گهوٽڪي ڀرسان کنڀيل عورتون ۽ ٻارڙا ظاهر نه ٿيا

 

سکر پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ سرحد ڀرسان ڳوٺ جاڙو شيخ تي چڙهائي بعد کنڀي گم ڪيل 4 عورتن خانزادي، مهناز، تاج، جاويدان، حنيف ۽ شاهه علي شيخ سميت 8 ڄڻن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، ڳوٺ جاڙو شيخ جي رهواسي ڳوٺاڻن پاران جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ڪامريڊ نذير شيخ، پٺاڻ خان شيخ، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ڪمال مهر، داد محمد، پنهل، حڪيم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو اسٽيشن روڊ کان ٿيندو پريس ڪلب پهتو، جتي ڌرڻو هڻي  سکر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪامريڊ نذير شيخ چيو ڊيوٽي ڪندڙ پوليس آفيسر  غلط انفارميشن تي ڳوٺ تي ڪاهه ڪري معصوم عورتن ۽ ٻارڙن کي کنڀي کڻي ويو، هن چيو ته پوليس چئي ٿي ڌاڙيل مير شيخ جي ٻانهن ڏيو، پر شايد  آفيسر اها ڄاڻ ناهي ته مير شيخ 2 سال مري چڪو آهي، گرفتار ڪيلن جو مير شيخ سان پري پري جو واسطو به ناهي، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ڪمال مهر چيو ته اعليٰ عدليه سکر پوليس جي غيرقانوني عمل جو نوٽيس وٺي، ڇاڪاڻ ته پوليس اخلاقيات جون سموريون حدون اورانگهي ڪاروائي ڪئي.

ڦاسي واري سزا ۾ رُڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي

گڏيل قومن جي اداري 160 کان وڌيڪ ميمبر مُلڪن ۾ ڦاسيءَ جي سزا ختم ٿي چُڪي آهي. ايڪيهين صديءَ ۾ سزاءِ موت جي ڪا گنجائش موجود ناهي، زندهه رهڻ انسان جو بنيادي حق آهي.ان سلسلي ۾ پاڪستان واضح ڪيو آهي ته سزاءِ موت بابت اسان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، تنهنڪري پاڪستان سزاءِ موت متعلق بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي ناهي ڪئي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 2008 کان ڦاسيءَ تي پابندي لڳل هُئي، جيڪا ڊسمبر دوران پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کان پوءِ ختم ڪئي وئي. گذريل ٻن مهينن دوران 40 کان وڌيڪ مجرمن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي آهي.اها سزا جنهن مشڪل صورت ۾ بحال ڪئي وئي، تنهن جو دُنيا کي ضرور ادراڪ هُجڻ گُهرجي. اِها دهشتگردي ئي آهي جنهن هن پوري سماج کي عذاب جي ور چاڙهي رکيو آهي. سخت سيڪيورٽيءَ کان سواءِ مذهبي فريضا به مشڪل بڻيل آهن، جڏهن ته ڏهاڙي ڪٿي نه ڪٿي درجنن جي حساب ۾ معصوم حياتيون دهشتگرديءَ جي ور چڙهنديون رهن ٿيون. مُلڪ جي نه مسجد محفوظ آهي نه وري امام بارگاهه، اسڪولن ۾ معصوم ٻارڙن کي چونڊي چونڊي گولين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اُن کان علاوه بازارون ۽ ماڳ پڻ دهشتگردن جي ٽارگيٽ تي رهندا اچن پيا. جنهن سبب هن مُلڪ جو عوام ته خوف ۾ آهي ئي آهي، پر اُن جو سيڪ پوري دنيا ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي. اُن کان علاوه دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ جيڪڏهن ڪو واقعو پيش اچي ٿو ته شڪ واري آڱر سڀ کان پهريان اسان ڏانهن ئي کڄڻ لڳي ٿي. هڪ طرف اِها ساڳي ئي دُنيا آهي جيڪا الزام هڻندي رهي ٿي ته اسين دهشتگرديءَ خلاف ڪجهه نه پيا ڪريون، وري جو سرڪار ڪجهه ڪرڻ جو سوچي ئي مس ٿي ته پوري دنيا اصولن جا دفتر کولي ويهي ٿي. مڃون ٿا ته ڦاسيءَ جي سزا انتهائي قدم آهي، پر جيڪي ماڻهو سوَن جي تعداد ۾ جيئرن جاڳندڙ ماڻهن کي گوشت جي لوٿڙن ۾ تبديل ڪندي ويرم نٿا لاهين، جن ۾ انسانيت نالي ڪا شيءِ ناهي، آخر اُنهن سان ڪهڙي ناتي رعايت ڪئي وڃي ۽ ٻيو ته اُنهن پنهنجو پاڻ ۾ انسان هُجڻ جو آخر ڪهڙو گُڻ باقي ڇڏيو آهي. انساني مُنڍين سان فُٽ بال کيڏندڙن سان ڀلا ڪيئن ته نرميءَ وارو رويو رکيو وڃي.  اِها ڳالهه به دُنيا کي مڃڻ گهرجي ته جڏهن کان مُلڪ اندر ڦاسين وارين سزائن تي عمل شروع ٿيو آهي، تڏهن کان ڏوهي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ ماڻهو ڪنبڻ لڳا آهن. ٻيو ته مجرمن جا ساٿي دهشتگرد ڀيانڪ ڪارروائين ذريعي حڪومت مٿي زور وجهندا رهيا آهن ته سندن ساٿين جي سزائن تي عمل کي روڪيو وڃي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن موجوده سرڪار سزائن واري عمل کي روڪي ٿي ته اُن جو اڳي پوءِ اُنهن دهشتگرد ڌُرين کي ئي فائدو رسندو، جيڪي هن مُلڪ جي عوام کي تباهه ٿيندو ڏسڻ گهرن ٿيون. اسين سمجهون ٿا ڪنهن به مُلڪ کي پنهنجي سالميت ۽ بقا خاطر اُهي سڀئي اُپاءَ وٺڻ گهرجن، جيڪي ضروري هُجن ٿا. اُن ۾ دُنيا کي رُڪاوٽ وجهڻ بجاءِ مدد فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن دهشتگرديءَ جهڙي روڳ کان مُلڪ ۽ عوام جي جند آجي ڪرائي سگهجي. انهيءَ حوالي سان پاڪستاني سرڪار جيڪو موقف دُنيا آڏو رکيو آهي، اسين سمجهون ٿا اُهو وزنائتو آهي ۽ دُنيا کي پاڪستان جي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اهڙي ڪنهن به عمل ۾ رُڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي، جنهن سان دُنيا ۾ امن جي بحاليءَ جو خواب ساڀيان ٿيندو هُجي. اسين اُميد ٿا ڪريون ته پاڪستاني سرڪار دُنيا جي اهڙن مطالبن جو قانوني طور ڀرپور جواب ڏيندي، جيڪي مُلڪي امن ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ بڻجندا هُجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *