سنڌ ۾ بدعنوانيءَ جا اعليٰ درجا ؛عاجز جمالي

سنڌ گذريل ڏينهن هڪ عظيم ايماندار ۽ بي باڪ سنڌي کان محروم ٿي وئي. راڻا ڀڳوانداس هن صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو ۽ سنڌ جو هڪ مثالي ڪردار هو. سنڌ جي سنڌي هندن جو شاندار ماضي ته سنڌ جي تاريخ جو جرڪندڙ باب آهي پر حال ۾ راڻا ڀڳوانداس جهڙا ڪردار تمام گهٽ ملندا. ڇو ته سنڌي سماج کي حڪمرانن هڪ اهڙي بدعنوان سماج ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي، جتي ايمانداري، صلاحيت، سچائي، اهليت ۽ انسانيت تيزيءَ سان بدعنوانين هٿان قتل ٿي رهيون هجن، اُتي راڻا ڀڳوانداس جهڙن ماڻهن جو وڇوڙو تاريخ لاءِ وڏي صدمي کان گهٽ ناهي.

اربعا ڏينهن شام جو ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر وهاب عباسي جي آفيس تي ڇاپو هڻي اينٽي ڪرپشن پوليس کيس گرفتار ڪيو آهي. مٿس ڪروڙين رپين جي بدعنوانين جا ڪيترائي ڪيس آهن. هن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جي ڪيس ۾ وهاب عباسي کي سزا ڏيئي چُڪي آهي ۽ حُڪم ڏنو آهي ته کانئس ننڍڙين نياڻين جي اسڪالرشپس جا لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ رپيا وصول ڪيا وڃن. اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر آصف اعجاز موجب وهاب عباسي پينشن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي بدعنواني ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي عباسي جي برطرفي جي هڪ سمري به موڪلي وئي آهي. ڇو ته تازو اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته موجوده دور ۾ به ماسترن جون خفيا ڀرتيون ٿيون آهن، جن ۾ وهاب عباسي به ملوث آهي. ان کان سواءِ مٿس ٻيا به ڪيترائي الزام آهن.

جنهن ڏينهن وهاب عباسي شام جو گرفتار ٿيو، اُن منجهند جو ئي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پرائمري استادن جو سندس خلاف احتجاجي مظاهرو ٿي رهيو هو. پ ٽ الف پريس رليز ۾ به وهاب عباسي تي ڪيترائي الزام هنيا هُئا، پر ڪجهه اهڙا الزام آهن جيڪي عالم آشڪار آهن. مثال پي اسڪيل، ٽائيم اسڪيل تي هر استاد کان ٻه کان ٽي هزار رپيا ورتا وڃن ٿا. اها شڪايت ڪراچي ۾ عام آهي. ٻي شڪايت اها هئي ته عباسي هر ماسترياڻي کي فون ڪري چوندو آهي ته منهنجي آفيس اچو ته اوهان جي بدلي ٿي ويندي.

وهاب عباسي پنهنجي هڪ ڪلرڪ سميت گرفتار ٿي ويو پر اُن جي گرفتاري کان پوءِ به سوال موجود آهي ته ڇا ٿيندو؟ هرڪو ڄاڻي ٿو ته ڪرپشن جو خاتمو ته ڪونهي ٿيڻو. ڇو ته سڄو تعليم کاتو وهاب عباسين سان ڀريل آهي. ٻيو سوال اِهو آهي ته ڇا وهاب عباسي ڏي وٺ ڪري واپس اچي ويندو؟ ممڪن آهي ته ساڳئي عهدي تي ويهي رهي. ٽيون سوال اهو آهي ته ڇا هن ڪرپشن جو مهندار اڪيلو ڊائريڪٽر تعليم ئي هوندو؟ تعليم کاتي اندر ٿيندڙ ڪرپشن ۾ وزير، سيڪريٽري، ايڊيشن سيڪريٽري ۽ ٻيا ماڻهو به شامل نه هوندا؟

تعليم اندر ٿيندڙ بدعنوانين ۾ پرائمري اسڪول کان وٺي سنڌ سيڪريٽريٽ تائين هڪ ڊگهي زنجير آهي، جنهن جون ڪڙيون سڄي سماج سان مليل آهن. گوسڙو ماسترن خلاف شروع ڪيل جدوجهد جو مقصد ئي اهو آهي ته هيٺ کان وٺي مٿي تائين بدعنوانين کي منظر تي آڻجي. اسين سڀ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسون ته اسان سڀ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جا ذميوار بڻجي رهيا آهيون ٻيو ته تعليم جي تباهي يا ڪرپشن خلاف آواز اُٿاريندڙ ڪجهه ماڻهن کي سماج ۾ ڪا وڏي پذيرائي ڪانه پئي ملي. پذيرائي نه ملڻ جا ٽي مقصد ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ته اسان جي سماج ۾ ڪرپشن ئي ڪونهي، ڪجهه مٿي ڦريل ماڻهو هروڀرو بڪواس پيا ڪن ۽ سرڪار کي بدنام پيا ڪن. ٻيو مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان سڀ پنهنجي تعليم سان سچا ئي ناهيون. اسان ڳالهيون تمام گهڻيون ڪريون ٿا، لٻاڙون هڻون ٿا، اسان جون سياسي پارٽيون، اسان جا دانشور، اسان جي نام نهاد سول سوسائٽي، قوم پرست، محب وطن، سنڌ پرست، وطن دوست، مُلڪ جا خير خواهه سڀ جو سڀ سمجهن ٿا ته اسان جو تعليمي نظام ٺيڪ آهي ته پوءِ آواز ڇو اُٿاريون؟ ٽيون مقصد اهو ٿي سگهي ٿو ته اسان سڀ ان ڪرپشن جو حصو آهيون، جنهن کي حڪمرانن پنهنجي فائدي لاءِ وجود ۾ آندو، پر ان ڪرپشن جي رقم مان سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان سڀ فيضياب ٿي رهيا آهيون. اسين سڀ پنهنجي اندر ۾ چور آهيون، ان ڪري ماٺ ڀلي سمجهي ماٺ ۾ ويٺا آهيون.

سنڌ کي حاڪمن هڪ ڪرپٽ سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو مڪمل طور تي حڪمرانن جي فائدي ۾ آهي. سندن لٽ مار کي اهڙي سماج ۾ فطري طور تحفظ ملي ويندو آهي. اهو هينئن ته هڪ سؤ رپئي جي ڪرپشن ۾ هڪ رپيو عوام کي به هڏيءَ جي صورت ۾ اڇلائي ڏجي، باقي نوانوي رپيا ڳڙڪائي ڇڏجن. هاڻي عوام جي نالي ڪرپشن جي هڪ رپئي جا وري اسان ڪيترائي ڀاڱي ڀائيوار آهيون، جن ۾ صحافي، ميڊيا، دانشور، اين جي اوز ۽ ننڍا سرڪاري ملازم شامل آهن، جيڪي هڪ رپئي خاطر نوانوي رپيا کائيندڙ حڪمرانن خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. اهڙي ريت سنڌي سماج مسلسل بدعنوان سماج بڻجي رهيو آهي.

ايئن ناهي ته ڪو باقي پاڪستان براين کان بچيل آهي، سڄو مُلڪي نظام ڪرپٽ آهي، پر سنڌ ۾ ڪرپشن جي شرح مسلسل وڌي رهي آهي. هر سرڪاري کاتو ڪرپٽ آهي. اُن ڪري سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف عوامي سطح تي جدوجهد ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته جن به سماجن ۾ رشوت، بدعنواني، بداخلاقي ۽ ڪرپشن جي انتها ٿيندي آهي، اهي سماج ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندا آهن. سنڌ پاڪستان جو خوشحال خطو آهي پر اُن باوجود بُک، بدحالي، غربت، بيروزگاري، مايوسي مسلسل وڌي رهي آهي. ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، خريداري جي سگهه مسلسل گهٽ ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو ڀلو ٿي رهيو آهي ته اهو صرف ڪرپٽ حڪمران ٽولي جو، جيڪو امير کان امير بڻجي رهيو آهي. سڄي سنڌ ۾ اهڙا هڪ هزار ماڻهو ئي هوندا، جيڪي مال ميڙڻ لاءِ ڪروڙين سنڌين جي قسمتن ۾ زهر ڀري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي ٻار کي غير مُلڪي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ لاءِ سڄي سنڌ جي تقدير جهالت سان لکي رهيا آهن. سنڌ جي هڪ وزير گذريل سال پنهنجي هڪ گرل فرينڊ جي سالگرهه تي کيس هڪ ڪروڙ رپين جي گاڏي سوکڙي ۾ ڏني. اها رقم سنڌ جي ڏتڙيل عوام جي ڪنهن ترقياتي اسڪيم جي هوندي. سڄو ڏينهن بُک بُک ڪندڙ اين جي اوز رُڳو سنڌ جي گذريل ڏهن سالن ۾ منظور ٿيل بجيٽ جا ڪاغذ ڏسن، اُنهن تي ڪا ريسرچ ڪن ته کين اندازو ٿي ويندو ته سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن جا پئسا ڪٿي خرچ ٿين ٿا. ڪا هڪ به اهڙي بجيٽ تقرير ناهي جنهن تي پنجاهه سيڪڙو به عمل ٿيو هُجي. مان سنڌ سرڪار جي ذميوارن کي چئلينج ٿو ڪريان ته هو بجيٽ دستاويز کڻي اچن ته مان سندن آڏو ثابت ڪندس ته سنڌ ۾ ڪيترا پئسا ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ٿيا آهن ۽ ڪيترا بدعنوانين جي نظر ٿيا آهن.

حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته اسان جي ميڊيا، اخبارون، ٽي وي، دانشور، صحافي ڪرپشن جي واقعن تي خاموش ڇو آهن؟ تبديلي جي هام هڻندڙ سنڌ ۾ انتها تي پهچندڙ ڪرپشن تي ماٺ ڇو آهن؟ تبديلي جو بنيادي نقطو ئي ڪرپشن جو خاتمو آهي. سماج مان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو ته ترقي ٿيندي، ترقي ٿيندي ته عوام جو ڀلو ٿيندو. ميرٽ ۽ ايمانداري کي جڳهه ملندي، پر وقت جي بدعنواني خلاف آواز اُٿارڻ سان ظاهر آهي ته وقت جي حاڪمن سان سڌي ريت ٽڪر کائڻو پوندو ۽ سڌي ريت ٽڪر کائڻ کان پوءِ حڪمران اوهان کي به اهوئي طعنو ته هڻندا نه، ته اوهان به ان ڪرپشن جو حصو آهيو. بلڪل اوهان ۽ اسان سڀ ان هڪ رپئي جي ڪرپشن ۾ شامل آهيون، جيڪو حاڪم اسان کي کارائي، نوانوي رپين جي بدعنواني ڪئي.

سو اڄ اسان سڀني کي سنڌ ۾ بدعنواني خلاف گڏيل آواز اُٿارڻ جي ضرورت آهي. سڄي سماج کي ڪرپٽ سماج بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ اچو ته پنهنجو پنهنجو فرض نڀايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *