باهمت ڪردار ؛مختيار علي وڪو

هونئن ته سڄي سنڌ ۾ امن امان جي حوالي سان صورتحال تمام گهڻي خراب آهي. پر حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جنهن جي صورتحال امن امان جي حوالي سان تمام گهڻي خراب ٿيندي پئي وئي. ڦرن، چورين، گهرن مان ڦرلٽ،  ڀتاخوري، ڏينهون ڏينهن ايتري قدر وڌندي وئي هئي جو ماڻهو پنهنجن  گهرن ۾ به محفوظ نه هئا، روزانو 15 کان 16 ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٿينديون رهنديون هيون، انهن ڦرن ۽ ڌاڙن دوران 3 کان 4 ماڻهو ڦورن سان مزاحمت ڪرڻ تي مارجي پڻ ويندا هئا. اها ته حيدرآباد شهر جي شهر وارن علائقن جي حالت هئي پر حيدرآباد ضلعي جي ٻهراڙين وارن علائقن جي به حالت ساڳي هئي، اتي به سج لهڻ شرط يا ڏينهن جو منجهند جي وقت ٻهراڙين جي لنڪ روڊن تي ڏوهاري ايندڙ ويندڙ غريب مسڪين ماڻهن کان موٽر سائيڪلون ۽ پئسا سرعام بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڦريندا رهندا هئا ۽ اهو سلسلو روزاني جاري هوندو هو، پر پوليس رڳو جاءِ واردات تي پهچندي هئي، بس پوءِ ٻن يا ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اهو مسئلو لئه مٽي ٿي ويندو هو. ان کان علاوه رات جو وري چور پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ ٻهراڙين جي غريب مسڪين ماڻهن جي ڳوٺن جو رُخ ڪندا هئا ۽ هٿيارن جي زور تي انهن غريب مسڪين ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي انهن جو پنهنجن ٻچن جي گذر سفر جي لاءِ پاليل چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا پر پوليس انهن غريب مسڪين ماڻهن جي چوري واپس ڪرائڻ بدران انهن ئي غريب مسڪين ماڻهن کان نامعلوم چورن خلاف رڳو اين سي داخل ڪرائڻ جا به پئسا وٺي، انهن کي اهو جواب ڏئي ڇڏيندي هئي ته بس هاڻي توهان وڃو، اسان چورن کي ڳوليون ٿا. پر انهن چورن کي پوليس ڳولڻ بدران ٿاڻي کان ٻاهر نه نڪرندي هئي. ڏوهارين حيدرآباد ضلعي ۾ پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا هئا. پر پوليس طرفان انهن تي ڪوبه اهڙو شديد ردعمل نه ٿي رهيو هو.  جنهن جي ڪري ڏوهاري بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي سرعام روڊن رستن تان ۽ گهرن مان هٿيارن جي زور تي غريب ماڻهن کان لکين روپيا ڦريندا رهندا هئا. ڪيترائي پوليس آفيسر حيدرآباد ضلعي ۾ آيا ۽ ويا پر ڪنهن به پوليس آفيسر حيدرآباد ضلعي کي ڪرائيم کان پاڪ نه ڪيو. گذريل 2 مهينن کان حيدرآباد ضلعي ۾ آيل هڪ نوجوان ايس ايس پي عرفان بلوچ کي جيئن ئي حيدرآباد ضلعي جي ايس ايس پي جي چارج ملي ته هُن نوجوان ايس ايس پي اچڻ سان ئي ڏوهارين خلاف سخت قسم جو آپريشن شروع ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ هن ڪيترن ئي ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا ۽ ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا.  انهن ڏوهارين خلاف هڪ سزا پڻ مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا سزا ڏوهارين کي گوڏن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪرڻ آهي. ان سزا کي اڪثر پوليس آفيسر هڪ محاوري طور پڻ استعمال ڪن ٿا ته اڄ جيڪي ڏوهاري پڪڙيا آهن، اهي جلد هاف فرائي ٿيندا. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي بدنام ڏوهارين سان مقابلا پڻ ڪيا، جيڪي ڏوهاري عوام مٿان عذاب بڻيل هئا. ڪيترائي ڏوهاري پوليس مقابلن ۾ مارجي پڻ ويا آهن. اهڙين ڪاررواين کانپوءِ حيدرآباد ضلعي مان ڏوهارين جو 95 سيڪڙو خاتمو اچي ويو آهي. عرفان بلوچ حيدرآباد ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرايو آهي ته وري حيدرآباد ضلعي جي شهرين ۽ واپارين به کيس بهترين موٽ ڏني آهي. جنهن جو مثال اهو آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ هر جڳهه تي سندس بينر لڳايا ويا آهن ۽ انهن بينرن تي اهو لکيو ويو آهي ته اسان حيدرآباد جي شير ايس ايس پي عرفان بلوچ کي حيدرآباد ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. ان کان علاوه ايس ايس پي عرفان بلوچ جو آپريشن رڳو ڏوهارين خلاف نه آهي پر  حيدرآباد ضلعي ۾ ڀتاخورن ۽ منشيات فروشن خلاف پڻ سخت ڪارروائي شامل آهي. جنهن جي ڪري حيدرآباد ضلعي مان ڀتاخوري پڻ 75 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي ۽ ڪافي ڪاروباري ماڻهو، فيڪٽرين جا مالڪ پڻ هن ايس ايس پي مان تمام گهڻو خوش آهن. ايس ايس عرفان بلوچ جي اهم ڳالهه اها پڻ آهي ته هو هر ماڻهو جي فون پڻ اٽينڊ ڪري ٿو پوءِ ڇو نه اهو غريب، مسڪين، پورهيت ماڻهو هجي.  ڀلي ڪير به هجي پر هي آفيسر ان جو جائز مسئلو هر حال ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس کاتي جي ماڻهن جا پروموشن ۽ ٻيا مسئلا حل ٿيندا رهن ٿا. انهن ۾ پوليس خلاف شڪايتن جو ازالو پڻ ٿئي ٿو.  حيدرآباد جو ڊي آءِ جي ثناءَ الله عباسي پڻ هڪ ايماندار آفيسر آهي، جنهن جو پڻ هن  ايس ايس پي  سان تمام گهڻو تعاون شامل آهي.  هونئن به چوڻي آهي ته هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي. اهڙي نموني ڪارروايون  اڪيلو ايس ايس پي شايد نه ڪري سگهي ها. جهڙي نموني ثناءَ الله عباسي جي سهاري هجڻ سبب هو ڪري سگهيو آهي. حيدرآباد جي شهرين جو اهو به چوڻ آهي ته ايس ايس پي عرفان بلوچ کي گهٽ ۾ گهٽ 2 سال حيدرآباد ضلعي ۾ ڏنا وڃن ته جيئن هو ڏوهارين ۽ ڀتاخورن جو حيدرآباد ضلعي مان مڪمل خاتمو آڻي سگهي. حيدرآباد ضلعي جي ايس ايس پي عرفان بلوچ جي ڏوهارين خلاف ڪارروائي کانپوءِ خيرپور ضلعي ۾ اي ايس پي مسعود بنگش به ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي آهي، جنهن کي سياسي مداخلت سبب هٽايو ويو هو. پر شهرين پاران ايس ايس پي  جي بدلي روڪرائڻ جي لاءِ مسلسل 3 ڏينهن شهر ۾ هڙتال ڪئي وئي ۽ شهر بند ڪرايو ويو. وزيراعليٰ سنڌ خيرپور پهچڻ تي شهرين پاران ان جو گهيراءُ  ڪري اي ايس پي مسعود بنگش جي بدلي روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.  جنهن کان پوءِ و زيراعليٰ سنڌ پڻ بدلي روڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي  خيرپور ۾ وساڻ هائوس پهتو،  جتي  اي ايس پي خيرپور جي بدلي روڪي وئي. سنڌ حڪومت  کي گهرجي ته سنڌ پوليس مان سياسي مداخلت فوري طور تي ختم ڪري ته جيئن امن امان قائم ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *