفاق ڪيو ويو. پنجون سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي زبان پڙهائي ويندي. ڇهون سنڌي زبان سنڌ جي سرڪاري زبان هوندي ۽ ستون مطالبو اهو رکيو ويو هو ته سنڌي مهاجر فسادن جي متاثرين کي معاوضو ادا ڪيو ويندو.

ايم ڪيو ايم ۽ بهاري: اسين جڏهن ايم ڪيو ايم جي ماضي تي ڳالهه ٿا ڪيون تڏهن اسان لاءِ بهارين جي مسئلي کي سمجهڻ به تمام ضروري آهي ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ قائم بهار ڪالوني ڇو قائم ٿي ڪڏهن ٿي ۽ ڪئين ٿي. بنگلاديش ۾ ڦاٿل بهارين واري معاملي ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻي سياسي سگهه عطا ڪئي ۽ بهارين جي حمايت ۾ الطاف حسين 14 آگسٽ 1979ع ۾ جيل به ڪاٽي آيو. تاريخ جي پنن تي لکيل آهي ته سنڌين صرف مهاجرن جي آجيان ڪري وسيع القلبي جو مثال قائم ناهي ڪيو پر اسان پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو ۽ ان کان اڳ به اسان اهڙي غلطي ڪري چڪا آهيون. اها ڳالهه 1946ع جي آهي جڏهن هندوستان جي صوبي بهار ۾ هندو مسلم فساد ٿيا رتو ڇاڻ ٿيو تڏهن سنڌ مسلم ليگ جي قيادت بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جا ٺهراءَ منظور ڪيا ۽ ڪراچي ۾ ”بهار ڪالوني“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جتي وڏي تعداد ۾ بهارين کي گهرائي آباد ڪيو ويو. ڳالهه صرف بهار ڪالوني تائين ختم نه ٿي ٿئي.

بهاري ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو:

سنڌي ٻولي واري بل جي منظوري کان اڳ جيڪڏهن نظر ڊوڙايون ته خبر پوندي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو روس جي دوري تان واپس وريو تڏهن پنج ست هزار مهاجرن جي هڪ ٽولي 70 ڪلفٽن ڪراچي يعني ذوالفقار علي ڀٽو جي رهائشگاهه ٻاهران بنگلاديش ۾ رهجي ويل بهارين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، لٺيون وسيون، ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ نيٺ ڀٽو صاحب انهن جي هڪ وفد سان مليو. جيئن ته ڀٽو صاحب سخت دٻاءُ جو شڪار هو ۽ شايد سنڌ جي ايندڙ وقت تي انهن جي نظر هئي. تنهن صاف لفظن ۾ چئي ڏنو ته ”بهاري نه کپن“ بهارين جي معاملي تي دهلي ۾ پاڪستان ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته اڍائي لک بهاري پاڪستان ايندا ۽ 45 هزار بنگالي پاڪستان کان بنگلاديش ويندا. بدقسمتي سان بنگالي ته نه ويا پر ڀٽي صاحب جي ئي دور ۾ ٽي لک بهاري ڪراچي پهتا ۽ 1978ع کان 1990ع تائين وڌيڪ پنج لک بهاري ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بهاري سنڌ ۾ لساني ڇڪتاڻ جو اهم سبب بڻيا آهن. بنگلاديش کان آيل اهي بهاري نوجوان مڪتي باهني سان هڪ ڊگهي مسلح جنگ وڙهي آيا هئا انهن وٽ هٿيار ۽ بم هلائڻ جو تجربو هو، اهي ڀارتي فوج سان به وڙهي آيا هئا. تنهن ڪري هاڻي ايم ڪيو ايم لاءِ مليٽنيٽ فورس جوڙڻ ڪا وڏي ڳالهه نه رهي هئي. ايم ڪيو ايم ۾ مليٽينسي يعني تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو عنصر بهاري آهن.سنڌ ۾ بهارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ڌرين زبردست احتجاج ڪيا. ايستائين جو سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ٿيا پر ٿيڻو اهوئي هو جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي منظور هو، ڇاڪاڻ ته مضبوط ايم ڪيو ايم انهن جي ضرورت هئي ۽ ”را“ ۽ ڀارتي سفارتخاني ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته بهارين کي ڀارت آڻڻ ڪوڙا ويزا ۽ پاسپورٽ فراهم ڪري پاڪستان آڻڻ لاءِايم ڪيو ايم ڀارتي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا.

سنڌ جي ورهاڱي لاءِ مهاجرن جي جدوجهد:

14آڪٽوبر1989ع 12 ربيع الاول 1410هه مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن صوبه مهاجرستان، پاڪستان جي چيئرمين جي نالي سان هڪ پمفليٽ ٺاهيو ويو ۽ هن سان گڏ هڪ ميمبر شپ فارم ورهايو ويو جيڪو اڄ به محفوظ آهي. هي 12 نڪاتي پمفليٽ انتهائي شر انگيز هيو. اچو ته ڏسون ته هي آخر اسان سنڌين لاءِ سوچين ڇا ٿا, جنهن لاءِاسان کي ان پمفليٽ جي هر نقطي جو الڳ الڳ جائزو وٺڻو پوندو. جنهن ۾ لکيو ويو هو ته سنڌي قوم راجا ڏاهر جو اولاد سڏائڻ تي فخر ڪري ٿي، هندن وانگر هٿ جوڙي سلام ڪري ٿي. هندن وانگر هٿ ۽ پير چمڻ انهن جي تهذيب آهي پاڪستان کان اڳ ڀارت جا ماڻهو (يعني مهاجر) سنڌين کي ڌاڙيل، ڦورو، چور ۽ عصمت فروش جي نالن سان سڏيندا هئا. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي اٺ ۽ گڏهه چارڻ وارن جي تهذيب سڏيو هو. اردو عظيم زبان آهي جيڪا انسان کي مهذب بڻائي ٿي. ڀارت جا مهاجر دانشور چون ٿا ته نانگ وفادار ٿي سگهي ٿو پر سنڌي نه ۽ نه ئي سنڌي مسلمان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو.

مهاجرن ۽ سنڌين ۾ فرق: مهاجرن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ 20 لک جانيون قربانيون ڪيون، جاگيرون ڇڏي پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ آباد ٿيا. سنڌين کي مهاجرن هندن جي غلامي مان آزاد ڪرايو. مهاجرن جي صدقي حڪومت ڪن ٿا. گاڏين ۽ جهازن تي چڙهن ٿا. 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌي ننڊ مان اٿيا ته کين ٺهيل پاڪستان مليو، سنڌين مهاجرن جي صدقي شهر ڏٺا. اٺن ۽ گڏهن تي سفر ڪرڻ مان جان ڇٽن. 95% سنڌي ڌاڙيل هوندا آهن. سنڌ جا اصل باشندا سومرا ۽ ڪلهوڙا هندو آهن جيئي سنڌ ۽ قومي اتحاد وارن جو سنڌ ڌرتي سان ڪوبه تعلق ناهي. سنڌين جا وڏا ڏوهاري هئا. مهاجرستان اڻٽر آهي. يا مهاجرستان مقدر آهي

انهي سان گڏ هڪ نقطي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ملڪ دشمن، غدار ۽ ڀارت جا ايجنٽ آهن 96% سنڌي ديشي ٿا سڏرائن، مهاجرن جي رت سان هولي کيڏي پئي وڃي. ممتاز ڀٽي، جي ايم سيد سان ڳجهو ٺاهه ڪري 1972ع ۾ لساني فساد ڪرايا، مهاجرن جو قتل عام ڪرايو. سنڌ جي بجيٽ سنڌي ۾ پيش ٿئي ٿي. تنهنڪري  مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن حڪومت کي اپيل ڪري ٿي ته: صوبي سنڌ کي ورهائي مهاجرستان جو قائم ٿيڻ عمل ۾ اچي چڪو آهي، ورهاڱي جو باضابطه اعلان ڪيو وڃي. بهارين کي بنگلاديش مان گهرائي مهاجرستان ۾ آباد ڪيو وڃي. فوج ۾ مهاجرن جي ريجمينٽ ٺاهي وڃي. ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي. کوکرا پار جو رستو جلد کوليو وڃي. 30 سيپٽمبر جي واقعي جي جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي. صوبي سنڌ ۾ 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ جيڪي غير ملڪي ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کي سنڌ مان تڙيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت 90 ڏينهن ۾ مطالبن تي عمل نه ڪيو ته پو مهاجر عوام اهو سوچڻ تي حق بجانب هوندو ته هو پنهنجي مدد لاءِ ۽ حقن جي بحالي ۽ بقا لاءِ آمريڪا، روس يا ڀارت کان مدد وٺن.

ڳالهه رڳو هن پمفليٽ تي ختم نه ٿي ٿئي. مهاجر اتحاد تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سليم حيدر ته ڪتاب به لکي ڇڏيو “اب سنڌ تقسيم هونا چاهئي” سيد فاروق الحسن جيلاني حيدرآباد جو هڪ دقيانوسي سوچ رکندڙ وڪيل صوبه اردو ديس تحريڪ پاڪستان جي نعري هيٺ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس-41 حيدرآباد مان چونڊ وڙهي چڪو آهي، هن جي نظر ۾ سنڌ صرف جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو آهي، باقي سکر خيرپور، سانگهڙ، نوابشاهه، حيدرآباد، بدين، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي اردو ديس آهي.ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ کان پوءِ مونکي الاءِ جي ڇو  اهو سڀ سياسي ناٽڪ وانگر لڳي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته قيام کان وٺي هن مهل تائين مختلف قوتن جي لاءِ هي ملڪ ناٽڪ منڊلي ئي بڻيل رهيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي ته ايم ڪيو ايم نه رڳو دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن تنظيم هجڻ سان گڏوگڏ بدترين جمهوريت دشمن قوت به آهي جيڪڏهن اهو سڀ ناٽڪ آهي يا سياسي انتقامي ڪاروائي ئي آهي ته ان کي بند ڪيو وڃي پر جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪو ادارو مڪمل طور مخلصانا انداز ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي مڪمل طوري تي آزادي ۽ خودمختياري سان ڪم ڪرڻ جو اختيار به هجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *