ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي سڀني جي مفاد ۾ آهي : وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي نئين سربراهه ايئرچيف مارشل سهيل امان ۽ فيصل آباد ڊويزن سان واسطو رکندڙ ن ليگ اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن سڀني جي مشاورت سان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن بعد صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪنهن وٽ به غير قانوني طور هٿيار رکڻ جو جواز ناهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان فيصل آباد ڊويزن سان واسطو رکندڙ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صوبي جي ترقياتي منصوبن،  ملڪ جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ هن وقت ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت جي قدمن سبب ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن   قومي مفاد ۾ آهي، آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن ۽ قتل، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ٻين ڏوهن جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي به غيرقانوني هٿيار رکڻ جو جواز ناهي، حڪومت کي ملڪ جي معاشي مرڪز ڪراچي  ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته سالن جي خرابي فوري طور ختم نٿي ڪري سگهجي، ان لاءِ وقت لڳي سگهي ٿو، ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي سڀني جي مفاد ۾ آهي. ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف سان هوائي فوج جي نئين سربراهه ايئرچيف مارشل سهيل امان به ملاقات ڪئي. وزيراعظم نواز شريف، سهيل امان کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون چيو ته کيس اميد آهي ته سهيل امان پنهنجي تجربي ذريعي وڌيڪ بهتر ڪردار ادا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *