سنڌ ۾ 21 مدرسا سيل ڪيا ويا

 

سنڌ ۾ غيرقانوني مدرسن کي سيل ڪرڻ جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو جڏهن ته پابندي پيل دهشتگرد تنظيمن جا اڳواڻ به گرفتار ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن حيدرآباد پوليس ڪالهه ٻي ڏينهن به ضلعي جي مختلف علائقن ۾لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جا وڌيڪ 6 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، اهڙي ريت حيدرآباد ضلعي ۾ ٻن ڏينهن اندر لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد پوليس پاران سيل ڪيل غير رجسٽرڊ 25 مدرسن مان 10 مدرسن کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته دادو جي اي سيڪشن پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ 5 غير رجسٽر مردسن مدرسه القادريه، مدرسه اويسيه، مدرسه جامع عربيه مصطفيٰ، مدرسه القادريه عربيه، سميت عورت جي مدرسي مدرسه فاطمته الزهره ليڊيز، کي پڻ سيل ڪري ڇڏيو، بي سيڪشن پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي 6 غير رجسٽرڊ مدرسن کي سيل ڪيو جن ۾ مدرسا داروالعلوم، مدرسه جامعه انوار الشرفيا، مدرسه عربيه مدينت العلوم، مدرسه صاحب العصر جوهي لنڪ روڊ، مدرسه العريبه انوار القران، مدرسه عربيه اسلاميه انوار العلوم شامل آهن.ٻئي پاسي ڏهرڪي مان پابندي پيل جهادي تنظيمن سان واسطو رکندڙ شڪي گرفتار ڪيو ويو پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي گهوٽڪي ابرار حسين نيڪوڪار ٻڌايو ته ڏهرڪي پوليس ڪاروائي ڪري محمد سعيد ولد همت علي راجپوت کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪو پنجاب جي تعلقي رينالا ڪرد جو رهواسي آهي، جنهن وٽان هڪ خنجر، جهادي مواد، جيڪٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گرفتار شخص پنهنجو تعلق جيش محمد ۽ تحريڪ انصاف سان ٻڌائي رهيو آهي، جنهن جا هٿيار کڻي بيٺل مختلف ماڻهن سان فوٽو پڻ نڪتل آهن، ان موقعي تي گرفتار سعيد راجپوت ٻڌايو ته عبدالقادر منهنجو دوست آهي، سندس گهر واري فاطمه دايو پڻ جيش محمد لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ٻيا ساٿي به هتي ڪم ڪن پيا. عبدالقادر ٻڌائيندو آهي ته اسان جي تنظيم ڪشمير، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ جهاد ڪندي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٽيمون جوڙي رهي آهي. هوڏانهن ڏوڪري ۾ ايئرپورٽ پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪيو جيڪو پنهنجو نالو قاسم ۽ رهائش پنجاب جي ٻڌائي ٿو، جيڪو شهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود هو، ان شخص بابت طالبان هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن بابت پوليس وڌيڪ جاچ ڪري پئي. مٽياري ضلعي اندر نيشنل ايڪشن پلان تحت ضلعي ۾غير رجسٽرڊ مدرسن خلاف ڪارروائي ڪندي 10 مدرسن جن ۾ مدرسه عثمانيه مٽياري، مدرسه عربيه دارالعلوم امينه پنج مورو، مدرسه تعليم القرآن پنج مورو، مدرسه الفلاح ڀٽ شاهه، مدرسه جامع صديقي مٽياري، درگاه سيد ڏنو مٽياري، مدرسه جامع اماميه بچل وريه لڳ اڏيرو لال، مدرسه دارالعلوم قاسميه بچل وريه لڳ اڏيرو لال، تجويزالقرآن لڳ الهڏنو ساند کي سيل ڪيو ويو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *